Pages

Tuesday 8 May 2018

اُملهه حياتيون ڳڙڪائينڊر سنڌ جا روڊ


صاحب خان ڀٽي
بنيادي سهولتون مُهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر افسوس جو سنڌ اندر حڪمران وڏيون دعوائون ڪندا آهن پر عملي طور عوامي ڀلائي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويندا آهن، جنهن سبب عوام بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، هر ملڪ ۾ روڊ رستن جو ڄار اُن ڪري وڇايو ويندو آهي جو ملڪ ترقي ڪري سگهي ۽ واپاري کي هٿي ملي سگهي، اُن سان گڏ شين کي تمام جلد مارڪيٽن تائين پهچائڻ لاءِ به روڊ رستا بهتر هجڻ ضروري هوندي آهي، جنهن ڪري ئي هر ملڪ روڊن رستن کي ترجيح ڏيندو آهي،
جيڪڏهن روڊ رستا بهتر هوندا ۽ انهن جي حالت ٽٽل ڀڳل نه هوندي ته سفري سهولت به بهتر هوندي ۽ هر ماڻهو پنهنجو وقت به بچائي سگهندا، پر حڪومت روڊ رستا ٺهرائڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا آهن، جيڪڏهن ڪٿي روڊ رستا ٺاهيا ويا به آهن ته انهن کي اهڙن ٺيڪيدارن جي حوالي ڪيو ويو، جن ناقص مٽيريل استعمال ڪيو، جنهن سبب روڊ ٺهڻ جي ڪجهه عرصي بعد ٽٽي وڃن ٿا ۽ اُن جو ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. ڪجهه اهڙا روڊ  به آهن، جيڪي اڌ ٺهيل آهن ته اڌ ۾ انهن جو ڪم رڪيل آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي به حڪومت ايندي آهي، اڳ ۾ ته رڳو پنهنجن علائقن ۾ ڪم ڪرائيندي آهي، اُن جو سڀ کان وڏو ثبوت مسلم ليگ ن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو،
جڏهن به  مسلم ليگ اقتدار ۾ آئي ته پنجاب ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي، جيڪڏهن ڪراچي کي ڇڏي سنڌ جي ٻين شهرن جي حالت ڏسنداسين ته اسان کي واضح نظر ايندو ته اسان جي سنڌ صوبي ترقي نالي ماتر ٿي آهي ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ روڊ نه هجڻ سبب ماڻهو فصل لهڻ بعد مارڪيٽن ۾ پهچائڻ ۾ دير لڳي وڃي ٿي. پرويز مشرف جي دور کان اڳ سنڌ ۾ ٽرين جي سفري سهولت به موجود هئي پر اها به هاڻ ڪيترن ئي علائقن ۾ نه  هئڻ برابر آهي. جنهن سبب ماڻهن کي هاڻ بسن، ٽيڪسين، ڪوسٽرز ۽ ڪوچز ۾ سفر ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هڪ طرف روڊن رستن جي اهڙي حالت آهي جو  اتي موت جو رقص جاري آهي. هر روز  ڪيتريون اُملهه حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن. سڀ کان خطرناڪ روڊ  ڄامشورو- سيوهڻ روڊ  آهي، جتي  سوين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ هزارين ماڻهو  زخمي ٿيا آهن پر حڪومت کي اڃا تائين ڪو به رحم نه آيو آهي.
دادو کان خيرپور ناٿن شاهه تائين ۽ سيتا/ رحماني نگر تائين روڊ جي به اهڙي حالت آهي  جو ماڻهو  منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪري رهيا آهن ۽ روڊن رستن جي اهڙي حالت آهي  جو ماڻهو نئين گاڏي وٺي ته اها به کٽارا ٿي وڃي،  ڪجهه ماڻهو جو خيال آهي ته جيڪڏهن  اهو روڊ نه هجي ها  ته بهتر هو ڇاڪاڻ ته روڊ ٽٽل هئڻ سبب روز حادثا معمول بڻيل آهن پر حڪومت  روڊ  ٺهرائڻ تي ڪو به خاص ڌيان نه ڏئي رهي آهي،  دادو جا شهري روڊ نه هئڻ سبب سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن  ۽  سراپا احتجاج به بڻيل آهي. پر سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪو به نه آهي. جيڪڏهن حڪومت ڄامشورو- سيوهڻ روڊ کي ئي  بهتر نموني سان ٺهرائي ته جيڪي روز اُملهه حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن، اهو سلسلو بند ٿي سگهي ٿو. رڳو هي روڊ نه پر ڪراچي کان  سکر تائين اهڙو  بهتر روڊ  ٺهرايو وڃي، جتي  حادثا نه هئڻ برابر هجن، ڇاڪاڻ ته جڏهن به قلندڙ  لعل شهباز جو ميلو لڳندو آهي، تڏهن ڪيترائي  ئي زائرين پنهنجيون حياتيون وڃائي  ويهندا آهن. 
هن ڀيري به ڄامشورو سيوهڻ روڊ تي حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. جيڪڏهن  حڪومت قلندر جي زائرين  کي بهتر سفري سهولت مُهيا ڪري ها ته اڄ اهڙا هانءُ ڏاريندڙ حادثا پيش نه اچن ها ۽ نه ئي معصوم ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد حادثن جو کاڄ بڻجن ها. اها ته اهي روڊ آهن،  جيڪي ميڊيا تي رپورٽ ٿي رهيا آهن، پر ان کان علاه به سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي روڊ آهن، جتي ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي رهيا آهن.  جيڪڏهن حڪومت خاص طور تي سيوهڻ ڄامشورو روڊ کي درست نموني ٺهرائي ۽ اتي ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرائي ته ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن ٿيون.  جيڪڏهن حڪومت روڊن رستن جو ڄار بهتر نموني نه وڇايو ته اهڙا حادثا روز پيش ايندا رهندا ۽ اُملهه حياتيون ضايع ٿينديون رهنديون. 
هونئن ته حڪومت عوامي ڀلائي لاءِ وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي. پر هاڻ اها حڪومت جي ذميواري  آهي، جيڪي روڊن رستن جو ڪم اڌ ۾ رڪجي ويو هو، انهن کي مڪمل ڪرايو وڃي ۽ جيڪي روڊ ڀڳل ٽٽل آهن. انهن جي مرمتي ڪم کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي سفري سهولت سان گڏ انهن جون حياتيون به بچي سگهن. جيڪڏهن اها روڊ رستا نه ٺهيا ته اهڙا هاڃيا پيش ايندا رهندا. حڪومت کي گهرجي ته چونڊن کان اڳ ڄامشورو سيوهڻ روڊ کي ويڪرو  ڪري ته جيئن حادثا نه ٿين ۽ ماڻهو قلندڙ لعل شهباز جي مزار  جي زيارت ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن محفوظ نموني واپس وڃي سگهن. جيڪڏهن اهو روڊ ويڪرو ڪيو ويو ته عوام کي تمام گهڻي سهولت به ملي ويندي ۽   سفر ڪرڻ دوران ماڻهن جو وقت به بچي سگهندو.

No comments:

Post a Comment