Pages

Saturday 26 May 2018

رضا رباني ڪير سڏائي؟


صاحب خان ڀٽي

ملڪ جي سياست ۾ هلچل مائيندڙ ڪجهه ئي شخصيتون هونديون آهن، جيڪي ثابت قدم رهي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهنديون آهن،  جن جو مقصد رڳو عوام ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي هوندو آهي ۽ انهن شخصيتن جي مقبوليت عوام ۾ تمام گهڻي هوندي آهي، انهن جو هڪ هڪ لفظ عوام تي تمام گهڻو اثر ڪندو آهي ۽ اهي جنهن پارٽي ۾ هوندا آهن ۽ اُن پارٽي جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن ۽ اها پارٽي چاهي به ته انهن جو معيار گهٽائي ناهي سگهندي، ڇاڪاڻ ته  انهن جي سچائي ئي عوام کي تمام گهڻو پسند هوندي آهن، انهن شخصيتن مان رضا رباني  به هڪ آهي،  جنهن مارشل لا جو دور هجي يا وري جمهوريت هجي، هو هميشه پنهنجي موقف تي قائم رهيو آهي.
رضا رباني 23 جولاءِ 1953ع ۾ لاهور ۾ جنم ورتو ۽ هن پنهنجو ننڍ پڻ ڪراچي ۾ ئي گذاريو، رضا رباني پنهنجي شروعاتي تعليم حبيب پبلڪ اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي، رضا بارني 1976ع  ۽ 1981ع ۾ بي اي (BA ) ۽ ( LLB- Bachelor of Law )  جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، رضا رباني يونيورسٽي جي دور پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي ۽ 1974ع ۾ لبرل اسٽوڊنٽس فيڊرشن ۾ سرگرم ٿي ويو، رضا رباني جيل جون سختيون به برداشت ڪيون، جڏهن ضياءُ الحق جو دور هو ته اُن وقت به پنهنجي مقصدن تان نه هٽيو ۽ آمريت آڏو نه جهڪيو.
1981ع ۾ جڏهن هن (LLB ) جي ڊگري حاصل ڪئي ته پوءِ اُن کانپوءِ هن باقائدا  لا جي پريڪٽس به ڪئي. رضا رباني پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1981ع ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان ڪئي. هو 1988ع ۾ پيپلزپارٽي جي  پليٽ فارم تان ايوان جو ميمبر به چونڊيو ويو ۽ هن 1988ع کان 1990 ع تائين سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار طور به پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.1993ع ۾ رضا رباني سينيٽر چونڊيو ويو  ۽ 1999ع تائين سينٽير طور مقرر رهيو ۽ 1994ع جي ڪيبنيٽ ۾ به رهيو، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ کيس قانون ۽ انصاف وارو وزير به بڻايو ويو. جتي هن 1996ع تائين پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
1996ع ۾ رضا رباني سينيٽ جو ڊپٽي اپوزيشن ليڊر به چونڊيو ويو، 1997ع ۾ شهيد متحرمه بينظير ڀٽو کيس پيپلزپارٽي جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل به بڻايو. 2003ع  ۾ کيس ٻيهر سينيٽر چونڊو ويو. رضا رباني 2005ع کان 2008ع تائين سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر  رهيو، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ ٻيهر 2008ع ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ته رضا رباني کي وفاقي ڪابينا جو ميمبر بڻايو ويو ۽ اُن کان پوءِ کيس سينيٽ چيئرمين به بڻايو ويو ويو، ايتري قدر جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوهه به سينيٽ کي ملڪي ۽ پرڏيهي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ماڻهن جي گم ٿيل وارو معاملو هجي يا  وري عسڪري ۽ سول لاڳاپا هجن، هي شخص پنهنجو اصل موقف بنا ڪنهن خوف جي ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. ڪيترائي  سياستدانن آهن، جن ۾ نوازشريف به شامل آهي، جيڪو ڪڏهن به کليل نموين طور نه ڳالهائيندو آهي ۽ لڪيل ڳالهيون، مطلب ته اشارن ۾ ڳالهائيندو آهي پر هي رضا رباني کي جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو آهي، اهوچئي ڇڏيندو آهي.
جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگرد ماڻهن کي ماري رهيا هئا ته اُن وقت به هو  بيان جاري ڪندو هو. رضا رباني اُن وقت به چوندو هو ته شهيد ڀٽو آمريت خلاف جدوجهد ڪراچي مان شروع ڪئي، ڪراچي ۾ پ پ ڪارڪنن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، اسان لاش ڍوئيندا رهنداسين پر ڪراچي جون رونقون ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. ايتري قدر جو جڏهن به ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ته اُن وقت به جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو، سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني تازين سينيٽ جي چونڊن ۾ مبينا هارس ٽريڊنگ بابت بيان ڏنو ته سينيٽ  جي تازين چونڊن کانپوءِ سموريون سياسي پارٽيون هارس ٽريڊنگ جون دانهون ڪري رهيون آهن، پر اسان پارليامينٽ ۾ هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ قانون سازي جو مسودو ٺاهيوهو پر سينيٽ جي ڪميٽي ۾ شامل سڀني سياسي پارٽين جي ميمبرن ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو هو. رضا رباني سينيٽ ۾ الوداعي خطاب ڪندي هن چيو هو ته ”زميني حقيقت اها آهي ته فوج ملڪي سياست جي اهم ڌُر آهي، سينيٽ منهنجي دور ۾ ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ روڪڻ لاءِ انٽرا انسٽٽيوشن ڊائلاگ شروع ڪرايو.
سينيٽ چيئرمين رضا رباني چوندو آهي ته، منهنجا پنهنجا اصول آهن، ڪنڌ ڪپائي سگهان ٿو پر اصولن تي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهان، مون سدائين آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ڪنهن جي ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي، سينيٽ ۾ ايڪيهين آئيني ترميم جي گڏيل منظوري کانپوءِ سينيٽر ميان رضا رباني روئي ويٺو هو ۽ چيو هو ته جيترو شرمشار مان اڄ آهيان ايترو اڳ نه هيس، ضمير خلاف ووٽ ڏنو، ميان رضا رباني چيو هو ته ووٽ پارٽي جي امانت هيو جيڪا مون ذميواري پوري ڪري ڇڏي، آئينده جو لائحه عمل منهنجي مٿان آهي، اڄ ضمير خلاف ووٽ ڏنو، هاڻ جڏهن ٻن حساس ادارن جي ڪتاب جو بحث هلي رهيو آهي ته اُن وقت به اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته حيرت آهي ته هڪ طرف ڀارت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خراب ترين سطح تي آهن، ٻي طرف ٻنهي ملڪن جي ڳجهين ايجنسين جي اڳوڻن سربراهن جي ڪتاب جي مهورت ٿي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي پاڪ ڀارت جي ڳجهي ايجنسين جي اڳوڻن سربراهن جو ڪتاب شايع ٿيو اهو ننڍو مسئلو ناهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ خراب لاڳاپن جو هڪ سلسلو آهي، ڪتاب اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ را جي اڳوڻي سربراهه گڏجي لکيو آهي. ڇا جنرل دراني پنهنجي اداري يا وفاقي حڪومت کان ڪتاب لکڻ جي اجازت ورتي آهي، اجازت نه گهري ته ڇا جنرل اسد دراني وفاقي حڪومت يا بچاءَ واري وزير کي آگاهه ڪيو هو، اهو ڪتاب ڪنهن سويلين يا سياستدان ڀارتي هم منصب سان گڏجي لکيو ويو هجي ها ته غداري جا فتويٰ جاري ٿين ها.
بهرحال  اهڙي بهادري سان ڳالهائيندڙ  هن ملڪ ۾ هڪ عورت  به هئي، جيڪا ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير هئي، جيڪا به عدالت هجي يا ڪهڙو به پليٽ فارم هو، هميشه سچ ڳالهائڻ کان نه لنوائيندي هئي. هميشه ڪنڌ اونچو ڪري هلندي هئي. هن وقت ملڪ ۾ ڪجهه شخصيتون بچيون آهن، جيڪي مقدس ڳئن خلاف به ڳلهائڻ کان نه لنوائينديون آهن. انهن مان رضا رباني به آهي، سندس سياسي ڪيريئر ٻين سڀني سياستدانن کان اڇو ۽ اجرو آهي، نه هو لساني بنياد تي ڳالهائيندو آهي ۽ نه ئي وري سياست ۾ گندي ٻولي استعمال ڪندو آهي، هونئن ته اسان جي ملڪ ۾ سياستدان هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ ۾ ماهر ٿي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ جو موقعو نه ڇڏيندا آهن پر رضا رباني سياست ۾ اڄ تائين اهڙو ڪو به گٿو لفظ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن سان خراب رويو اختيار ڪيو هو، ڪجهه ماڻهن کي شايد رضا رباني پسند به نه هجي ڇاڪاڻ ته هو انهن ماڻهن  جو نقاب لاهيندو آهي، جيڪي هميشه پنهنجي تعريف ٻڌڻ پسند ڪندا آهن ۽ رڳو پنهنجي حمايت ڪندڙ کي سٺو سمجهندا آهن.  پر رضا رباني انسانيت کي مقدس سمجهندو آهي ۽ غلط کي غلط  ۽ صحيحي کي صحيحي  چوندو  آهي.

No comments:

Post a Comment