Pages

Tuesday 8 May 2018

سنڌ ۾ ٿيندڙ افسوس ناڪ واقعا ۽ حڪومت جي خاموشي


صاحب خان ڀٽي
سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي پر افسوس جو ڏوهارين  اُن کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل ڪيتري ئي  عرصي کان اهڙا ته افسوس ناڪ واقعا   پيش اچي رهيا  آهن، جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ ئي  جهڪي وڃي ٿو پر   حڪومت انهن  واقعن  جي روڪٿام لاءِ ڪي به عملي قدم نه کڻي   رهي آهي، ڪڏهن  عورتن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ته ڪڏهن وري ٻارڙن  جا لاش روڊن ۽ کڏن مان ملي رهي آهي.  حڪومت رڳو  لاش هٿ ڪري ۽ متاثرن کي امداد ڏيڻ جو آسرو ڏئي خاموش ٿي ويهي رهي  ٿي، جنهن سبب اهڙا واقعا ڏينهن ڏينهن وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن هن وقت به حڪومت  ٻارڙن جي اغوائن جي وارداتن جي خاتمي لاءِ عملي  قدم نه کنيا ته مستقبل ۾ ڏوهاري سرگرميون وڌي وينديون ۽ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جون حياتيون غير محفوظ بڻجي وينديون، اها حڪومت جي  ذميواري آهي ته  هو پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري، هن وقت روز  ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ قتل ۽ قبيلائي  جهيڙا ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن کي هن وقت نه روڪيو ويو ته اڳتي هلي اهي جهيڙا وڌي وڏي خون ريزي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.  اُن کان علاوه سنڌ ۾ عورتن جي اغوا ۽ زيادتين وارا واقعا به روز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، ايتري قدر جو گذريل  ڪجهه ڏينهن کان عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جا واقعا به رپورٽ ٿيا آهن پر  پوليس روايتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ پوري آهي، هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي قانوني طور تي سزا نه ملي سگهي آهي، جيڪڏهن عورتن سان زيادتي ڪندڙ  ۽ ٻارڙن کي حوس جو نشانو بڻائيندڙن کي عبرت جو نشان نه بڻايو ويندو، تيستائين اهڙن واقعن ۾  ڪا به گهٽتائي نه ايندي آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي اهڙن واقعن جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي ته سڀ کان پهرين پوليس کاتي کي بهتر بڻائڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پوليس واحد کاتو آهي، جيڪو وڏيرن، سياستدانن ۽ بااثرن جي چوڻ تي بي گناهه ماڻهن کي  کنڀڻ ۽ انهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ رڌل آهي، اهڙا کوڙ سان واقعا هن ملڪ  ۾ پيش اچي چڪا آهن، ان جو سڀ کان وڏو ثبوت اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار به آهي، جيڪڏهن قانون جا رکوالا ئي قانون تي عمل نه ڪندا ته پوءِ عام ماڻهو ڪيئن ڪندو،  جنهن جي ڪري حڪومت کان اڳ پوليس ۾ ڪرپشن جي خاتمو ڪرڻ گهرجي ۽ پوليس کاتي ۾ ايماندار آفيسرن  کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن اهي عوام کي تڪڙو انصاف  مُهيا ڪري سگهن. جيڪڏهن عوام کي انصاف نه مليو  ته وارداتون ڪندڙ جوابدار آزاد گهمندا رهندا  ۽ عوام جو اعتماد  پوليس تان کڄي ويندو،
ڪجهه ڏينهن اڳ  لاڙڪاڻي ۾ معصوم احد عباسي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ ان کان اڳ  معصوم نينگري صائما  جروار  جو به لاش هٿ آيو،جيڪا گهران ڏهه رپيا خرچي وٺي شيءَ وٺڻ لاءِ  وئي هئي ۽ واپس گهر نه موٽي،  گهر واپس آيو ته سندس لاش آيو، جيتوڻيڪ پوليس  قاتلن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن  قاتلن کي وقت تي سزا ٻڌائي وڃي ته قاتل قتل ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا. سنڌ ۾ وڌندڙ هانءَ ڏاريندڙ واقعن کانپوءِ ايئن لڳي رهيو آهي ته  سنڌ سرڪار عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده نه آهي ۽ نه ئي وري سنڌ سرڪار کي عوام جي تحفظ جي ڪا ڳڻتي آهي، اهو ئي سبب جو اڄ سنڌ ۾ روز  ڪٿي نه ڪٿي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ معصوم نينگري صائمه جروار جيڪا گهران خرچي وٺي  ٻاهر نڪتي هئي، جنهن جو لاش هڪ کڏ مان مليو هو،
حڪومت  ته رڳو قاتلن  کي جلد گرفتار ڪرڻ بدران ڏيڻ ۾ پوري رهي آهي، سڄي سنڌ ان انتظار ۾ هئي ته متان چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي جيئن قصور ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري زينب جو ورتو ويو هو، پر ايئن نه ٿيو، خبر نه آهي ته ان جا سبب ڪهڙا هئا. پر گذريل ڏينهن سنڌ جي چيف جسٽس  صائمه جروار جو نوٽيس ورتو هو  ۽ قاتل به گرفتار ٿيا، جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده  هجي ها ته عمر ڪوٽ جي ٿاڻي مان پراسر نموني نينگري اميشا خاصخيلي گم ٿي نه وڃي ها ۽ نه ئي وري اها ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿئي ها، هي ڪو پهريون واقعو نه آهي، ان کان اڳ به ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا آهن، ڪڏهن پوليس ۾ عورت کي حوالي ڪرڻ تي هڪ ٻئي گاريون ڏيندي ٻڌو ويو آهي ته ڪڏهن وري غير محفوظ بڻجي ويل سنڌ جا دالامان آهن،
مطلب ته هر طرف غير محفوظ ماحول نظر اچي رهيو آهي،  روز جيڪي به هن ملڪ ۾ واقعا پيش اچي رهيا  آهن، انهن کي  ٻڌي ۽ پڙهي والدين پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو پريشان ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻارڙن جي اغوا ۽ زيادتي وارا واقعا شدت اختيار ڪندا پيا وڃن پر وفاقي توڙي صوبائي حڪومت اهڙن واقعن تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي،
جيڪڏهن هن معاشري بدفعلي، اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن تي ضابطو اچي وڃي ۽ هر ادارو  درست نموني ڪم ڪري ته سنڌ اندر ته سڄي ملڪ ۾ اهڙن واقعن تي مڪمل طور ضابطو اچي ويندو، جيئن ته هن وقت سڄو ڌيان رڳو سياست تي آهي، ميڊيا تي به رڳو سياستدانن جا چرچا آهن ته اُن وقت  ٻارڙن جي اغوا ۽ قتل وارين وارداتن تي ڪير به خاص ڌيان نه ڏئي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ميڊيا  انهيءَ حساس معاملي تي تمام گهڻو متحرڪ آهي پر هن ملڪ جي واڳ ڌڻين وٽ اهڙن وارداتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وقت ئي ڪونهي.
بهرحال  هن وقت سنڌ ۾ اهڙن واقعن بعد والدين تمام گهڻو پريشان نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته شايد اهو واقعو سندن علائقي ۾ به پيش اچي سگهي ٿو، اڄ لاڙڪاڻي ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي شهر ڪو وحشي ڪنهن معصوم گُل کي مروٽي سگهي ٿو، انهيءَ ڳڻتي سبب والدين پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط ڪري رهيا آهن،
افسوس ٿو ٿئي ته  حڪومت اهڙن معاملن جو نوٽيس ته وٺي ٿي پر اهڙن معاملن کي عملي طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻندي نظر نه اچي رهي آهي. سنڌ ۾ روڊ، رستا ٽٽل آهن ۽ هر طرف ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪمند جا آبادگار به احتجاج ڪندي ڪندي آخر ڪار هار مڃي وڃي گهر ويهي رهيا آهن، عدالتن ۾ به انهن جا ڪيس هلي رهيا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي اچي، ڪڏهن ته پوليس عورتن کي گهيلندي ٿاڻن تي کڻي وڃي ٿي ته ڪڏهن وري ڇاپن دوران گهرن مان سامان ئي ٻهاري هلي ويندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پوليس ته گهرن کي باهه ڏئي وڏو فخر محسوس ڪندي آهي، پوليس جو موقف هوندو آهي ته جوابدار نه ملڻ سبب انهن جي گهرن  کي باهه ڏني، افسوس ٿو ٿئي ته هي آهن، اسان جا ادارا، جن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن دهشتگرد جي گهر کي باهه نه ڏني آهي ۽ نه ئي وري انهن  مزارن ۽ درگاهن تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو آهي، پر پوليس هڪ ڪارنامو ضرور ڪندي آهي، جڏهن جوابدار گهرن ۾ نه ملندا آهن ته عورتن کي ٻاهر ڪڍي گهرن کي باهه ضرور ڏئي ڇڏيندي، اهڙي عمل تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو،
هونئن ته سنڌ ۾ برادرين جا جهيڙا ته هلندا رهندا آهن پر  اُنهن جي خاتمي لاءِ حڪومت ڪي به قدم نه کنيا آهن، عدالتن جرڳا ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر افسوس جو ان باوجود سياستدان جرڳا ڪري رهيا  آهن، جيڪا عورت تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهچي ٿي ته ظالم رکوالا اُن جو ئي سودو ڪري ڇڏين ٿا. ڪجهه عرصو اڳ اهڙو واقعو به پيش آيو آهي، جيڪا هڪ ناري ڀڄي هڪ ٻئي پوليس اهلڪار وٽ پهتي هئي ته  اُن وومين ٿاڻي جي  عورت اهلڪار ۽ مرد اهلڪار وچ ۾  سخت گارين جي ڏي وٺ ٿي  ۽ اها ويڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شيئر به ٿي هئي، ڪيترن ئي ماڻهن  اُن ويڊيو کي ڏٺو هو پر انهن خلاف ڪارروائي نالي ماتر ڪئي وئي، خبر ئي نه پئي ته آخر انهن ٻنهي  مرد ۽ عورت اهلڪارن کي  هڪ ناري جي ڪري پاڻ کي گاريون ڇو ڏيڻيون پيون  هڪ ٻئي کي سپلاءِ ڪندڙ ڇو سڏڻو پيو. بهرحال اها ويڊيو ڏسي سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُن ويڊيو  جي منظر عام اچڻ باوجود اهڙن اهلڪارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي آهي.

No comments:

Post a Comment