Pages

Sunday 25 June 2017

پاناما ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو؟

صاحب خان ڀٽي
عيد کانپوءِ  ملڪ اندر سياسي منظر ٿورو تبديل نظر ايندو ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي حتمي  رپورٽ 10 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي رهي آهي، وزيراعظم نوازشريف، سندس وڏي پٽ حسين نواز ۽ ننڍي پٽ حسن نواز جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف جي ناٺي ڪيپٽن صفدر جو به بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ به جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجو  بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي،  حديبيه  پيپرز ۽ لنڊن جي فليٽس بابت به وزيراعظم جي ڪٽنب کان پڇا ڳاڇا ٿي چڪي آهي ۽ ان حوالي سان جي آءِ ٽي پنهنجيون رپورٽون به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي رهي آهي، 
عيد کانپوءِ  هڪ ڀيرو ٻيهر  پاناما ليڪس تي سياست چمڪائڻ وارو سلسلو شروع ٿي  ويندو، ٿي سگهي ٿو ته فيصلو وزيراعظم نوازشريف جي حق ۾ به اچي ڇاڪاڻ ته جيڪا به جاچ هن وقت تائين ٿي چڪي آهي، اها صرف وزيراعظم نوازشريف جي ڪٽنب کان ٿي آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته وزيراعظم نوازشريف  کي ان  مان ڪو به نقصان نه پهچندو، باقي رهي ڳالهه حديبيه پيپرز جي  ته ان حوالي سان  ميڊيا رپورٽس ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير  شهباز شريف کان ان حوالي سان پڇا ڳاڇا ٿي چڪي آهي،
جئين ته مُملڪتي وزير مريم اورنگزيب  ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي پريس بريفنگ چئي چڪي آهي ته پاناما ليڪس بابت جيڪي جاچ ٿي رهي آهي،  اها جاچ ڪرپشن يا مني لانڊرنگ جي نه آهي پر اها جاچ صرف آف شور ڪمپنين جي آهي،  جيڪي ماڻهو جي آءِ ٽي آڏو  پيش ٿي رهيا آهن اهي صرف گواهه طور پيش ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو پاناما ليڪس ۾ نالو نه آهي. بهرحال هن وقت ملڪ اندر هڪ ته دهشتگردي عروج تي آهي ته مٿان وري پاناما جو راڳ به هلي رهيو آهي، ٻنهي جي هوندي ملڪ اندر عوام ڪهڙي ريت سک سان ويهي ٿي سگهي، حڪمرانن ۽ سياسي اڳواڻن جو سڄو ڌيان صرف پاناما تي آهي ۽ امن امان جي صورتحال تي به صرف خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي،
جيتوڻيڪ هن وقت وزيراعظم نوازشريف ڪٽنب سميت ملڪ ٻاهر آهي پر ان باوجود پاناما ليڪس بابت سياست چمڪائڻ  وارو سلسلو جاري آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به سياسي اڳواڻ  ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي تي ڪو سنجيده بيان نه ڏنو آهي، جنهن مان اهو محسوس ٿئي ته هن ملڪ اندر به ڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪا تحريڪ هلندي هجي.هڪ طرف عيد ته ٻي طرف وري دهشتگردي ٿي رهي آهي ۽ حڪمران ملڪ کان ٻاهر آهن،  هڪڙا سياستدان پاناما تي سياست چمڪائي رهيا آهن ته هڪڙا وري ايندڙ چونڊن جي خوشي ۾ مست نظر اچي رهيا آهن جيڪي اهي خواب به ڏسي رهيا آهن ته ايندڙ چونڊن ۾ هو ملڪ اندر ڪاميابي ماڻي ملڪ جون واڳون  سنڀاليندا،  هونئن ته وچ اوڀر جي صورتحال به انتهائي خراب آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف کي به وچ اوڀر جي اچي ڳڻتي ورايو آهي پر کيس هن ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي بابت ڪا به ڳڻتي نه آهي، ٻين ملڪن ۾ جڏهن ڪا وڏي دهشتگردي ڪارروائي ٿيندي آهي ته اتان جا حڪمران فوري طور عوام کي خطاب ڪري  ان حوالي سان آگاهي ڏيندا آهن  پر افسوس جو هن ملڪ جا حڪمران ته دهشتگردي وقت ملڪ کان ٻاهر هوندا آهن،
جيڪڏهن هن ملڪ اندر موجود به هوندا  آهن ته انهن کي خطاب ڪرڻ جي به ڪا زحمت نه ٿيندي آهي اهي صرف  بيان ڏئي پنهنجو فرض پورو سمجهندا آهن. هن وقت ملڪ اندر پارا چنارا جهڙو وڏو سانحو   پيش آيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳت 68 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.  ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ به ڌماڪو ٿيو هو ان ۾ به 14 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ، ڪراچي ۾ به پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو هو. بهرحال هن وقت  حڪمرانن کي ان جي ڪا پرواهه به نه هوندي ڇاڪاڻ ته اهي  ادارن آڏو پيش ٿي رهيا آهن ۽ انهن کان سوال به ڪيا پيا وڃن، جئين ته وزيراعظم نوازشريف جي ٻنهي پٽن کان پڇاڻو ٿي چڪو آهي ۽ وزيراعظم پاڻ به جي آءِ ٽي آڏو پيش بيان رڪارڊ  ڪرائي چڪو آهي، جنهن تي تحريڪ انصاف وارا تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن ۽ بيان ڏنا پيا وڃن ته وزيراعظم نوازشريف کي  جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ  جو ڪريڊٽ  عمران خان ڏانهن وڃي ٿو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به نه آهي ته وزيراعظم نوازشريف کي  جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ عمران خان تي هلندڙ ڪيسن جو ڪريڊٽ  وري وزيراعظم نوازشريف ڏانهن وڃي ٿو، مطلب ته ٻنهي پارٽين ۾ هاڻ عدالتي جنگ هلي رهي آهي،  شروع ۾ روڊن تي جنگ هلي جنهن ۾ تحريڪ انصاف تي وڏي تنقيد به ٿي ڇاڪاڻ ته عمران خان جيڪي به جلسا ٿيندا هئا ان ۾ عورتن جي تذليل به ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن ميڊيا تي اهڙيون خبرون هلنديون هيون ته تحريڪ انصاف وارا تمام گهڻو ناراض به ٿيندا آهن، مطلب ته تحريڪ انصاف وارا عورت  جي تذليل ڪندڙن تي نه ڪاوڙبا هئا پر اهي ميڊيا تي ڪاوڙبا هئا ته اهي آخر ڇو اهڙيون خبرون ڏيکاريا آهن،
جئين ته هن وقت تحريڪ انصاف وارا سوشل ميڊيا کي وڏو هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙي ريت جڏهن به تحريڪ انصاف جا جلسا ٿيندا هئا ۽ انهن جلسن ۾ عورتن جي تذليل ٿيندي هئي ته اهي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويندا هئا ۽ مجبور  ٽي وي چينلن کي به ڏيکارڻو پوندو هو، بهرحال جي آءِ ٽي ته پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري رهي آهي ۽ عيد کانپوءِ حتمي رپورٽ به پيش ڪئي  وئي ويندي پر  وزيراعظم نوازشريف جو عيد کان پوءِ ڇا ٿيندو ان بابت هن وقت چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف چونڊن ۾ اچي تمام ٿورو وقت رهيو آهي ۽ ڪا به سياسي پارٽي نه چاهيندي ته جمهوريت ڊي ريل ٿئي پر تحريڪ انصاف جي ته شروعات کان ئي اها ڪوشش رهي آهي ته چونڊون وقت کان اڳ ٿين پر پيپلزپارٽي اهڙو ڪا به هن وقت تائين خواهش ظاهر نه ڪئي  آهي ۽ نه اهڙو ڪو بيان ڏنو ويو آهي جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي  سگهي ته پيپلزپارٽي به چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ چاهي ٿي.
هونئن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو چئي چڪو  آهي ته پاناما ليڪس جو فيصلو جيڪو به اچي قومي سياست تي ڪو به اثر نه پوندو ۽ اهو به چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ جيڪي به ڳالهيون  آهن انهن سان عدالت مطئمن نه ٿي سگهي  آهي. جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو بيان ڏنو وقت هن اهو به چيو هو ته کيس لڳي ٿو ته عمران خان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندو. ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته سيد مراد علي مطلب ته پيپلزپارٽي به هاڻ سمجهي چڪي آهي ته تحريڪ انصاف چئني صوبن ۾ آهستي آهستي پکڙجي رهي آهي ۽  ايندڙ چونڊن ۾ کوڙ ساريون سيٽون ٻوهاري  وٺندي. هونئن ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي اهو چئي چڪي آهي ته  ساڻن ڪو به سهڪار ه پيو ڪري ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ  ان حوالي سان ڪاوڙ جو به اظهار ڪري چڪي آهي.  هاڻ ڏسڻو  اهو آهي ته عيد کانپوءِ ڪهڙي ريت وزيراعظم نوازشريف پنهنجي ڪٽنب کي پاناما ليڪس جي ڌٻڻ مان بچائي.

No comments:

Post a Comment