Pages

Saturday 5 May 2018

سيد جي سچي سپاهي قمر ڀٽي جي قومي جدوجهد


صاحب خان ڀٽي

31 جنوري 1958ع تي باڊهه لڳ ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ محمد سليمان ڀٽي جي گهر ۾جنم وٺندڙ قمر ڀٽي اڄ اسان جي وچ ۾ ته ناهي رهيو پر سندس ڪيل قومي جدوجهد سنڌ جي تاريخ جو هڪ حصو بڻجي وئي آهي، قمر ڀٽي سيد جو اهو سچو سپاهي هو، جنهن آخري ساهه تائين پنهنجي جدوجهد سنڌ ۽ سنڌي قوم خاطر جاري رکي هو، ٻين اڳواڻن وانگر خاموش ٿي ويهي رهڻ وارن مان نه هو، پر هو سيد جو سچو سپاهي ۽ بهادر اڳواڻ هو، جنهن کي نه ڪا ديوار روڪي سگهي ۽ نه ئي وري کيس تڪليفون ۽ جبر جهڪائي سگهيا، هو هر ڏکئي دور ۾ ثابت قدم  رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي ڏسيل دڳ تي هلندو رهيو، ڪيترائي اڳواڻ آيا، جن سيد جو سپاهي هئڻ جي دعويٰ ڪئي پر جڏهن ڏکيو وقت آيو ته هو  سيد جي فڪر تان هٽي ويا ۽ پنهنجو جدا رستو اختيار ڪيو پر هي سيد جو سچو سپاهي اُن وقت به سائين جي ايم سيد جي فڪر تي هليو، جڏهن قومپرست اڳواڻن کي  گرفتار ڪيو ويو ۽ زندهه ساڙي شهيد ڪيو ويو، هو ته اُن وقت به هي سنڌ جو سچو سپاهي ميدان تي بيٺو هو، هي سيد جي انهن سپاهين مان هو، جن پنهنجي جان ته قربان ڪرڻ پسند ڪيو پر سنڌ جو سودو قبول نه ڪيو،
 ڀائو قمر ڀٽي آمريت دور هجي يا جمهوري دور هجي پنهنجي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا کڻي وطن جا گيت ۽ ترانا ڳائيندو ورتندو هو، هن ڪڏهن به هار نه مڃي، هميشه سنڌي قوم جو ترجمان بڻيل رهيو. ٻين اڳواڻن ۾ وڏائي ۽ فخر ٿي سگهي ٿو پر سيد جي هن سچي سپاهي ۾ اهڙيون ته خوبيون هيون جو سنڌ جو ننڍو وڏو کيس احترام جي نظر سان ڏسندو هو، سيد جي هن سچي سپاهي پنهنجي ابتدائي تعليم 1969 ع ۾باڊهه ۾ مڪمل ڪئي ۽ کيس ننڍي هوندي  کان ئي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي تمام گهڻي ڳڻتي هوندي هئي، جڏهن ته کيس ننڊ پڻ کان تعليم سان به تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو.
سائين قمر ڀٽي کي  سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. هو سنڌ جي ماڻهن جي درد کي پنهنجو درد سمجهندو هو، رات هجي يا ڏينهن هجي، مارشل لا جو دور هجي يا  وري ڪرفيو جهڙي صورتحال سيد جو هي سچو سپاهي  هر هڪ جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو هو. ڀائو قمر ڀٽي 1973ع  ۾گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان مئٽرڪ پاس ڪئي، جنهن کان پوءِ هن 1975 ع ۾ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر پاس ڪيائن. قمر ڀٽي اسڪول ۾ سڀني سان تمام گهڻو سٺو ورتاءُ رکندو هو ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ سندس رڳ رڳ ۾ شامل هوندي هئي. قمر ڀٽي کي ٻين جا اهنج، تڪليفون برداشت نه ٿينديون هيون. 1982 ع ۾قمر ڀٽي سنڌ يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪئي، جڏهن ته پنهنجي سياست جي شروعات 1984 ع ۾شاگردي واري زماني کان ڪئي، هن سياست ۾ پير رکڻ کانپوءِ سنڌي نوجوانن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪئي. هو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر به رهيو، جنهن کان پوءِ هن 1987 ع ۾ايم اي اڪنامڪس ڪئي، هو تعليم ۾ به تمام گهڻو هوشيار هوندو هو. جڏهن ته کيس وڪالت سان به تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو،
قمر ڀٽي سائين جي ايم سيد جي ايم سيد جو هڪ سچو سپاهي هو، هو پنهنجي آخري ساهه تائين سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل رهيو ـ قمر ڀٽي کي لکڻ جو به تمام گهڻو چاهه هوندو هو، هن سياست، ادب ۽ تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي، ڦٽڪڻ لڳڻ وارو ڏينهن، گيت منهنجا گوليون، هند ۾ جلاوطن سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. 1990 ع هن جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو بنياد رکيو ۽ آخري پساهن تائين پارٽي جو چيئرمين رهيو.سائين جي ايم سيد جي هن سپاهي آمريت ۾ ڪوڙا به کاڌا ۽ وطن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل به وڃڻو پيو، قمر ڀٽي اهو سچو قومپرست اڳواڻ هو، جنهن کي جيل اندر اذيتون به ڏنيون ويون پر هن سائين جي ايم سيد جي فڪر تان هٿ نه کنيو ۽ آخري پساهه تائين سائين جي ايم سيد جي فڪر تي هلندو رهيو ـ
هن 1993 ع ۾لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڪئي. قمر ڀٽي قوم پرست سياست ۾ 13 سال قيد ڀوڳيو پر پنهنجي مقصد تان نه هٽيو.  آمريت دور ۾ به هي سيد جو  سپاهي مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي سڀني کان اڳيان رهيو، هي سيد جو اهو سپاهي هو،  جيڪو سيد جي ڪارڪن ۽ سيد جي فڪر تي هلندڙ شخص جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. هونئن ڀلي کوڙ سارا اختلاف هجن، قومپرستن پارٽين ۾ پر هي هن  سيد جي سپاهي ۾ ڪا به وڏائي نه هوندي هئي هو هر هڪ سان ساڳئي طرح ملندو هو، جيڪڏهن ڪو  سنڌي کيس ڪنهن تڪليف هئڻ سبب ياد ڪندو هو ته هو نه رات ڏسندو هو ۽ نه ئي ڏينهن،  هو اُن جي مدد ضرور ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو  سائين جي ايم سيد جي هن سپاهي کان  تمام گهڻو خوفزده هوندا آهن ۽ ان سان گڏ سنڌجي دشمنن کي اهو به خوف هوندو هو ته متان هي سيد جو سپاهي سنڌ جو ڪيس  ڪٿي  عالمي سطح تي کڻي نه وڃي، ڇاڪاڻ ته  هو هڪ اديب، دانشور هئڻ سان گڏ  وڪيل  به هو ۽ کيس  رياست اندر هر هڪ قوم جي حقن جي قانوني ڄاڻ هئي ۽ هو  قانون جي دليلن سان  سنڌ جو موقف هر  فورم تي رکندو هو، انهيءَ خوف سبب سنڌ جي دشمنن کيس ڪوڙا به هنيا ته جيل اندر تڪليفون به ڏنيون پر قمر ڀٽي سيد جي فڪر تان هٽڻ بدران پنهنجي جان ڏيڻ کي اوليت ڏني، ڇاڪاڻ ته هن سيد جي سپاهي ۾ پنهنجي وطن کان وڌيڪ ڪا ٻي ڳالهه نه هئي. هو هميشه سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو. 
هي سيد جو سپاهي راتين جون راتون جاڳي گذاري وطن جو ڪيس وڙهندو  رهيو، سندس سڄي ڄمار سنڌ وطن جي آجپي جي جنگ ۾ گذري، مٿس سنڌ جي دشمنن تنقيد به ڪئي ته متان هي سيد جي فڪر تان هٽي وڃي  پر هن ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي. هميشه سنڌي قوم جي پاڻ پتوڙيندو رهيو، قمر ڀٽي ڪيترائي ڏينهن بکون به ڪاٽيون پر  سنڌين جو ڪيس عدالتن ۾ وڙهڻ لاءِ سنڌ ين کي متحد ڪرڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد تان پوئتي نه هٽي، ڪجهه ماڻهو کيس اُن ڪري اهميت نه ڏيندا هئا  جو هو ڪنهن کي نه ڪا ڌمڪي ڏيندو هو ۽ نه ئي وري سندس پارٽي  ڪنهن  بيگناهه سان ظلم ٿيندي ڏسي برداشت ڪندي هئي ۽ آهي. جڏهن سنڌ دشمن ڪراچي ۾ سنڌين جا گهر ڊاهي رهيا هئا ته ان وقت به هو سنڌين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙن سان گڏ رهيو ۽ سنڌين جي حقن لاءِ آخري دم تائين ثابت قدم رهيو. هو سائين جي ايم سيد جو سپاهي هئڻ سان گڏ اديب، دانشور ۽ ليکڪ پڻ هو، سندس لکڻين ۾ سنڌ سان محبت سمايل هوندي هئي. هو هميشه سنڌ جي ڳالهه ڪندو هو، هڪ ڏينهن مون کيس چيو ته سائين اوهان ڀٽي برادري جي اتحاد بابت ڇا چوندئو ته قمر ڀٽي صاحب جواب ڏيندي چيو هو ته ”پٽ برادرين ۾ نه پئو، پنهنجي سنڌ ڌرتي جي لاءِ سوچيو ۽ پنهنجي سنڌي قوم لاءِ سوچيو، جيڪڏهن اسان برادرين ۾ پئجي وياسين ته ڪڏهن به پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهنداسين“. سندس اهي لفظ اڄ به مون کي ياد آهن. هو ان وقت به سنڌين سان گڏ هو ـ
جڏهن سنڌ اندر سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پئي ويو، هن اُن وقت به عوام اٿاريو ويو، جڏهن سنڌي نوجوانن جا چچريل لاش روڊن  تا ن ملي رهيا هئا ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙن کي زندهه ساڙي شهيد ڪئي پئي ويو،  پر هن سيد جي سپاهي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ بدران انهن  ڳجهين قوتن  آڏو مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪوشش جاري رکي، ايتري قدر جو سيد جي هن سچي سپاهي  سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ قبضي جو ڪيس به عدالت کڻي ويو، بحريا ٽائون جي خلاف هو هڪ ديوار ثابت ٿيو،  سندس لکڻين ۾ سنڌ جو درد سمايل هوندو هو،  سائين جي ايم سيد جي ورسي هجي يا سالگراهه هو  سن ۾ موجود  هوندو هو ۽ سائين جي ايم سيد کي سلام پيش ڪري  سنڌ جي آجپي جو وچن ورجائيندو هو. سيد جو  هي سچو سپاهي ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو نه هو ۽ نه ئي کيس ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي سگهيو پئي، ڇاڪاڻ ته سندس رت ۾ سيد جو فڪر سمايل هو ۽ جنهن جي رت ۾ سيد جو فڪر هجي ۽ سائين جي ايم سيد جو نظريو  هجي، اهو ڪڏهن به ڪنهن آڏو جهڪي نه ٿو سگهي،
هن سيد جي سچي سپاهي کي سنڌجي دشمنن اُن وقت سڃاتو جڏهن سنڌ جا دشمن قومپرستن جا لاش روڊن تي اڇلايا ۽ زندهه ساڙي شهيد ڪري ڇڏيو، سنڌ جي دشمنن سيد جي ڪارڪنن کي اهڙي ريت شهيد ڪيو، جنهن جو مثال ڪشمير ۽ فلسطين ۾ به نٿو ٿئي، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ گوليون هڻي حق گهرندڙن کي قتل ڪيو ويندو آهي پر  سنڌ ۾ ته سيد جي ڪارڪنن کي باهه ڏئي ساڙي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي اسلام به اجازت نه ٿو ڏئي ۽ نه  ڪنهن مذهب ۾ انسان کي ساڙي مارڻ جو لکيو ويو آهي پر افسوس جو سنڌ جي دشمنن سيد جي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري انهن جي جسمن ۾ سوراخ ڪري لاش روڊن تي ڦٽا ڪيا، اهڙي صورتحال کي ڏسندي سنڌ جي هن سچي سپاهي پوئتي هٽڻ بدران سيد جي فڪر کي اڳتي کڻي هليو ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي وطن جي حفاظت ۽ سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ اچي رهي هئي ته اُن وقت به هي سيد جو سچو سپاهي سمورن قومپرستن سان گڏجي جدوجهد ۾ شامل رهيو.
جڏهن سنڌ جي دشمنن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي سازش رٿي ته اُن وقت به هي دشمنن آڏو ديوار بڻجي و يو. ڀائو قمر ڀٽي ڌارين کي آباد ڪرڻ خلاف سخت مزاحمت ڪئي، بنگالين، بهارين، برمين ۽ ٻين غيرملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف پنهنجو اثرائتو آواز اٿاريو ۽ ڪراچي ۾سنڌين کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي متحد ڪرڻ ۾ هڪ نه وسرندڙ ڪردار به ادا ڪيو، جڏهن سنڌ جي دشمنن سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪراچي مان سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي ته اُن وقت هن سپاهي هر ڳوٺ جو دورو ڪيو، ڳوٺن کي بچائڻ جي عملي جدوجهد ڪئي. جڏهن سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون جا سنڌ دشمن منصوبا جوڙيا ويا ته اُن وقت به  سيد جي سپاهي قانوني ويڙهه وڙهڻ جو اعلان  ڪيو، ڇاڪاڻ ته اُن وقت سڄي سنڌ سراپااحتجاج بڻجي وئي هئي ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند سنڌ دشمن منصوبن خلاف هڪ آواز بڻجي ويا هئا  ۽ سيدجي هن سچي سپاهي عدالت ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي قانوني ويڙهه شروع ڪئي ۽ ڪيس به داخل ڪرايو ، اُن کان اڳ انهن  سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪو به عدالت ۾ نه ويو هو پر هن سيد جي سچي سپاهي هار نه مڃي ۽ قانوني جنگ وڙهڻ لاءِ عدالتن جا در کڙڪائي سنڌ ۾ هڪ نئون مثال ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته هو قانوني ويڙهه سنڌ دشمنن کان کٽي ويندو. هن اهو به اعلان ڪيو هو ته سنڌ جي کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ قانوني  جنگ وڙهندو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس به عدالت ۾ هلي رهيو آهي.
جڏهن  عدالت پاران بحريا ٽائون خلاف فيصلو ڏنو ويو ته اُن کان پوءِ سنڌ جي دشمنن جون ننڊون حرام ٿي ويون، . قمر ڀٽي ان وقت تمام گهڻو خوش ٿيو هو ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ به رکي هئي ته بحريا ٽائون خلاف آيل فيصلو سندس ڪاميابي نه پر سڄي سنڌ جي ڪاميابي آهي ۽ هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ اوچتو 25 مارچ 2018 جي رات ۾ هو هني فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو،  جئين شهيد بشير خان اوچتو اسان کان وڇڙي ويو. قومپرست اڳواڻ قمر ڀٽي جو مڙهه ڪراچي کان باڊهه پهچايو ويو جڏهن ته جسقپ چيئرمين جي تدفين شهر جي ڀٽي چوڪ تي قائم سندس رائيس مل ڀرسان ڪئي وئي. قومپرست اڳواڻ جي آخري رسمن ۾ايس يو پي اڳواڻ سيد منير حيدر  شاهه، جسم چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، حنيف ساگر بڙدي، ناياب سرڪش، جيئي سنڌ   لبرل فرنٽ جي اڳواڻ نواز خان زئنور سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي ۽ اُن وقت هر هڪ جي اک ۾ لڙڪ هئا هر طرف سوڳ جو ماحول هو، قمر ڀٽي جي وارثن ۽ پارٽي اڳواڻن دودو ديشي، ايوب ڀٽي، محمد کوکر ۽ ٻين الزام هنيو ته قمر ڀٽي کي دل جو دورو نه پيو پر کيس زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو بحريه ٽائون منصوبي خلاف ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ عدالت ۾وڙهي رهيو هو. سندس موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي وڃي.
 اڄ مون کي هڪ شاعر جو هڪ شعر ياد اچي رهيو آهي ته: اڄ ته اسان کي آزادي سان جيئڻ ڏيو، هي جام اسان کي به پيئڻ ڏيو، هي جسم تي جيڪي زخم لڳا آهن، انهن کي ته سبڻ ڏيو، ڪيستائين ماريندئو اسان کي نفرتن جي تلوارن سان، توهان ته جيو ٿا آزادي سان، اسان کي به ته جيئڻ ڏيو..!! بهرحال قمر ڀٽي جي اوچتي وڇوڙي کانپوءِ سپريم بحريا ٽائون کي ڪراچي ۾ زمين جي خريداري ۽ وڪري کان روڪي ڇڏيو ۽ بحريا ٽائون ۽ ملير ڊولپمنيٽ اٿارٽي وچ ۾ زمين جي ڏيتي ليتي کي غير قانوني قرار ڏنو، جڏهن ته ان غير قانوني معاملي تي ذميوارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ ڪيس ٽن مهينن ۾ اڪلائڻ جي هدايت به ڪئي وئي.ايتري قدر جو  سپريم ڪورٽ نيب کي هدايت ڪئي هئي ته ان ڪيس جي جاچ ڪئي وڃي ۽ هر ان ماڻهو خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي، جيڪو ان غير قانوني عمل ۾ ڪنهن به سطح تي ۽ ڪنهن به صورت ۾ شامل آهي.
مون کي ته اهو به ياد آهي ته جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگرد سنڌين جي گهرن تي حملا ڪندا هئا، هو ان وقت به سنڌين سان گڏ بيٺو رهيو ۽ ڳوٺن ۾ وڃي سنڌ ڌرتي جي اصلوڪن وارثن سان ملي عملي جدوجهد جي شروعات ڪئي. ڀائو قمر ڀٽي جي سنڌ لاءِ ڪيل لازوال جدوجهد ڪڏهن به وسارڻ جوڳي نه آهي، سنڌ جي هن بهادر پٽ جهڙي ريت سنڌجي دشمنن سان قانوني جنگ وڙهي وڙهي شايد  ڪنهن ٻئي نه وڙهي هوندي. ڀائو قمر ڀٽي انهن سنڌدشمنن سياستدانن لاءِ هڪ لوهه جي ديوار بڻجي چڪو هو، جنهن حڪمران جماعت پاران شروع ڪيل سنڌ دشمن منصوبي ذوالفقار آباد رٿا ۽ بحريا ٽائون خلاف خلاف هڪ عملي جدوجهد ڪئي. پر   سنڌ جا حڪمران انهيءَ منصوبي کي ترقي جي هڪ سٺو سنوڻ قرار ڏئي رهيا هئا ۽ سنڌ  جي سون جهڙي زمين کي ڀڳڙن مٺ ڌاري شخص کي وڪرو ڪري سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري هڪ الڳ رياست قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، جتي رڳو انهي سنڌ دشمن جي حڪومت هلي ها،
جيتوڻيڪ هن وقت ڀائو قمر ڀٽي اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي پر سنڌ سيل شروع ڪيل قانوني جدوجهد اڄ عملي جامو پائڻ واري آهي ۽ ان جو مثال سپريم ڪورٽ جو ورتل نوٽيس آهي ۽ سنڌ دشمن منصوبي تي عارضي طور پابندي لڳائڻ مان ملي ٿو. اسان سڀني سنڌين کي گهرجي ته اسان  سائين جي ايم سيد جي هن سچي سپاهي جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪيون ۽ بحريا ٽائون سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف قانوني جنگ شروع ڪيو، باقي رهي ڳالهه احتجاجن سان هن رياست ۾ ڪي به حق نه ملڻا آهن،  جيڪڏهن هن رياست جي عدالتن مان انصاف ملي ته ٺيڪ آهي نه ته پنهنجو ڪيس عالمي عدالتن ۾ کڻي وڃون ۽ اهو ڪم سنڌ جي وڪيل برادري ئي ڪري سگهي ٿي، جيئن ڀائو قمر ڀٽي سنڌ دشمن منصوبن خلاف عدالتن جو در کڙڪايو هو.  ڀائو قمر کي اهڙي جدوجهد کي اسان سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.


No comments:

Post a Comment