Pages

Saturday 24 June 2017

پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ تضحيڪ

صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ ٻئي جي ايئن سامهون اچي ويون آهن جئين ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪا ڪرڪيٽ ميچ ٿي رهي هجي ۽ سڄو عوام ٻنهي مان هڪ  جي کٽڻ جو انتظار ڪندو هجي. جڏهن کان پاناما ليڪس وارو معاملو شرو ٿيو آهي، تنهن ڏينهن کان ملڪ اندر صرف پاناما جو راڳ ئي ٻڌڻ ۾ آيو آهي، سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملو ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو نه آهي پر اهو معاملو آف شور ڪمپنين جو آهي. اهڙي بيان کان پوءِ لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف به خاموش نه ويهندو ڇاڪاڻ شروع کان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اها چوندو رهيو آهي ته ملڪ جو پيسو لٽي لنڊن ۾ ملڪيت ٺاهي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين هڪ ٻه ڏينهن اڳ پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته پي ٽي آءِ عوام سان ملڪ مان لٽيل پيسو واپس واعدو ڪيو هو ۽ وزيراعظم نوازشريف جو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ئي وڃي ٿو.
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نواشريف ڪو پهريون وزيراعظم نه آهي، جيڪو ادارن آڏو پيش ٿيو هجي ان کان اڳ ٻيا به وزيراعظم عدالتن آڏو پيش ٿي چڪا آهن ۽ نااهل به قرار به ڏنا ويا آهن پر  ڪجهه نواز ليگ اڳواڻ اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته وزيراعظم نوازشريف جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي تاريخ رقم ڪئي آهي، پر ائين ناهي، ڇا ڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف ان اداري آڏو پيش ٿيو آهي، جنهن جا آفيسر سندس ماتحت آهن ۽ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب به چئي چڪي آهي ته  سپريم ڪورٽ پاران پاناما ليڪس بابت جوڙيل جاچ ٽيم جي آءِ ٽي آڏو وزيراعظم پيش ٿيو جيڪو سندن لاءِ فخر جوڳو عمل آهي ۽ هن اهو به واضع ڪيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف ٽن نسلن جو حساب ڏنو آهي،  جيڪي ماڻهو جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي رهيا آهن، انهن جو پاناما ليڪس ۾ نالو آهي ۽ اهي شاهد طور پيش ٿي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جو سربراهه جيڪو ٻين کي ليڪچر ڏئي رهيو  آهي، اهو پاڻ عدالتن مان  فرار آهي.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽  نواز سرڪار جي بيان ڏانهن ڌيان ڏينداسين ته لڳي رهيو آهي ته فيصلو هاڻ فائنل رائونڊ ۾ داخل ٿي ويو آهي، جئين ته چونڊون به ويجهو اچي چڪيون آهن ته فيصلو به هاڻ جلد اچي ويندو، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ به پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي 60 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي جنهن کي به 45 ڏينهن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان حوالي سان جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ سپريم ڪورٽ ۾ پاناما بابت ٿيل اڳڀرائي جي ٽئين رپورٽ به داخل ڪرائي چڪو آهي ۽ سپريم ڪورٽ پاران به صاف صاف طور واضع ڪيو ويو آهي ته  جاچ لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو ۽ عدالت ۾ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ  به سپريم ڪورٽ ۾ اهو چئي چڪو آهي ته هو جاچ  مقرر وقت مڪمل ڪندا ۽ عيد تي به صرف هڪ ڏينهن موڪل ڪئي ويندي، جڏهن ته وڏي به چيو آهي ته پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سان ادارا سهڪار نه ڪري رهيا آهن.
هونئنءَ ته ڪجهه ڏينهن اڳ جي آءِ ٽي ميمبرن کي به ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حراسان ڪرڻ جون خبرون هليون هيون ۽ ان حوالي سان نواز ليگ سينيٽر نهال هاشمي خلاف به عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته جيڪي وزيراعظم نوازشريف جي اولاد جو احتساب ڪري رهيا آهن انهن جي لاءِ پاڪستان جي سرزمين تن ڪئي ويندي، جڏهن ته نهال هاشمي عدالت ۾ واضح ڪري چڪو آهي ته هن ڪنهن به اداري کي ڌمڪيون نه ڏنيون آهن ۽ نه هن پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن جي آءِ ٽي جي ميمبر جو نالو کنيو آهي، بهرحال هن وقت پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم کي ڪجهه ڏينهن ئي بچيا آهن مطلب ته 7 جولاءِ تي پاناما ليڪس بابت جاچ ڪندڙ ٽيم کي حتمي رپورٽ پيش ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته جي آءِ وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس پٽ حسين نواز ۽ حسن نواز کان به پڇا ڳاڇا  ڪري چڪي آهي، ايتري قدر جو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان به جي آءِ ٽي بيان ورتو آهي، ڪجهه ذريعا چئي رهيا آهن ته شهباز شريف کان حديبيه پيپرز بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته ڪجهه وري لنڊن فليٽس سميت آف شور ڪمپنين بابت پڇاڻي جو ٻڌائي رهيا آهن،
رهي ڳالهه وزيرياعظم نواز شريف جي وڏي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ته سپريم ڪورٽ به اهڙي معاملي کي پاسي تي ڪندي ويڊيو رڪارڊنگ کي جائز قرار ڏنو آهي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز  حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري ڪيس جي عدالتي فيصلي اچڻ کان اڳ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته پاڪستان جي قانون ۾ وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت نه آهي ۽ هو قانون ۽ ملڪ جي آئين جي تحت سپريم ڪورٽ ۾ تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي عدالت جو در کڙڪايو هو. بهرحال هاڻ عدالت وڊيو رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، رهي ڳالهه تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ته اهڙي فيصلي کانپوءِ هاڻ شايد ان تي سياست نه ڪئي ويندي. باقي رهي ڳالهه پاناما ليڪس جي ته هو به شايد عيد کان پوءِ حل ٿي ويندو، مطلب ته ڪو نه ڪو فيصلو ضرور اچي ويندو  پر پي ٽي آءِ  ۽ نواز ليگ جو اهڙو جهيڙو هلندو رهندو ڇاڪاڻ ته نواز ليگ  چئي رهي آهي ته  هر دور ۾ سندن احساب ٿيو آهي.
پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ نواز سرڪار جو احتساب ڪيو ويو ته آمريت ۾ نواز سرڪار جو احتساب ڪيو، بهرحال  پاناما ليڪس واري معاملي کان پوءِ  جهڙي ريت قومي ادارن کي گهليو ويو آهي ان جو مثال تاريخ ۾نه ٿو ملي ڇاڪاڻ ته پاناما ليڪس تي سياست ڪندڙ پارٽيون هن وقت ٿورو خاموش آهن ڇاڪاڻ ته عمران خان به مختلف ڪيسن کي منهن ڏينهن رهيو آهي،  هڪ طرف مٿس  يهودين ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ اوري ڪيس کي ڏئي رهيو آهي تي ٻي طرف وري مٿس نااهلي ۽ توهين عدالت ڪيس به هلي رهيو آهي. هونءَ ته تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران خان تي نواز ليگ سرڪار اهو الزام لڳائيندا رهيا آهن ته عمران خان پيش نه ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن به پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کان جواب طلب ڪيو ويو هو، جيڪو به تحريڪ انصاف طرفان جواب جمع ناهي ڪرايو ويو، مطلب ته هن وقت تحريڪ انصاف ۽ نواز سرڪار وچ ۾ عدالتي جنگ هلي رهي آهي.
هاڻ اها  جنگ شايد چونڊن ان اڳ ختم نه ٿي سگهندي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ پاناما ڪيس سميت مختلف مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي رهيون آهن ۽ اهي ٻئي جماعتون ايندڙ  چونڊن ۾ ڪيتريون سيٽيون کڻنديون هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته ظاهري طور واضح ٿي چڪي آهي ته  جيڪڏهن ملڪ ۾ هن ڀيري چونڊون ٿيون ته ڪا به پارٽي اڪثريت ۾ ڪامياب نه ٿيندي ۽ نه هن وقت ڪا اهڙي پارٽي نظر اچي رهي آهي جيڪا چئن صوبن ۾ اڪثريت ۾ هجي ۽ عوام ان کي ووٽ ڏئي. بهرحال هن وقت  نوازسرڪار ۽ تحريڪ انصاف ۾ ڪرپشن جو ورلڊ ڪپ جاري  آهي، جيڪو هن وقت فائنل ۾ داخل ٿي چڪو آهي پر افسوس جو هن وقت تائين تحريڪ انصاف ڪو خاص سياسي ڌڪ نواز ليگ کي نه پهچائي سگهيو  آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان  جي عدالت وڃڻ کان پوءِ نواز سرڪار به عمران خان خلاف عدالت وئي  ۽ هاڻ ٻنهي پارٽين تي ڪيسن جون ٻڌڻيون هلي رهيون آهن،
 هاڻ جيڪو ڪجهه ٿيندو عيد کان پوءِ ٿيندو.  رهي ڳالهه قومي ادارن جي تضحيڪ جي ته اهو بحث به ملڪ اندر هلي رهيو آهي ته قومي ادارن جي تضحيڪ ڪئي پئي وڃي ۽ تضحيڪ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي جو ڪنهن وڏي اداري بيان ڏئي واپس ورتو هجي، هن وقت سوشل ميڊيا تي نواسرڪار ۽ قومي ادارا تمام گهڻو ڪاوڙيل آهن ڇاڪاڻ ته عوام جيڪو ڪجهه ڏسي رهي آهي جيڪو ڪجهه انهن کي غلط نظر اچي رهيو آهي ته ان جي اظهار وري سوشل ميڊيا تي ڪيو پيو وڃي پر اهو اظهار  هتان جي ادارن کي پسند نه آهي، جنهن سبب انهن کي غدار تصور ڪري انهن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي،
تحريڪ انصاف به اهو ئي چئي رهي آهي ته هنن جي ڪارڪنن کي ايف آءِ اي گرفتار ڪري رهي آهي  هونءَ ته گهرو وزير چوڌري نثار به ڪجهه ڏينهن اڳ تقرير ڪندي چيو هو ته سوشل ميڊيا تي قومي ادارن جي تضحيڪ ڪئي پئي وڃي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان گهرو وزير ڪارروائي جون هدايتون به جاري ڪيون هيون. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا تي قومي ادارن تي ڪڏهن به آڱريون نه کڄيون  آهن پر پاناما ليڪس بعد نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ قومي ادارن پارن ڪيل فيصلن تي جيڪو بحث سوشل ميڊيا تي ٿيو آهي اهو ڪٿي به نظر نه آيو آهي، جنهن کي نه نواسرڪار برداشت ڪري رهي آهي ۽ نه ئي وري هتان جا قومي ادارا برداشت ڪري رهيا آهن.  

No comments:

Post a Comment