Pages

Sunday 6 May 2018

قهر جي گرمي، لوڊشيڊنگ ۽ حڪومتي دعوائون

صاحب خان ڀٽي
وفاقي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ حڪومت ۾ ويٺل جماعت مسلم ليگ (ن) به پنهنجو مدو  پورو ڪرڻ جي ويجهو آهي، جڏهن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نواز ليگ ڇهين وفاقي بجيٽ به پيش ڪري چڪي آهي، ان کان علاوه سندن وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت به آهي،  جڏهن مسلم ليگ نواز اقتدار ۾ آئي هئي ته اهو اعلان ڪيو ويو هو ته لوڊشيدنگ تمام جلد ختم ڪئي ويندي پر هاڻ جئين ته حڪومت ختم ٿيڻ واري آهي، ان باوجود هن وقت تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ناهي ٿي سگهي، حڪومت جي دعويٰ آهي ته هن لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ تمام گهڻا قدم کنيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪيترائي بجلي گهر به ٺاهيا ويا آهن ۽ ملڪ ۾ بجلي جي  کوٽ تي ضابطو به آندو ويو آهي. حڪمران جماعت جي اها به دعويٰ آهي ته ماضي ۾ جيڪي به حڪومتون آيون، انهن بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي بابت ڪي به جوڳا قدم نه کنيا نه ئي وري ڪي بجلي گهر تعمير ڪيا، جيڪڏهن ماضي جون حڪومت بجلي جهڙي اهم مسئلي تي ڌيان ڏين ها ۽ ان کي حل ڪرڻ  ڪي حڪمت عملي جوڙين ها ته اڄ ملڪ ۾ اهڙي لوڊ شيڊنگ نه هجي ها. اڄ ملڪ ۾ هر طرف بجلي نه هئڻ جون دانهون ٿي رهيون آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کان  ويندي آصف زرداري تائين  سمورن ننڍن وڏن اڳواڻن بجلي بحران تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ان سان گڏ نواز اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ رڳو هڪ ئي گيت ڳائي رهي آهي ته هنن بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي تي ضابطو آڻي ڇڏيو آهي پر افسوس جو هن وقت تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان حڪمران بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين  نه ته لوڊشيڊنگ ختم ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن حڪمران جي بيانن ۾ ڪا تبديلي آئي آهي، جيڪي به حڪمران  آيا آهن، انهن پنهنجي مفاهمتي جمهوري دور ۾ صرف بيان ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، جنهن  سبب بجلي جو بحران ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ان باوجود اختيارين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري. سنڌ جي راجڌاني ۽ عالمي يتيم خاني ڪراچي سميت ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جون متيون مونجهائي ڇڏيون آهن، ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو عملدارن جي ڪلورن سبب سنڌ جي اٻوجهه عوام قهر واري گرمي ۾ به بجلي کان محروم بڻيل آهي. ڪراچي جي قديم سنڌي  وسندي ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش، سچل ڳوٺ ۽ ٻين وسندين ۾ ڪي اليڪٽرڪ عملدارن ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جاري رکيو آهي، جنهن سبب رهواسي قهر واري گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن،  جيتوڻيڪ  رهواسي  احتجاج به ڪري رهيا آهن انهن جي دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي.  باقي رهي ڳالهه ڪي اليڪٽرڪ عملدارن جي ته اهي ته ايڏا مهربان آهن جو سنڌي وسندين جي بجلي بند ڪري ڊفينس سميت ٻين سرڪار نواز رهائشي علائقن کي  بجلي فراهم ڪري رهيا آهن، انهن علائقن ۾ نه ته بجلي ڪئي وڃي ٿي ۽ نه ئي وري گئس پريشر گهٽايو وڃي ٿو. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو  جي اهڙن ڪلورن سبب عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي.  افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف  سنڌ ۾ 42 کان 50  سينٽي گريڊ گرمي پڊ رڪارڊ ٿي رهيو آهي، ته ٻئي طرف وري بجلي مُهيا ڪندڙ ڪمپنيون بجلي ئي بند ڪري ڇڏين ٿين، جنهن سبب عوام کي ٻٽي عذاب کي مهن پئي ٿو. قهر جي گرمي ۽ مٿان لوڊشيڊنگ عوام کي تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. قلندر جي ميلي دوران به ساهه ٻوساٽجڻ سبب   لڳ ڀڳ چار ڄڻا فوت ٿي چڪا، ان باوجود ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو عملدار پنهنجي مرضي هلائڻ کان پاسو نه پيا ڪن، هن وقت نه ته وفاقي سرڪار نوٽيس وٺي رهي آهي ۽ نه ئي وري صوبائي سرڪار ڪو قدم کنيو آهي. ٻه سال اڳ به هيٽ اسٽروڪ سبب هزارين ماڻهو فوت ٿيا هئا ۽ اهو حشر هينئر ٻيهر ڏسڻ ۾ نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ جئين  صبح ٿئي ٿي ته ڪي اليڪٽر وارا سمورن سنڌي وسندين جي بند ڪري ڇڏين ٿا اهو سلسلو سڄو  ڏينهن جاري رهي ٿو.  ڪي اليڪٽرڪ جا عملدار هڪ ڪلاڪ بجلي کولين ٿا ته ٽي ڪلاڪ وري بند ڪري ڇڏين ٿا، جنهن جي ڪري رهواسي سڄو ڏينهن سخت گرمي ۽ لو کي منهن ڏئي رهيا آهن. بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سبب هن وقت تائين ڪيترائي مريض اسپتال ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جنهن جون اهي دانهون آهن ته کين اسپتالن اندر به بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
سکر جا شهري به ۾ شديد گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيا آهن،  جنهن سبب منجهند جي وقت گهٽيون ۽ روڊ رستا ويران ٿي وڃن ٿا. ٻاهرن  ملڪن ۾ ته اسپتالن، اسڪولن ۾ بجلي نه بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ويندي ۽ ان تي عمل به ڪيو ويندو آهي، پر افسوس جو  هن ملڪ جا حڪمران پاڻ بجلي ڪمپنين کي بجلي بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندا آهن. جنهن سبب اڄ جي جديد دور ۾ شاگرد بنا بجلي جي اسڪول ۾ علم پرائي رهيا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي پد 40 کان 51 سينٽي گريڊ تي به پهچي چڪو آهي، پر باوجود بجلي ڪمپنين وارا پنهنجي هوڏ تي قائم آهن. گذريل ٻن ٽن سالن کان 24 ڪلاڪن مان رڳو 5 کان ڇهه ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي آهي، ان باوجود بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون  بجلي جو بل  ٻه اڍائي هزار روپيا موڪلين ٿيون پر احتجاج باوجود سندن ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي.  هڪ طرف ملڪ ۾ وڏيون خبرون آهن ته احتساب ٿي رهيو آهي ۽ نيب ۽ ايف آءِ اي وارا  ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن، پر افسوس جو هن وقت تائين نيب انهن بجلي چور ڪمپنين جي مالڪن جي ڳچين ۾ هٿ نه وڍا آهن.  جنهن سبب اهي بجلي ڪمپنيون پنهنجي  مرضي  هلائي رهيون آهن.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  لڪاءُ صرف سنڌ اندر آهي باقي ٻين صوبن  ۾ ايترو بجلي جو بحران نه آهي ۽ نه ئي وري هن وقت تائين ڪي اهڙيون خبرون رپورٽ ٿي رهيون آهن ته ٻين صوبن ۾ بجلي بند ٿي رهي آهي،
 پنجاب  يا ٻين صوبن جو عوام جيڪڏهن بجلي يا ٻين مطالبن لاءِ روڊن تي نڪري ته حڪومت انهن سان ڳالهيون  ڪندي آهي پر افسوس جو سنڌ جيڪڏهن ڪو بجلي يا ٻين مطالبن  لاءِ روڊن تي نڪرندو آهي ته ڪڏهن وفاقي سرڪار ته ڪڏهن صوبائي سرڪار جا واٺا انهن مٿان گوليون هلرائيندا آهن يا وري انهن مٿان تشدد ڪرائيندا  آهن، جنهن سبب نه ته سنڌ  جا ماڻهو ڪري سگهن پيا ۽ نه ئي وري پنهنجا درد کڻي ايوانن ڏانهن اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام جي به ماڻهن کي ووٽ ڏنو اهي ڪامورا ته ايوانن ۾ ٿڌڙي ڇانوءَ ۾ وڃي ويٺا آهن، جيڪي پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي مڪمل طور ويساري چڪا آهن. جن  کي نه ته پنهنجن علائقن جي ياد ٿي اچي ۽ نه ئي وري اهي پنهنجيون عياشيون ڇڏي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ٿي رهي آهن.
جيئن ته هاڻ چونڊون ويجهو آهن، اسان سڀني کي گهرجي ته حڪمرانن کان اهو سوال ڪيون ته چونڊن کان اڳ ته هار پارٽي وڏيون دعوائون ڪندي آهي پر ج ڏهن اقتدار ۾ ايندي آهي ته انهن کي اهي سمورا واعدا وسري ويندا آهن ۽ ڀوڳڻو عوام کي پوندو  آهي ۽ اهو حشر  هن ڀيري به ٿيو آهي. مسلم ليگ ن بجلي  لوڊشيڊنگ جي  خاتمي جو واعدو ڪيو هو پر افسوس جو اهو واعدو رڳو واعدو ئي بڻجي ويو  آهي. اڃا ته جون ۽ جولاءِ جو مهينو نه آيو آهي، هن وقت ئي گرمي پد42 کان50 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن جون ۽ جولاءِ جو مهينو آيو ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بحران برقرار رهيو ته ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهندو ۽ وري هڪ ڀيرو  ٻيهر ماڻهو گرمي سبب فوت ٿي  ويندا ۽  ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي وينديون.


No comments:

Post a Comment