Pages

Tuesday 8 May 2018

جوتن اڇلائڻ کان شروع سياست ۽ غير محفوط بڻجي ويل سياسي اڳواڻ


صاحب خان ڀٽي
عوامي مسلم ليگ جي  سربراهه شيخ رشيد  ملڪ ۾ حالتون گهرو ويڙهه طرف وڌڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن لاهور ايئرپورٽ تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي   شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ملڪ جون حالتون نازڪ آهن ۽  کيس ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڌندي نظر پيو اچي، ان کان اڳ  جڏهن سياستدانن تي جوتا اڇلائڻ وارو  سلسلو شروع ٿيو ته اُن وقت به شيخ رشيد چيو هو ته   جيڪي شخص اڄ جوتا اڇلائي رهيا آهن اڳتي هلي  هلي اهي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، ايتري قدر جو هن اهو به  چيو هو ته  اڄ جيڪا جوتا اڇلائڻ جي سياست شروع ٿي آهي اها متان گولي تائين نه پهچي سگهي، بهرحال عوامي مسلم ليگ سربراهه  شيخ رشيد جا جيڪي به خدشا هئا، اهي آهستي آهستي سانڀاهه ٿي رهيان  آهن ۽  جوتن   اڇلائڻ وارو سلسلو وڃي گولي هڻڻ تائين پهچي رهيو آهي ۽ انهن گولين جو کاڄ ڪو عام سياستدان نه پر ملڪ جو گهرو وزير آهي، جنهن کي هڪ جوابدار نشانو بڻايو آهي، ڀلي اُن جو ڪهڙو به سبب ڄاڻايو وڃي پر  جڏهن ڪنهن رياست ۾  عوام کي تحفظ ڏيندڙ ئي پنهنجو تحفظ نه ڪري سگهن ته ان مان اندازو  سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو ته عوام ڪيترو محفوظ آهي،
جيڪڏهن ملڪ جو گهرو وزير ئي محفوظ نه هجي ته عوام ڪٿان محفوظ هوندي،   ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي ناروال شهر  ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ کيس ٻه گوليون لڳيون، جنهن جي آرمي چيف،  صدر ممنون حسين، وزيراعظم، آصف زرداري ۽ ٻين اڳواڻن مذمت ڪئي،ايتري قدر جو عمران خان ۽ شيخ رشيد  به اهڙي واقعي جي مذمت ڪئي پر ڪا به ڌر اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪا به  حڪمت عملي نه جوڙي رهي آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻو آهي ته سڀني سياستدانن کي گڏجي ويهڻو پوندو  ۽ هڪ سياسي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جنهن تحت اهڙن واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ گهرووزير تي حملو ڪا معمولي ڳالهه نه آهي،  جيڪڏهن عوام کي تحفظ  مُهيا ڪندڙ ئي غير محفوظ هجن ته ان ملڪ جي سيڪيورٽي تي  هزارين سوال اٿي ويندا ۽ عالمي سطح تي ملڪي تاثر خراب ويندو، هونئن به طالبانن جي ڪري ملڪ تمام گهڻو  بدنام ٿي رهيو آهي، دهشتگرد افغانستان مان اچي پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪري هليا وڃن ٿا، ڪڏهن اهي دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن تي حملا ڪن ٿا ته ڪڏهن وري معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائن ٿا. جيڪڏهن  اڄ به ملڪي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته اهي دهشتگرد هن ملڪ ۾ ڪارروايون ڪندا رهندا. بهرحال سيڪيورٽي جي صورتحال  جو اندازو  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي ٿيل حملي مان لڳائي سگهجي ٿو. 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي   سياستدانن پاران هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ جو سلسلو  هلندڙ آهي پر  ڪڏهن به سياستدان پاران هڪ ٻئي خلاف گٿا لفظ نه ڳالهايا ويا پر هاڻ سياست  مٽجي وئي آهي ۽ سياستدان هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ سان گڏ هڪ ٻئي  خلاف اهڙا لفظ استعمال ڪن ٿا ته  جو ماڻهو شرم محسوس ڪرڻ لڳن ٿا پر جيئن ته هاڻ   گندا لفظ رکڻ سياست جي سونهن بڻجندي پئي وڃي، اهڙي صورتحال کي روڪڻ سياستدانن سان گڏ عوام جي به ذميواري آهي، ته سياستدانن کي ان ڳالهه جو پابند بڻائين ته هو هڪ ٻئي خلاف ڳالهاين ڀلي ان ڪو به حرج نه آهي پر گندا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ته جئين سياستدان پنهنجي خطابن ۾ گاريون ڏيڻ ۽ گندا لفظ استعمال ڪرڻ کان رڪجي وڃن.جيئن ته چونڊون به ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ هر سياسي پارٽي پاران احتجاجي جلسا ڪيا پيا وڃن ۽ پر گهرو وزير تي حملي کان پوءِ حالتون مٽجي ويون آهن، هر پارٽي کي خوف ٿي رهيو آهي، ته جيڪڏهن هڪ وفاقي گهرو وزير تي حملو ٿي سگهي ٿو ته انهن تي به سولائي سان ڪو به حملو ڪري سگهي ٿو، جيئن ته سياستدان عوامي نمائندا آهن ۽ انهن کي عوام ئي وٽ وڃڻو آهي ۽ اهي عوام کان پري به نٿا رهي سگهن ٿا.  جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته سياستدان عوام سان ملڻ کان به لنوائيندا ۽ عوامي مسئلا سياستدانن سان گڏ وزيرن وٽ به نه پهچي سگهندا،
بهرحال هن وقت جلسن جلوسن واري سياست هلي رهي آهي، انهن سرگرمين ۾ ان ڪري وڌ ٿي آهي، جو ملڪ ۾ چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو آهي ته هو پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي سبب ايندڙ چونڊون کٽيندا پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نواز شريف ته سياست مان آئوٽ ٿي چڪو آهي ۽ عدالتن کيس تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ مٿس عدالتن ۾ ڪيس به هلي رهيا آهن. جيئن ته نوازشريف چيو آهي ته هو ڪجهه عرصي کان جيل وڃڻ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي پر هاڻ ماضي واريون حالتون نه آهن ۽ عوام سجاڳ ٿي چڪوآهي، ايتري قدر جو ميان محمد نوازشريف ” ووٽ کي عزت ڏيو“ جو نعرو به هنيو آهي، نوازشريف  جي دعويٰ آهي ته هاڻ انهي نعري وڏي مقبوليت ماڻي آهي ۽ عوام به چئي رهيو آهي ته  ” ووٽ کي عزت “ بهرحال ووت کي عزت ملي  يا نه ملي پر ملڪ جيڪي ماڻهو رهيا آهن انهن جي بنيادي حقن کي تسليم ڪندي انسان کي انسان سمجهيو وڃي، جيڪڏهن عوام کي حق نه ملندا ۽ انهن کي بنيادي سهولتون مُهيا نه ڪيون ويون ته هي ملڪ  ترقي نه ڪري سگهندو ۽ هن ملڪ ۾ ڪڏهن به تبديلي نه ايندي. اڳ ۾  اسان جمهوري جو نعرو هڻندڙ سياستدانن کان ٻڌندا هئاسين ته جيڪي به ڪم ٿي رهيا آهن، اهي فرشتا ڪري رهيا آهن پر اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته سندس مقابلو خلائي مخلوق آهي، پر تحريڪ انصاف چئي رهي آهي ته نوازشريف جو مقابلو ڪنهن ٻئي سان نه پر شهباز شريف سان آهي. بهرحال هن وقت حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن ۽ چونڊون به ويجهو اچي چڪيون آهن،
پر هڪ ڳالهه تمام بهتر ٿي رهي آهي ته نوازشريف عدالتن ۾ پيش ٿي هڪ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪجهه عرصي کان ڪو سياستدان عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان تي به ڪيس هلي رهيا آهن پر اهي ڪيس فوري طور ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ نوازشريف خلاف توهين عدالتن  واريون درخواستون رد ڪيون ويون آهن، مطلب ته ٻنهي کي رليف ملي رهيو آهي ۽ عدالتن پاران جيڪي  به فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ ان بابت نوازشريف کي ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته فيصلا پاڻ ئي ٻڌائيندا آهن ۽ عوام سجاڳ آهي، ڪنهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ ڪنهن سان انصاف ٿي رهيو آهي، اهو عوام کي خبر آهي. جڏهن کان سياستدانن تي ڪيس هلڻ شروع ٿيا آهن ۽ غريب ماڻهن جا ڪيس جلدي اڪلائڻ وارو عمل شروع ٿيو آهي، تنهن کانپوءِ عوام جو به عدالتن تي اعتماد  وڌڻ شروع ٿي ويو آهي.  

No comments:

Post a Comment