Pages

Wednesday 2 May 2018

تبديل ٿيل سعودي عرب ڪنهن جي مفاد ۾ آهي؟


صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي ٻن وڏن اسلامي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار رهي آهي ۽ اُن باهه جو سيڪو پاڪستان تي به پيو آهي، جنهن سبب مختلف وقتن تي اسان جي حڪمرانن کي اهو  ڪنهن هڪ ملڪ جو ساٿ ڏيڻ جو سوچڻ تي مجبور ٿيڻو پيو، جنهن سبب هن ملڪ جو عوام به تمام گهڻو پريشان ٿي ويو هو پر هاڻ ٻنهي ملڪن ۾ وچ ۾ ٺاپر آهي ۽  اسان جي ملڪ ۾ به ان حوالي سان ڪا به ڳڻتي ڪنهن کي به نه آهي ته آخر انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ آخر ڇڪتاڻ ڇو پيدا ٿي  رهي آهي. هن وقت سعودي عرب، ايران بابت  ڪو به بيان نه ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي ايران جي ايٽمي معاملي تي ڪا سعودي عرب کي ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ آمريڪا کي ايران جي ايٽم بم تيار ڪرڻ تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي، جنهن سبب آمريڪا، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ذريعي  ايران تي پابنديون لڳائيندو رهي آهي.
جڏهن کان ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ۾آيو آهي، اُن ڏينهن کان ايران لاءِ ته ڏمر مچي ويو آهي، ڏمر رڳو ايران نه پر سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته شام، ايران، صوماليا، سوڊان، يمن ۽ ليبيا تي سفري پابندي مڙهي ڇڏي هئي پر واشنگٽن سميت رياستن جي وفاقي ججن فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو هو. پر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو ۽ هنُ پابندي  ختم نه ڪيون، جيتوڻيڪ آمريڪا ۾ اهڙي عمل خلاف احتجاج به ٿيا ۽ ڊونلڊ  ٽرمپ جي پاليسين تي تمام گهڻي تنقيد به ڪئي وئي پر  آمريڪي صدر جي ڪن تي جونءَ به نه چري ۽ هو پابندين سان گڏ اسلامي ملڪن خلاف ڳالهائيندو رهيو ۽  شام سميت مختلف ملڪن تي حملا به  ڪندو رهيو. پر ڊونلڊ اسلامي ملڪن خلاف ڪارروائي کان اڳ سعودي عرب کي اعتماد ۾ ضرور ورتو ۽  پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سعودي عرب جو دورو به ڪيو، ان کان اڳ بارڪ اوباما به دورا ڪيا هئا پر اُن وقت سعودي عرب ۾ ڪا به تبديلي نظر نه آئي هئي پر هاڻ جڏهن کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آيو آهي ته سعودي عرب جو قانون ئي تبديل ٿي ويو آهي، عورتن کي گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي، 
ايتري قدر جو   عورت سان گڏ مرد جي هئڻ وارا شرط به ختم ڪيا ويا، جڏهن سعودي عرب عورتن  کي گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏني ته اُن وقت نه پيو  لڳي ته سعودي عرب ۾ ڪا خاص تبديلي ايندي پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ، تيئن تيئن شاهي خاندان ۾ ڏڦيڙ پکڙجندو ويو ۽ ڪيترائي سعودي شهزادا ڪرپشن سبب گرفتار به ٿيا، جن کي بعد  ڏيتي ليتي ، مطلب ته ڪنهن ٺاهه تحت آزاد ڪيو ويو . اُن کان پوءِ سعودي عرب ۾ فلمن جي نمائش جي اجازت ڏني وئي ۽ 35 ورهين کانپوءِ سعودي عرب ۾ سئنيما گهرن ۾ فلمن جي نمائش تي لڳل پابندي به ختم ڪئي وئي، جنهن بعد سڀ کان پهرين هالي ووڊ فلم “ بليڪ پينٿر” جي نمائش ڪئي وئي ۽ اها فلم سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ سئنيما گهر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي. جڏهن سعودي عرب ۾ سينيمائن گهرن جو افتتاح ڪيو پئي ويو ته ان موقعي تي رنگا رنگي تقريب به ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سعودي شهرين سميت پرڏيهي شخصيتن به شرڪت ڪئي. فلم ڏسڻ لاءِ 500 ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي، جڏهن ته فلم ڏسڻ لاءِ عورتون به وڏي انگ ۾ پهتيون هيون.
ڪجهه  ڏينهن اڳ سعودي عرب جي ثقافت ۽ اطلاعات واري وزير ڊاڪٽر عواد العواد چيو هو ته سعودي عرب ۾ سئنيما جي واپسي ممڪلت جي جديد تاريخ ۽ ثقافتي زندگي ۾ هڪ اهم موقعو آهي ۽ اهو ممڪلت ۾ تفريح جي صنعت جي ترقي لاءِ به هڪ اهم قدم آهي. سئنيما گهر قائم ٿيڻ سان سعودي عرب ۾ 2030ع تائين 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ملندو. ان کان علاوه سعودي عرب ۾ عورتن  کي جوگنگ ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي. مطلب ته سعودي عرب ۾ به ٻين ترقي يافته ملڪن وانگر عورتن کي حق ڏنا ويا ۽ ماڻهن کي تفريحي به فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي،جيئن ٻين ملڪن ۾ هوندي آهي.
ان کان اڳ سعودي عرب جي ولي  عهد اهو اعتراف به ڪيو هو ته هنن مدرسن کي کولڻ لاءِ پيسا ڏنا هئا ، جنهن بعد  دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ اهي افواهه هوندا هئا ته سعودي عرب مدرسن کي پئسا ڏيندو آهي، هڪ خاص مائنڊ سيٽ کي هٿي ڏياري پئي وڃي پر ان جي ڪا ترديد ۽ تصديق نه ڪئي ويندي هئي پر جڏهن کان  آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي جو دورو ڪيو هو، تنهن ڏينهن کان سعودي عرب جي ولي عهد جو ذهن ئي تبديل ٿي ويو آهي. اهڙا قدم کڻي رهيو آهي جو دنيا ئي سعودي عرب تي حيران ٿي وئي آهي. اسرائيل بابت به سعودي عرب اهڙو موقف اختيار ڪيو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب اهو واحد ملڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ سعودي عرب جيڪو چوندو آهي ته ايران کانسواءِ سمورا ملڪ اُن ڳالهه کي مڃيندا آهن پر ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان اسرائيل بابت اهڙو بيان ڏنو جو اسان ڪڏهن سوچي به نه پيا سگهون، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جا مسلمان اسرائيل کي ظالم سمجهندا آهن ۽ ڪو به مسلمان اسرائيل  بابت ٻڌڻ به پسند نه ڪندو آهي،
اهڙي ريت ڪجهه ملڪن ته اسرائيل تي پابندي به لڳائي آهي، پر سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان بيان ڏيندي چيو ته اسرائيل کي پنهنجي سرزمين جو حق حاصل آهي، جنهن  بعد دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ته آخر سعودي عرب کي ڇا ٿي ويو آهي، جيڪي ڪم سعودي عرب ڪڏهن به نه ڪيا آهن، انهن کي اڄ ڪيئن سرانجام ڏئي رهيو آهي. بهرحال ان  کان اڳ سعودي عرب جي ڪنهن به اهم اڳواڻ کليل لفظن ۾ اهڙي قسم جا بيان نه ڏنا آهن نه ئي اهڙي ريت فيصلا ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي، سعودي ولي عهد اهو به چيو هو ته سڀني جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن معاهدي جي ضرورت آهي. پر جڏهن دنيا ۾ انهيءَ معاملي تي بحث ٿيو ته سعودي عرب جي شاهه سلمان فلسطينين کي ٻيهر پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ چيو  ته هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست فلسطنين جو حق آهي، جنهن جو تخت گاهه يروشلم هجي. هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو ته اسرائيل سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي ڪوشش معاف نه ٿيڻ جوڳي غلطي هوندي”دوکيباز، ڪوڙي ۽ جابر ملڪ سان ڳالهين جي ڪوشش معاف نه ٿيڻ جوڳي غلطي هوندي، جيڪا فلسطنين جي فتح کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندي،
جڏهن کان سعودي ولي عهد اهو بيان ڏنو آهي ته مٿس تنقيد وارو عمل به شروع ٿي ويو آهي پر جيئن ته سعودي عرب ڪو به سعودي عرب جي حڪومت ۽ سعودي ولي عهد خلاف نٿو ڳالهائي سگهي ته مٿن سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي، ايتري قدر جو سعودي حڪومت طرفان امام ڪعبه ڊاڪٽر سعود الشريم جو ٽوئٽر اڪائونٽ به بند ڪيو ويو آهي.ڇاڪاڻ ته شيخ سعود ڪجهه معاملن تي سعودي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ سندن قدمن کي غير شرعي قرار ڏنو هو. جيڪا ڳالهه سعودي سرڪار کي نه وڻي ۽ امامِ ڪعبه  شيخ سعود الشريم جو ٽوئٽر اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو.بهرحال سعودي عرب ۾ تبديل ٿيل ماحول سان ڪجهه ماڻهن جو روزگار بند ٿي ويو آهي، جيڪي انتهاپسندي کي هٿي ڏيارڻ چاهيند اهئا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو خوش به ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته  سعودي عرب عورتن کي ڪجهه حق مليا آهن، 
هاڻ سعودي عرب ۾عورتون نوڪري به ڪري سگهن ٿيون ۽ پاڻ گاڏي به هلائي سگهن ٿيون. ان سان گڏ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سينيما گهرن ۾  به وڃي سگهن ٿيون، جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ ان بابت ڪو به بحث نه ٿيو  آهي، ڇاڪاڻ ته کوڙ سارا ماڻهو هن  ملڪ ۾ موجود آهن، جن جو روزگار سعودي عرب جي ڪري ئي هلي رهيو هو. مطلب ته اهي سعودي عرب  جي پيروي ڪندا هئا، هاڻ اميد ته انهن جي گهرن ۾ به ٽي وي  اچي ويندي ۽ انهن جا  ڪٽنب به سينيما گهرن ۾ فلمون ڏسي سگهندا ۽ انهن جي عورتن کي به حق ملي ويندا.
03213631398

No comments:

Post a Comment