Pages

Saturday 5 May 2018

سپريم ڪورٽ جا فيصلا ۽ عوام جو وڌندڙ اعتماد


صاحب خان ڀٽي

هر شخص کي انصاف مُهيا ڪرڻ رياست جو ڪم هوندو آهي پر افسوس  جو هن ملڪ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ماڻهن کي تڪڙو انصاف نه ملي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ هر رياست ۾ ماڻهن کي تڪڙو انصاف مُهيا ڪرڻ لاءِ ادارا ته قائم ڪيا وڃن ٿا پر انهن ادارن مان تڪڙو انصاف ملڻ جي اميد نه هوندي آهي ۽ ماڻهو انصاف لاءِ دربدر  هوندا آهن، اسان جي ملڪ ۾ به ساڳي صورتحال آهي، عوام پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر انهن جي دانهن ٻڌڻ لاءِ ڪو به نه آهي، انصاف نه ملڻ سبب عوام جو حڪومت تان اعتماد ئي ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب هاڻ ماڻهو ٿاڻن ۽ عدالتن ڏانهن وڃڻ کان به لنوائيندا آهن، اهو اُڻ ڪري ٿي رهيو آهي ته وڪيلن جون فيون ۽ تاريخ مٿان تاريخ ملڻ سان غريب ماڻهو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي،
جڏهن به ڪنهن بي گناهه کي قتل ڪيو ويندو آهي ته ان جا وارث ڪيس داخل ڪرڻ کان به لنوائيندا آهن ، ڇاڪاڻ ته کين خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن هنن ڪيس داخل ڪرايو ته پوليس اهلڪار روز خرچي وٺڻ لاءِ پهچي ويندا، ڪڏهن اهو چئي  پئسا وٺندا ته اڄ پوليس موبائل ۾ پيٽرول ناهي، ته ڪڏهن وري چوندا اوهان جي ڪيس تي وڏي جاچ ڪئي آهي، چانهه پاڻي ته ڏيو، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن تي اسان کي حيران ٿيڻ گهرجي، اهو نظام اسان جي ملڪ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو قاتل آزاد هوندا آهن ۽ مقتول جا وارث ٿاڻن  ۽ عدالتن جا چاڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي ٿڪجي پوندا آهن ۽ عدالتن ۾ وڃڻ کان ته ايئن ڊڄندا آهن، جيئن ڪئو ٻلي کان ڏسي ڀڄندو  آهي. اها صورتحال اُن وقت ئي ختم ٿي سگهي ٿي، جڏهن ادارا  عوام کي تڪڙو انصاف فراهم ڪن،
عظيم چيني فلسفي ” ڪنفيوشس “ کان ڪنهن پڇيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن قوم وٽ ٽي شيون هجن، انصاف، معيشت ۽ دفاع ۽ ڪنهن سبب ۽ مجبوري جي ڪري ڪنهن هڪ شيءَ کي ڇڏڻو پئجي وڃي ته پوءِ اها قوم ڪهڙي شيءَ کي ڇڏي؟ جنهن تي ”  ڪنفيوشس“ جواب ڏنو هو ته دفاع کي اوهان ڀلي ڇڏي سگهون ٿا“ سوال ڪندڙ ٻيهر کانئس پڇيو ته” جيڪڏهن انصاف ۽ معيشت مان هڪ کي ڇڏڻي لازمي ٿي وڃي ته پوءِ ڪهڙي شيءَ کي ڇڏي؟ جنهن تي ” ڪنفيوشس“ جواب ڏنو ته” معيشت کي ڇڏي ڏيو، جنهن تي سوال ڪندڙ کانئس حيرت سان پڇيو ته  معيشت ۽ دفاع کي ختم ڪري ڇڏينداسين ته قوم بک مري ويندي ۽ دفاع کي ڇڏيوسين ته دشمن حملو ڪو نه ڪندا؟ تڏهن ” ڪنفيوش “ جواب ڏنو ته ايئن نه ٿيندو پر انهيءِ انصاف جي ڪري قوم کي پنهنجي حڪومت تي اعتماد ٿيندو ۽ ماڻهو معيشت ۽ دفاع جو ايئن حل ڪڍندا جو پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي دشمنن جو رستو روڪيندا.  
اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون ٻيون به موجود آهن پر اصل مسئلو انصاف جو آهي، جيڪڏهن ڪنهن رياست ۾ عوام کي انصاف نه ملندو آهي ته اها رياست ختم ٿي ويندي آهي ۽ عوام جو اعتماد  حڪومت تان کڄي ويندو آهي ۽ ملڪي دفاع به ڪمزور ٿي ويندو آهي،  جڏهن به ڪنهن رياست ۾ عوام جا حق غضب ڪيا ويا  يا حقن تي ڌاڙو هنيو  ويندو آهي ته اها رياست ڪمزور ٿي ويندا آهي، هن ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي، شهيد شهيد مقصود قريشي، شهيد سلمان وڌو ۽ کوڙ سارن ٻين شهيدن جي خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي،
ان کان علاوه عوام سان به انصاف ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، غريب ماڻهن جي زمينن تي قبضو، بااثرن هٿان اغوا ٿيل سنڌ جون نياڻيون ۽ پوليس جي ظلم جا سٽيل ماڻهو انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن پر افسوس جو هن وقت تائين سندن دردن جو درمان ڪير به بڻجي نه سگهيو آهي. پر هاڻ هڪ اميد پيدا ضرور پيدا ٿي آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار اهڙا ته فيصلا ڪري رهيو آهي جو دنيا حيران ٿي وئي آهي، مخالف ڪجهه به چون پر جيڪي حڪم سرڪار کي جاري ڪرڻ گهرجن، اهي حڪم سپريم ڪورٽ جو هي بهادر شخص ڏئي رهيو آهي. ڀلي ماڻهو ڪجهه به چون پر سندس کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. انهن قدمن مان هڪ اهم قدم سپريم ڪورٽ جو اهو به آهي ته  بحريا ٽائون خلاف حڪم جاري ڪيو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ هڪ خوشي جي لهر اٿي آهي.  
سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون کي ڪراچي ۾ زمين جي خريداري ۽ وڪري کان روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته بحريا ٽائون ۽ اٿارٽي وچ ۾ زمين جي ڏيتي ليتي کي به غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. .  عدالت نيب کي هدايت ڪئي آهي ته ان غير قانوني معاملي تي ذميوارنخلاف  ريفرنس داخل ڪيا وڃن ۽ ڪيس کي ٽن مهينن ۾ اُڪلايو وڃي، اهڙي فيصلي جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام عدالتن کان به مايوس ٿي چڪو آهي  پر هن فيصلي سڄي سنڌ جو اعتماد بحال ڪري ڇڏيو آهي.  هي اهو سنڌ دشمن منصوبو آهي، جنهن ذريعي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي. بحريا ٽائون خلاف ڪو به عدالتن ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه هو، رڳو احتجاج ڪيو پئي ويو پر جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي چيئرمين ۽ سيد جي سچي سپاهي قمر ڀٽي هن ڪيس کي عدالت ۾ کڻي ويو ۽ هن منصوبي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ سنڌي قوم کي هن سنڌ دشمن منصوبي خلاف هڪ آواز ٿيڻ جي اپيل به ڪئي، ايتري قدر جو مزاحمتي  ڪردار فيض محمد گبول زندگي جي آخري دم تائين ملڪ رياض کي بحريا ٽائون لاءِ پنهنجي زمين ڏيڻ کان انڪار ڪيو . اها سٺي ڳالهه آهي جو سپريم ڪورٽ بحريان ٽائون کي روڪي ڇڏيو آهي.
موجوده دور ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن عوام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ عوام کي تڪڙو انصاف مُهيا ڪرڻ تمام گهڻا فيصلا ڪيا آهن.   سپريم ڪورٽ  مينهن کي لڳندڙ ٽيڪو فوري طور ضبط ڪرڻ جو حڪم به حڪم ڏنو، چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڄاڻ ڏني وڃي ته ڊرگ انسپيڪٽر ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن؟  دٻن واري کير کانپوءِ کليل کير جو به جائزو وٺي ٻن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عوامي مفاد جو معاملو آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، چيف جسٽس عدالتي معاون کي حڪم به ڏنو هو ته هر ڪمپني کان 50 هزار رپيا وٺي معائنو ڪرايو وڃي،  چيف جسٽس ثاقب نثار سڄي ملڪ ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، ايتري قدر جو جيڪي ميڊيڪل ڪاليج شاگردن کان اضافي فيون وٺي رهيا هئا انهن کي شاگردن کي پيسا واپس ڏيڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس زينب قتل ڪيس جو به نوٽيس ورتو هو،  معصوم نينگري زينب کي پنجاب جي علائقي قصور ۾ اغوا ڪرڻ کانپوءِ زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو. ان کان علاوه چيف جسٽس ٻيا به کوڙ سارا نوٽيس ورتا هئا.
چيف جسٽس سنڌ ۾ گدلي پاڻي مُهيا  ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو هو ۽ حڪم جاري ڪيو هو ته ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايتري قدر جو گدلي پاڻي بابت ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي به طلب  ڪيو هو. چيف جسٽس، ثاقب نثار اهڙا ٻيا به کوڙ سارا نوٽيس ورتا، ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصويرن جو  به نوٽيس ورتو، اٽڪ جي علائقي مقيم شاهه جي تصوير جو به نوٽيس ورتو  هو، جنهن تصوير ۾ ڪجهه ماڻهو  هڪ گهٽي ۾ بيٺل گندي پاڻي مان جنازو کڻي وڃي رهيا هئا. چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ  ثاقب نثار قبرستانن تي  ٿيل قبضن کي به ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. جيڪي ڪم حڪومت ڪڏهن نه ڪري سگهي، اهي ڪم چيف جسٽس پنهنجي قانوني حقن کي استعمال ڪري ڏيکاريا،
جيتوڻيڪ هن وقت چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار  سياستدانن کي پسند نه ايندو هجي پر عوام ۾ سندس کنيل قدمن کي ساراهيو پيو وڃي هر طرف چيف جسٽس جي تڪڙن فيصلن جي واکاڻ جا چرچا آهن، هر طرف عوام جون نطرون هاڻ عدالت ڏانهن کتيون پيون آهن، هر هڪ ماڻهو رڳو چيف جسٽس کي  پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو چئي رهيو آهي،  اهو اُن ڪري ٿي رهيو آهي، جو هن ملڪ ۾ عوام کي انصاف نه پيو ملي ۽ جڏهن زينب جو قتل ٿيو ته اُن وقت چيف جسٽس  ورتو ۽ جڏهن سنڌ ۾ معصوم نينگري صائما جروار کي قتل ڪيو ويو ته سنڌ جي چيف جسٽس نوٽيس ورتو،  چوندا آهن ته سربراهه سٺو هوندو ته اُن جا ماتحت به سٺا هوندا، ايئن چيف جسٽس جي شخصيت به آهي، جيئن چيف جسٽس  آف سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو، ايئن سنڌ جي چيف جسٽس به صائما جروار جي قتل جو نوٽيس ورتو.
جن ماڻهن وٽ عدالتن ۾ وڃڻ لاءِ پيسا نه آهن ۽ نه ئي انهن وٽ وڪيلن کي ڏيڻ پيسا آهن ۽ ويچارا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان چيف جسٽس آڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا، اهورڳو اُن ڪري ٿي رهيو آهي،  جو ماڻهن ۾ تڪڙي انصاف جي هڪ اميد جاڳي آهي ۽ اها اميد چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي ڪري ئي جاڳي  رهي آهي، اڳ ۾ ماڻهو سياستدانن جا در کڙڪائيندا هئا پر هاڻ  چيف جسٽس کي اپيلون ڪري رهيا آهن.  جيڪڏهن حڪمران درست ڪم ڪن ها ته اڄ ملڪ جي اهڙي حالت نه هجي. اسان کي اميد آهي ته چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار تڪڙي انصاف لاءِ اڃان وڌيڪ قدم کڻندو، ڇاڪاڻ ته انصاف قومن جي زندگين کي تازو رکندو آهي. آخر مان اهو ئي چوندس ته حضرت علي جو قول آهي ته ” معاشرو ڪفر تي ته قائم رهي سگهي ٿو پر ظلم تي نه...!“


No comments:

Post a Comment