Pages

Tuesday 1 May 2018

ملڪ وڌندڙ سياسي سرگرميون ۽ الزامن واري سياست





صاحب خان ڀٽي

چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين پاران سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، جن پارٽين ۾ اختلاف هئا،اهي  اختلا ف  به آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن،  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان  توپ جو رخ نوازشريف ڏانهن آهي ۽ نوازشريف پنهنجي نااهلي کي اهليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پيو آهي  ۽ ايتي قدر جو عدالتن پيش ٿي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو عدالتن  جو سڀ  کان وڌيڪ احترام ڪندو آهي پر پيپلزپارٽي کي نوازشريف  کان تمام گهڻيون شڪايتون آهن، پر ان باوجود  نوازشريف چئي رهيو آهي ته پيپلزپارٽي  ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي هلي رهي آهي،

ايتري قدر جو نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري  چيو آهي ته   پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف ۾ ٺاهه ٿي چڪو آهي ۽ هڪڙو وزيراعظم ۽ هڪڙو صدر ٿيندو پر اهو فيصلو اهي ٻئي  پارٽيون ڪيئن ڪري سگهن ٿيو، اُن جو فيصلو ته عوام کي ڪرڻو آهي. بهرحال هن وقت چونڊن جي حوالي سان ٻڙڌڪ متل آهي هر طرف جلسا ۽ جلوس ڪيا پيا وڃن، سموريون پارٽيون خوش آهن ته عوام ساڻن گڏ آهي ۽ ان حوالي سان هو تمام گهڻو پرُ اميد نظر اچي رهيا آهن، جيئن نوازشريف وڏا وڏا جلسا ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو هڪ نظرياتي  اڳواڻ بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ مهم به شروع ڪري ڇڏي اٿس، نوازشريف  جي اها مهم ” ووٽ کي عزت ڏيو“ ايتري مقبول ته نه ٿي سگهي آهي پر ان باوجود هو اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته  عوام سندس انهيءَ نعري جي ڪري گڏ آهي ۽ هو عوام جي ووٽ کي عزت ڏياري رهندو ۽ هن  جيڪو مشن کنيو آهي ۽ ان کي پڄاڻي تي پهچائيندو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت نوازشريف عدالتن ۾ چڪر لڳائي رهيو آهي، اهڙي نموني چڪر لڳائي رهيو آهي، جيئن هڪ غريب ماڻهو  وٽ پيسا نه هجن ۽ اهو عدالتن جا چڪر لڳائيندي لڳائيندي پنهنجي جُتي گسائيندو آهي، اهڙو حشر نوازشريف سان ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن نوازشريف ايندڙ چونڊن کان اڳ پنهنجي نااهليت بابت عوام کي مطئمن ڪري به وٺي ٿو ته پوءِ به ايندڙ چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي سندس اولاد چونڊون وڙهي سگهي ٿو، رهي ڳالهه شهباز شريف ۽ سندس اولاد جي ته ان جي لاءِ ته در بلڪل کليل آهن ۽ اهي چونڊون وڙهي به سگهن ٿا پر ان سان نوازشريف کي ڪو به فائدو نه  ملندو. نوازشريف دعويٰ ڪري رهيو آهي ته سندس حڪومت اچڻ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم وفاق ڪرايا آهن ۽ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ٻئي صوبي ترقي نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن ۾  حڪومتن عوام جي لاءِ ڪو  به ترقياتي منصوبو شروع نه ڪيو آهي. جنهن سبب عوام انهن پارٽين جي ڪارڪردگي کي چڱي ريت ڄاڻي چڪي آهي ۽ هو ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهندا ۽ عوام کين ووٽ ڏيندو پر ان سڄي صورتحال ۾ پوءِ به نوازشريف ڪٿي به چونڊن ۾ حصو وٺندي نظر نه اچي رهيو آهي، رڳو چونڊ مهم هلائيندي نظر اچي رهيو آهي،

مطلب ته هن ڀيري نوازشريف محنت ته ڪندو پر نه سندس اولاد کي ڪو فائدو ملي سگهندو ۽ نه ئي وري کيس ڪو عهدو ملي سگهندو، جيستائين هو اهل نٿو ٿي وڃي. هونئن ته عدليا طرفان نوازشريف سڄي عمر لاءِ نااهل ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هن جيڪي مهم شروع ڪئي آهي، اها رڳو ڇڪتاڻ طرف وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته نوازشريف شروع ۾ ته تمام گهڻو ادارن خلاف ڳالهائي رهيو هو پر هاڻ  هو آهستي آهستي خاموش ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو نوازشريف ڪنهن به اداري سان ڳالهائڻ لاءِ راضي ٿي ويو هو ۽ هن بيان ڏنو هو ته هو هر اداري سان جمهوريت خاطر ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. بهرحال نوازشريف اهل ٿئي يا نااهل ٿئي پر جيئن  ته چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن، تيئن تيئن سياسي پارٽين پاران سياسي سرگرميون به تيز ڪيون ويون آهن. جنهن سبب ملڪ ۾ وڏا وڏا جلسا  ٿي رهيا آهن پر ان سڄي صورتحال دوران بلوچستان دهشتگردي جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي ۽ سرحد وٽ به ڇڪتاڻ  هلي رهي آهي، ڪڏهن سرحد پار کان فائرنگ جا واقعا پيش اچن ٿا ته ڪڏهن بلوچستان ۾  سيڪيورٽي ادارن تي حملا ڪيا وڃن ٿا.

پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ به بدامني جا اسان جي ملڪ تي پئجي رهيا آهن، افغانستان جا دهشتگرد اسان جي ملڪ جي ملڪ جي امن کي برداشت نه ڪري رهيا آهن، جنهن  سبب اهي اسان جي ملڪ ۾ اهڙيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. بلوچستان ۾ روز ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو واقعو ضرور پيش اچي رهيو آهي. چونڊن کان اڳ حڪومت کي سيڪيورٽي جا انتظام بهتر بڻائڻا پوندا ، ٻي صورت ۾ ڪو به وڏو  نقصان ٿي سگهي ٿو.  حڪومت کي ايندڙ چونڊن کان اڳ سياسي ماحول کي بهتر بڻائڻ سان گڏ سيڪيورٽي  جي صورتحال تي به  ڌيان ڏيڻ گهرجي،

جيڪڏهن  امن امان جي صورتحال قائم رهي ته سياسي پارٽيون پنهنجي مرضي موجب،  پنهنجي چونڊ مهم هلائي سگهن ٿيون ۽ پرامن  طريقي سان چونڊون به ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن دهشتگردي جي خوف ۾ چونڊون ٿيون ته عوام به خوف ۾ مبتلا رهندو ۽ اڳواڻ به پنهنجيون سياسي سرگرميون درست نموني هلائي نه سگهندا. بهرحال  جيئن جيئن چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن، پيپلزپارٽي پاران نواز ليگ تي شڪايتن جا انبار لڳائڻ  وارو  سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه جو نوازشريف پاڻ به اعتراف ڪري چڪو آهي. نوازشريف اهو اعتراف ڪيو  آهي ته سندس عدالتن ۾ وڃڻ غلط هو ۽ نيب جو  قانون نه ختم ڪرڻ به سندس  غلطي هئي.

بهرحال  اهو وقت گذري ويو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر اهي ٻئي پارٽيون ڪهڙي ريت   وري ڳالهين جي ميز تي اچي ٿيون وڃن. ڇاڪاڻ ته  سياست ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر   تحريڪ انصاف  جيڪو لاهور ۾ جلسو ڪيو، ان بابت نوازشريف چيو آهي ته جيڪو جلسو لاهور ۾ ٿيو، اهو پشاور جو مجموعو هو ۽ اها ايجنڊا ڪنهن  ٻئي جي هئي. مطلب ته  نوازشريف چئي رهيو آهي ته  پشاور جا ماڻهو گڏ ڪري تحريڪ انصاف مينار پاڪستان لاهور ۾ جلسو ڪيو.

بهرحال اهو ته و قت ئي ٻڌائيندو ته اها ايجنڊا ڪنهن جي آهي پر هن وقت نوازشريف کي سڄو ڌيان  الزامن واري سياست کان پاسو ڪري پنهنجي ڪيسن ڏانهن ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان سڄي صورتحال ۾ نواز شريف اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ سندس پارٽي اڳوڻ به کيس ڇڏي رهيا آهن. جنهن سبب هاڻ کيس ادارن سان ٽڪراءُ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نه ته جيئن آصف زرداري چئي رهيو آهي ته نيب جون ڪارروايون به نوازشريف جي چوڻ تي سنڌ ۾ ڪيون ويون، نوازشريف کين دوکو به ڏنو آهي.




No comments:

Post a Comment