Pages

Friday 4 May 2018

ڪراچي ۾ چونڊون کان اڳ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟


صاحب خان ڀٽي
جيئن ته چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن، هر پارٽي طرفان بيان بازي جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو سٺو سنوڻ نه آهي، جيڪڏهن پارٽيون هڪ ٻئي خلاف بيان ڏين ته اُن سان هن ملڪ تي ڪو به اثر نه پوندو پر جڏهن سياسي جماعتون فرقيواريت، لسانيت کي هٿي ڏيارينديون ته اُن جو صوبن سميت ملڪ تي تمام گهرو اثر پوندو ۽ حالتون به خراب ٿي سگهن ٿيو، جنهن جي ڪري سياسي جماعتن کي گهرجي ته لسانيت ۽ فرقيواريت کي هٿي ڏيارڻ بدران ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن،
جيئن جيئن چونڊون ويجهو اچي رهيون آهي، سياسي جماعتون جلسا ڪري رهيون آهن ۽ انهن جلسن ۾ سڌي ريت  فرقيواريت، لسانيت کي هٿي ڏيارڻ  جهڙا جملا استعمال ڪيا پيا وڃن، پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ  ن ۽ ٻيون جماعتون به  ڪراچي ۾ جلسا ڪري رهيون آهن  ۽ انهن  پارٽين پاران ڌارين جي لوڌ کي مظلوم ۽ اصلوڪن وارثن کي ظالم قرار ڏئي ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هن وقت هر طرف  چونڊن جون تياريون ٿي رهيون آهن پر ڪراچي ۾ فرقيواريت، لسانيت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بيان بازي ڪئي پئي وڃي، ڪڏهن سنڌين خلاف ڳالهايو پيو وڃي، ته ڪڏهن مهاجرن کي سنڌين خلاف ڀڙڪائي ووٽ حاصل ڪرڻ واري ناپاڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪو ڪهڙي ريت به درست عمل نه آهي،
سياستدانن کي سياست عبادت سمجهي ڪرڻ گهرجي ۽ گندي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن امن امان واري صورتحال برقرار رهي. جيڪڏهن سياسي جماعتن اهڙو رويو اختيار ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ ڪنهن به صورت ۾ امن قائم نه رهي سگهندو ۽ لساني جهيڙا به ٿي سگهن ٿا. ان جي لاءِ ضروري آهي ته ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ماڻهن کي ويڙهايو نه وڃي، جيئن ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم طرفان ڪراچي ۾ جلسا ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو سٺو سنوڻ آهي  پر انهن جلسن ۾ اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ حالتون خراب ٿين ۽ سنڌ جا دشمن خوش ٿين. جيئن ته چونڊون ويجهو اچي ويون آهن ۽  ايم ڪيو ايم جا ڌڙا به گڏ ٿيڻ وارا آهن،
ڪجهه عرصو اڳ منظور وساڻ چيو هو ته ايم ڪيو ايم جا ڌڙا سڀ هڪ ئي آهي، اُها اڳڪٿي به هاڻ ثابت ٿي رهي آهي.  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ايم ڪيو ايم مزدورن جي ڏينهن تي سياسي بين ڏيڻ بدران بلديا ٽائون فيڪٽري جو جواب ڏئي ۽ اسين ڪراچي جي هر ضلعي ۾ جلسو ڪنداسين ايم ڪيو ايم کي ايترو فڪر نه ٿيڻ گهرجي، هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن وڏين قربانين سان آيو، دهشت جو ماحول ختم ٿي ويو. پ پ شهيدن جي پارٽي آهي، انهن جو رت رائيگا ناهي ويو،
جيئن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، جنهن کي عالمي يتيم خانو سڏيو وڃي ته اُن ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هي ننڌڻڪو شهر فرقيواريت، لسانيت جي ور چڙهيل رهيو آهي، اُن جو سڀ کان وڏو سبب هن جي اصلوڪي وارثن کي چيڀاٽي پٺ تي ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وسيلن تي قابض ڌريون اهو نٿيون چاهين ته هن شهر تي اصل وارثن جي حڪومت هجي، جنهن سبب هن شهر ۾ بنگالي، برمي، بهاري، افغاني ۽ ٻين ڌارين کي ڀري آباد ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي چڱي ريت پرگهور به لڌي ويندي آهي، ان جو اندازو چونڊن کان اڳ نادرا پاران سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ مان به لڳائي سگهجي ٿو، اهو سڀ ڪجهه هاڻ نه پر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي پاڪستان ٺهڻ وقت ڏاڍا خوش هئا ۽ سڀ کان پهرين پاڪستان جو ٺهراءُ به سنڌين پاس ڪرايو هو پر شايد اها خبر سنڌين کي نه هئي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڌارين جي يلغار اچي سنڌ ۾ لهندي ۽ انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي قدم کنيا ويندا،
1947ع ۾ جيڪي ڌارين جي لوڌ هن ملڪ ۾ ( خاص طور تي سنڌ ۾ ) لٿي، انهيءَ لوڌ کي رڳو سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ سنڌ اهو واحد صوبو هو، جتي روزگار جا ذريعا موجود هئا ۽ هي ڌرتي صوفين جي ڌرتي سڏي ويندي هئي ۽ ٻين صوبن ۾ ماڻهو وڃن جو سوچي به نه رهيا هئا، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڌاريا نه هئڻ برابر آباد ڪيا ويا پر جن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، انهن کي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون به ڏنيون ويون ۽ انهن کي گهر ۽ ٻيون سهولتون به مُهيا ڪيون ويون  پر اُن باوجود هڪ نام نهاد لساني تنظيم  سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ سنڌ ۾ رت وهائڻ جون ڪوششون ڪيون ۽  ڪافي حد تائين اها لساني تنظيم ڪامياب به وئي ۽ ان تنظيم مٿان سرڪاري هٿ به هئو،
ڪراچي ۾ ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ زمينن تي قبضا ڪرڻ ته انهن لاءِ بلڪل سولو ڪم هو، عوام جو تحفظ ڪندڙ ادارا به انهن ئي دهشتگردن جو تحفظ ڪري  هئا، ايتري قدر جو هن شهر ۾ دهشتگردن وڪيلن کي زندهه ساڙيو ۽ فيڪٽرين کي باهه  ڏئي معصوم پورهيتن جون حياتيون کسيون ويون، ايئن لڳي رهيو ته سنڌ جا اصل وارث فلسطينن کان به بدتر زندگي گهاري رهيا آهن ۽ سندن ملڪيتن، ڪاروبار،  سرڪاري نوڪرين تي ڌارين جي لوڌ جو قبضو آهي ۽ ان کي  سرڪاري پٺ ڀرائي حاصل آهي ۽ اهو نظر به اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ايئن محسوس ٿيندو هو ته  هي شهر فلسطين جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ بڻجي ويو هجي ۽ ان تي اسرائيلي فوج جو قبضو هجي،  دهشتگرد جنهن مهل چاهين گهرن مان عورتن، ٻارڙن کي ڪڍي وٺي وڃي جلسن ۾ ويهارين ڪير به پڇڻ وارو نه هوندو هو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بلڪل بيوس نظر اچي رهيا  هئا، بي گناهه ماڻهن جا لاش روڊن تي پيل هوندا هئا ۽ انهن کي کڻڻ لاءِ ڪير به نه هوندو هو، اسان جا ادارا اهو چوندا هئا ته ملڪ ۾ مڪمل امن آهي. اهڙي صورتحال هئڻ باوجود ڪو به نوٽيس وٺڻ وارو نه هوندو هو. رڳو هڪ ئي تنظيم جا ماڻهو محفوظ هوندا هئا، انهن جي چوڻ کانسواءِ هن شهر ۾ ڪک به نه چرندو هو. هر طرف خوف واري فضا هوندي هئي،
پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم، نواز ليگ، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۽ ٻيون جماعتون رڳو بيان ڏيڻ ۾ پوريون هونديون هيون پر امن قائم ڪرائڻ لاءِ ڪو به سنجيدا نظر نه ايندو هو. پر ڀلو ٿئي لنڊن واري بابا جو جنهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڳالهايو ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ٿيو ۽ ڪجهه دهشتگردن کي حراست ۾ به ورتو ويو ۽ امن به قائم ٿيو، دهشتگرد ڌرڻ ۾ ورهائجي ويا، جڏهن  ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن هلي رهيو هو ته واپاري، صنعتڪار تمام گهڻو خوش ٿي رهيا هئا ته انهن دهشتگردن پورهيتن کي به بخش نه ڪيو هو، بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ ۽ انهن کي زندهه ساڙي ماري ڇڏڻ انهن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هوندي هئي. پر ادارن دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي جرئت اُن وقت ڪئي، جڏهن لنڊن واري شخص جي توپ جو رخ سنڌين بدران  هن ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن ٿيو، بس اهو ڏينهن ڪراچي جي شهرين لاءِ رحمت جو ڏينهن هو، جيڪڏهن اهو شخص ادارن خلاف نه ڳالهائي ها ته اسان جا اهي ادارا ننڊ ستل هجن ها ۽ اهي دهشتگرد  تنظيم هن شهر کي يرغمال بڻائي معصوم ماڻهن کي قتل ڪندي رهي آهي.
بهرحال جيڪو ٿيو، ڀلو ٿيو،  قومي ميڊيا به انهن دهشتگردن جي تمام گهڻي چمچاگيري ڪندي هئي ۽ سنڌي چينلز کي ڪا به اهميت نه ڏني ويندي هئي پر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا لاءِ اهو وقت تمام گهڻو خطرناڪ هوندو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف قومي ميڊيا ڪراچي جون حالتون خراب ڪندڙن جو ساٿ ڏيندي هئي ته ٻئي طرف مظلومن جي ڪا خاص خبر نه هلائي ويندي هئي هر وقت لنڊن وارو شخص ويٺو هوندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اهو لنڊن وارو شخص ويهي گاريون ڏينديون هو، ڌمڪيون ڏينديون هو پر اُن وقت  سمورا ادارا خاموش هوندا هئا پر جيئن ته مٿين چئي  آيو آهيان، اهو ڏينهن رحمت کان گهٽ نه هو،
جڏهن لنڊن واري شخص هن ملڪ جي خاص ادارن خلاف ڳالهايو، جيڪڏهن اهو نه ڳالهائي ها ته اڄ ڪراچي شهر ۾ کوڙ سارا بلديا سانحا پيش اچي چڪا هجن، سچ پڇو ته اهو وقت اهڙو هو جو روڊن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  جا اهلڪار ته موجود هوندا هئا  پر اها اميد نه هوندي هئي ته اسان ڪڏهن صحيح سلامت گهر واپس پهچي سگهنداسين، هر طرف گولين جو آواز ٻڌڻ هوندو هو، هڪ ڏينهن ته مان ڪنهن دڪان ۾  خريداري ڪري  رهيو هيس ته مٿان هڪ لساني تنظيم جا دهشتگرد آيا ۽ دڪاندارن  سان گڏ مون کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاريو اُن وقت اهلڪارن جون گاڏيون به موجود هيون، جيڪي بهانو ڪري نه وڃڻ جو چئي رهيا هئا ته انهن کي مارڪٽ ڪندا گاڏين ۾ ويهاري رهيا هئا، انسانيت ته انهن ۾ نظر نه اچي رهي هئي، انهن جا چهرا موٽا، ڪارا ۽  ڪنهن  خطرناڪ جانور کان گهٽ نه هئا، هي اهي چهرا هئا، جيڪي دهشتگردي وقت استعمال ٿيندا هئا. مان به خوف سبب انهن جي گاڏي ۾ ويهي رهيس، جڏهن  اسان کي جلسي واري هنڌ پهچايو ويو ته اهي ماڻهو گم ٿي ويا، جيڪا اسان کي کڻي آيا هئا ۽ نوان چهرا موجود هئا، جن  دڪاندارن سان گڏ منهنجي به تلاشي ورتي، نٽهڻ اُس ۾  تتل روڊ تي ويهاري  لنڊن مان فون تي ڳالهائيندڙ شخص جو خطاب ٻڌارايو ويو، جيڪو لسانيت کي هوا ڏئي رهيو هو، آخر ڪار مان بهانو ڪري اُن جلسي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ٿي ويس هر طرف پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار موجود هئا، اُن وقت پڪ ٿي ته  هن تنظيم خلاف ڪو به ڪارروائي نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته جيڪا تنظيم  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سامهون زڪوات جي پرچي ڏئي ڀتو وٺي وڃي  اُن خلاف ڪو ٻيو ڪيئن ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. جيئن ته الله  وٽ دير آهي، انڌير نه آهي، انهي شخص  اهي ئي ڌميڪون اسان جي ادارن کي به ڏنيون، جيڪي اهو شخص سنڌين کي ڏيندو هو.
بهرحال هاڻ ڪراچي ۾ امن قائم آهي پر اهو ڪيتري عرصي تائين قائم رهندو، ان جو اندازو لڳائڻ  تمام گهڻو ڏکيو آهي،ڇاڪاڻ ته  جيڪڏهن لنڊن واري شخص ادارن سان ٺاهه ڪيو ته وري هڪ ڀيرو ٻيهر هن شهر جون حالتون ساڳيون ٿي وينديون ۽ معصوم شهرين جو قتل عام شروع ٿي ويندو. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اُن جا هن ملڪ تي اهڙا اثر پوندا جو ته ست نسل به اُن کي برداشت نه ڪري سگهندا. ڇاڪاڻ ته هن وقت عالمي سطح تي حالتون به تبديل ٿي رهيون آهن،  جيڪڏهن دهشتگردن کي لغام نه ڏنو ويو ته  حالتون هٿن مان نڪري وينديون.  
03213631398

No comments:

Post a Comment