Pages

Tuesday 29 May 2018

عدالتن ۾ گهلڻ واري سياست جا چونڊن تي ڪهڙا اثر پوندا؟


صاحب خان ڀٽي
31 مئي 2018ع تي حڪومت جو مدو ختم ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن پاران سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ڪرائڻ جي سمري موڪلي وئي هئي. جنهن جي  منظوري به ڏني وئي  آهي.  مختلف پارٽين پاران  پنهنجي سياسي طاقت ڏيکارڻ جو به سلسلو جاري آهي، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف پاران   سڄي ملڪ ۾ وڏا وڏا جلسا به ڪيا پيا وڃن ۽ هڪ ٻئي  خلاف بيان به ڏنا پيا وڃن ، جيئن ته هن وقت نواز ليگ جي حڪومت آهي، اُن جي ڪري ئي نواز ليگ کي ئي وڏيون ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاناما پيپرز مسلم ليگ ن جي  سربراهه  کي نااهل ڪرڻ جو سبب بڻيو ۽ اُن کان علاوه  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي پنهنجي عهدي تان هٿ به ڌوئڻا  پيا، ايتري قدر جو هاڻ هو تاحيات نااهل ٿي چڪو آهي  ۽ عدالتن ۾ هن وقت به پيشون ڀوڳي رهيو آهي پر اُن باوجود نواز ليگ کي اعتماد آهي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر ڪامياب ٿي ويندي پر   لڳي نه ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ جي اڪثريت هوندي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف جو هن ڀيرو وڏو مقابلو ٿيندو، جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته؟
جيئن ته نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق به ٿي ويو آهي ۽ هن ڀيري نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر المڪ کي بڻايو ويو آهي، جيڪو اڳوڻو چيف جسٽس به رهي چڪو آهي. جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ 17 آگسٽ 1950 تي سوات جي شهر مينگوره ۾ پيدا ٿيو، جنهن 1977ع ۾ لنڊن مان بار ايٽ لا ڪرڻ بعد پشاور ۾ وڪالت شروع ڪئي، 1981ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي سيڪريٽري ۽ 1991ع ۽ 1993ع ۾ صدر چونڊيو.  جسٽس ناصر الملڪ پي سي او، اين آر او ۽ ارڙهين ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ  بئنچن جو به حصو رهيو. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائيندڙ بئنچ  جو سربراهه به هو. ٻئي طرف ورياليڪشن ڪميشن 77 سياسي پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيا آهن. تحريڪ انصاف کي بيٽ، مسلم ليگ ن کي شينهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي لغڙ، متحده مجلس عمل کي ڪتاب، اي اين پي کي لالٽين، پاڪستان عوام ليگ کي انساني هٿ، متحده قبائلي پارٽي کي پڳ، پاڪستان تحريڪ انسانيت کي ڪنگي، پاڪستان عوامي ليگ کي هاڪي، پاڪستان متحده علماءَ مشائخ ڪائونسل کي ڏاند جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪسان اتحاد کي هر، عوامي مسلم ليگ کي مس ڪپڙي، مسلم ليگ ق کي ٽريڪٽر، پ پ پارليامينٽرينز کي تير، پاڪستان پيپلز پارٽي کي تلوار ۽ پيپلز ورڪرز پارٽي کي وڪٽري چونڊ نشان ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ رنڊڪون اچي سگهجن ٿيون، جنهن لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.  جيئن ته چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ شريف ڪٽنب خلاف به مختلف عدالتن ۾ کوڙ سارا ڪيس هلي رهيا آهن، اهم ڪيس احتساب عدالت ۾ هلي رهيو آهي ، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر  عدالتن ۾ پيش به ٿي رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي سبق سيکارڻ لاءِ مون کي ڪيسن ۾ گهليو ويو، مون کي ريفرنس ۾ ڦاسائڻ جو مقصد منهنجي والد جي اعصاب تي دٻاءُ وجهڻ آهي. نواز شريف ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ جهاد تي نڪتو آهي ۽ ان جهاد ۾ ساڻس گڏ بيٺل آهيان، ٻئي طرف وري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته  حديبيا پيپر ملز ۽ التوفيق ٺاهه بابت ذاتي ڄاڻ نه آهي، مارگيج ڊيڊ سان به ڪو تعلق ناهي. جڏهن ته نواز شريف هڪ دفعو ٻيهر قومي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو  ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال  ڏسڻو اهو آهي ته اليڪشن کان اڳ  شريف ڪٽنب  خلاف هلندڙ  ڪيسن جو فيصلو اچي ويندو يا وري اهو سلسلو جاري ۽ ساري رهندو. جيئن ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان مختلف تنظيمون تمام گهڻو سرگرم آهن، جن ۾ نواز ليگ به شامل آهي پر نواز ليگ جو ايندڙ چونڊن  تائين مستقبل اونداهون نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جهڙا نوان لفظ متعارف ڪرائي رهيو آهي، انهن لفظن جي بنياد تي سندس سياسي مستقبل اونداهي ڏانهن وڃي رهيو آهي،
رهي ڳالهه ايندڙ چونڊن جي ته ملڪ اندر لساني سياست جي شروعات ٿي چڪي آهي ته ٻئي طرف وري ايم ڪيو ايم کي هڪ دفعو ٻيهر اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اُن جو چٽو مثال ڌار صوبي وارو معاملو آهي، سڀني کي خبر آهي ته هن ملڪ کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو ۽ سڀ کان پهرين  سنڌ ئي پاڪستان ٺاهڻ جي حمايت ڪئي هئي پر  اها خبر نه  هئي ته مذهب جي نالي تي سنڌ ۾ پناهگيرين کي ڀريو ويندو  ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ويندي. بهرحال  اها به هڪ تاريخ آهي، اها تاريخ هڪ ڀيرو ورجائي وئي، جڏهن افغانستان تي آمريڪا حملو ڪيو ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن مذهب جي نالي تي افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني ۽ ڪراچي کي اسرائيل بڻائڻ جي ٻيهر هڪ ڀرپور ڪوشش ڪئي، ٻين ملڪن ۾ حڪمران پنهنجي عوام جي جائز مطالبن کي ٻڌندا آهن پر هتي ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن کي الائي جي ڪهڙا ڪهڙا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا پر ڌارين کي ملڪ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪا به حڪمت نه جوڙي وئي ۽ نه ئي وري ڌارين جي اچڻ جو سلسلو هن وقت تائين رڪجي سگهيو آهي. ڏينهون ڏينهن ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي، اُن جو سبب به غيرملڪي آهن، جن کي هتان جي حساس اداري سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ملڪ جي سلامتي خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي. سڄاڻ ڌريون احتجاج ڪري رهيون آهن پر اسان جي حڪمرانن جي ڪن تي جون ءَ به نه چري.  بهرحال ڌارين جي آبادڪاري جا ايندڙ چونڊن تي وڏا اثر پئجي سگهيا آهن ۽ اسان جا حڪمران به اُن کان چڱي ريت آهن پر مذهب جي ٺيڪدارن ڌارين جي لوڌ کي ترسائڻ ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ جو ٺيڪو کڻيو آهي.
جيڪڏهن اهڙو عمل نه رڪيو ته هن ملڪ ۾ امن قائم ٿيڻ ناممڪن آهي ۽  اهي ڌاريا اسان جي ملڪ ۾ بدامني جو  وڏو ڪارڻ بڻبا ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا هن ملڪ ۾ به پيش اچي چڪا آهن.  جئين ته هن وقت ملڪ ۾ عدالتن  ۾ گهلڻ وارا بيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، مريم نواز چئي رهي آهي ته اسان کي عدالتن ۾ گهليو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي به چئي رهي آهي ته اسان کي به  عدالتن ۾ گهليو ويو هو ۽ يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏنو ويو هو. بهرحال اها روايت ڪافي عرصي کان هلي رهي آهي، پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ جڏهن نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته اُن وقت چونڊن ۾ انهن ڪاررواين کي ڍال طور استعمال ڪيو ويندو يا وري انهن ڪاررواين ذريعي ڪو کڙ تيل نڪري سگهندو؟



No comments:

Post a Comment