Pages

Thursday 3 May 2018

صائمه جروار کان ويندي اميشا جي بازيابي جي ڊراپ سين تائين...!!

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ وڌندڙ هانءَ ڏاريندڙ واقعن کانپوءِ ايئن لڳي رهيو آهي ته  سنڌ سرڪار عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهي ۽ نه ئي وري سنڌ سرڪار کي عوام جي تحفظ جي ڪا ڳڻتي آهي، اهو ئي سبب جو اڄ سنڌ ۾ روز  ڪٿي نه ڪٿي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ معصوم نينگري صائمه جروار جيڪا گهران خرچي وٺي  ٻاهر نڪتي هئي، جنهن جو لاش هڪ کڏ مان مليو هو،
حڪومت  قاتلن  کي جلد گرفتار ڪرڻ بدرا رڳو بيان ڏنو ، سڄي سنڌ ان انتظار ۾ هئي ته متان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي جيئن قصور ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري زينب جو ورتو ويو هو، پر ايئن نه ٿيو، خبر نه آهي ته ان جا سبب ڪهڙا هئا. پر گذريل ڏينهن سنڌ جي چيف جسٽس  صائمه جروار جو نوٽيس ورتو هو  ۽ قاتل به گرفتار ٿيا پر آخر ڇو سنڌ سرڪار  تڪڙا قدم نه ٿي کڻي جنهن سان مٿن عوام جو اعتماد وڌي،جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده  هجي ها ته عمر ڪوٽ جي ٿاڻي مان پراسر نموني نينگري اميشا خاصخيلي گم ٿي نه وڃي ها ۽ نه ئي وري اها ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿئي ها، هي ڪو پهريون واقعو نه آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا آهن، ڪڏهن پوليس ۾ عورت کي حوالي ڪرڻ تي هڪ ٻئي گاريون ڏيندي ٻڌو ويو آهي ته ڪڏهن وري غير محفوظ بڻجي ويل سنڌ جا دالامان آهن،
مطلب ته هر طرف غير محفوظ ماحول نظر اچي رهيو آهي،  روز جيڪي به هن ملڪ ۾ واقعا پيش اچي رهيا  آهن، انهن کي  ٻڌي ۽ پڙهي والدين پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻارڙن جي اغوا ۽ زيادتي وارا واقعا شدت اختيار ڪندا پيا وڃن پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اهڙن واقعن تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن هن معاشري بدفعلي، اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن تي ضابطو اچي وڃي ۽ هر ادارو  درست نموني ڪم ڪري ته سنڌ اندر ته سڄي ملڪ ۾ اهڙن واقعن تي مڪمل طور ضابطو اچي ويندو، جيئن ته هن وقت سڄو ڌيان رڳو سياست تي آهي،
ميڊيا تي به رڳو سياستدانن جا چرچا آهن ته اُن وقت  ٻارڙن جي اغوا ۽ قتل وارين وارداتن تي ڪير به خاص ڌيان نه ڏئي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ميڊيا  انهيءَ حساس معاملي تي تمام گهڻو متحرڪ آهي پر هن ملڪ جي واڳ ڌڻين وٽ اهڙن وارداتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وقت ئي ڪونهي. بهرحال  هن وقت سنڌ ۾ اهڙن واقعن بعد والدين تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته شايد اهو واقعو سندن علائقي ۾ به پيش اچي سگهي ٿو، اڄ لاڙڪاڻي ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي شهر ڪو وحشي ڪنهن معصوم گُل کي مروٽي سگهي ٿو، انهيءَ ڳڻتي سبب والدين پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط ڪري رهيا آهن،
افسوس ٿو ٿئي ته  حڪومت اهڙن معاملن جو نوٽيس ته وٺي ٿي پر اهڙن معاملن کي عملي طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻندي نظر نه اچي رهي آهي. سنڌ ۾ روڊ، رستا ٽٽل آهن ۽ هر طرف ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪمند جا آبادگار به احتجاج ڪندي ڪندي آخر ڪار هار مڃي وڃي گهر ويهي رهيا آهن، عدالتن ۾ به انهن جا ڪيس هلي رهيا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي اچي، ڪڏهن ته پوليس عورتن کي گهيلندي ٿاڻن تي کڻي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري ڇاپن دوران گهرن مان سامان ئي ٻهاري هلي ويندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پوليس ته گهرن کي باهه ڏئي وڏو فخر محسوس ڪندي آهي، پوليس جو موقف هوندو آهي ته جوابدار نه ملڻ سبب انهن جي گهرن  کي باهه ڏني، افسوس ٿو ٿئي ته هي آهن، اسان جا ادارا، جن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن دهشتگرد جي گهر کي باهه نه ڏني آهي ۽ نه ئي وري انهن  مزارن ۽ درگاهن تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو آهي، پر پوليس هڪ ڪارنامو ضرور ڪندي آهي، جڏهن جوابدار گهرن ۾ نه ملندا آهن ته عورتن کي ٻاهر ڪڍي گهرن کي باهه ضرور ڏئي ڇڏيندي، اهڙي عمل تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو،
بهرحال معصوم نينگري صائمه جروار جي قتل کان ويندي نينگري اميشا خاصخيلي جي ڊرامائي بازيابي تائين جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت کي عوام جو ڪو به خيال نه آهي، رڳو سياسي بيان ڏئي حڪومت پوري ڪئي پئي وڃي، اها ته  سوشل ميڊيا تي ويٺل سنڌ جي سجاڳ ماڻهن جي محنت آهي جو جڏهن به سنڌ ۾ ڪو واقعو پيش ايندو آهي ته اهو   اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي زينت بڻجڻ کان اڳ سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويندو آهي. مان سوشل ميڊيا تي انهن سڀني دوستن کي جس ڏيان ٿو، جيڪي سنڌ جي حساس مسئلن کي سوشل ميڊيا تي اجاڳر  ڪري پنهنجي اندر انسانيت کي زندهه هجڻ جو ثبوت ڏيندا رهندا آهن.


No comments:

Post a Comment