صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان پوءِ عوام
ڏاڍو خوش هو ته هاڻ تبديلي ايندي، پيٽرول سستو ٿي ويندو ۽ مهانگائي گهٽ ٿي ويندي
پر پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ شرط ئي مهانگائي گهٽجڻ بدران وڌڻ شروع ٿي وئي،
بجلي مهانگي ڪئي وئي، ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي غريب توڙي امير ماڻهن جو جيئڻ جو
جنجال ڪيو ويو، ايتري قدر جو واپاري طبقو ۽ سيڙپڪارن ملڪ اندر
سيڙپڪاري ڇڏي ڏني پر ان باوجود حڪومت ٽيڪس لڳائڻ وارو عمل بند نه ڪيو، ان
جو اثر اهو پيو جو گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنين پاڪستان ۾ گاڏيون ٺاهڻ بند ڪري
ڇڏيون، ان جو سبب به وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ ئي ٻڌايو ويو آهي پر يوٽرن سرڪار
اهو چئي پنهنجا هٿ ڇنڊي ڇڏيا ته ماضي جي حڪومت جي کنيل قدمن سبب مهانگائي وڌي آهي
۽ ملڪ کي هلائڻ لاءِ ٽيڪس لڳائڻ ضروي آهي، اسان مديني واري رياست قائم ڪري رهيا
آهن ۽ عوام هينڊسم وزيراعظم جي ڳالهه ٻڌي انتظار ڪرڻ لڳو متان اڳتي هلي حڪومت ڪو
عوام کي رليف فراهم ڪري پر افسوس جو جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، ملڪ جو
ڏيوالو نڪري رهيو آهي هر طرف مهانگائي سٽيل عوام جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن،
ايتري قدر جو پاڪستان اندر اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جو به ڏيوالو نڪري رهيو آهي،
ميڊيا مان به ورڪرز کي ڪڍيو پيو وڃي، ڪجهه ورڪرز تان پگهارن کان به محروم
آهن، اهي به ان جو ڪارڻ هن موجوده حڪومت کي قرار ڏئي رهيا آهن پر پي ٽي آءِ
سرڪار اهو ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ۽دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هنن ملڪ جو قرض
لاٿو پر جيڪڏهن عالمي سطح تي پاڪستان پاران هڪ سال کنيل قرضن جا تفصيل پڇنداسين ته
جواب ملندو ته تاريخ ۾ ايترو قرض ڪنهن به حڪومت نه کنيو آهي؟ هاڻ اتي سوال اهو
پيدا ٿئي ٿو ته آخر ايترو قرض کنيو آهي ته اهو پئسو وڃي ڪيڏانهن ٿو؟ آخر قومي
خزانو خالي ڇو آهي، قرض جا پئسا ڪيڏانهن ويا، جيڪڏهن ڪو صحافي ڪنهن وزير کي پڇڻ جي
ڪوشش به ڪري ٿو ته سوشل ميڊيا تي ان کي يا ته جيالو قرار ڏنو ويندو آهي يا وري ان
کي ليگي چيو ويندو آهي ته جيئن هو سوال پڇڻ جي همت ئي نه ڪري پر ان باوجود ڪجهه
اهڙا صحافي آهن، جيڪي اڃا به پي ٽي آءِ سرڪار کان سوال پڇڻ به ناهن ڊڄندا. ڪجهه
ناليوارن صحافين ته يوٽيوب چينل تي صحافت شروع ڪري ڇڏيا ۽ انهن کي خبر آهي ته
موجوده حڪومت ٽي وي چينلز تي کين ڳالهائڻ جي آزادي جو حق حاصل نه آهي ۽ اهي
پنهنجي اوٻر پنهنجي يوٽيوب چينل تي ڪڍندا آهن ۽ وڏي تعداد ۾
ماڻهو يوٽيوب تي انهن جي پروگرامز کي ڏسندا به آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته حڪومت
اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ۽ ماڻهو ٽي وي چينلز جا
نيوز پروگرام ڏسڻ بدران سوشل ميڊيا جي صحافين جا پروگرام ڏسي رهيا آهن.
بهرحال اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ۽
پرنٽ ميڊيا تي رڳو مولانا فضل الرحمان جا ئي چرچا آهن ۽ ملڪي سياست ۾ هڪ نئين
صورتحال جنم ورتو آهي، سڄي ملڪ جون نظرون رڳو مولانا فضل الرحمان تي کتل آهن، ان
جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته موجوده حڪمرانن جون ڪوڙيون دعوائن ملڪ جو ڏيوالو
ته ڪڍيو پر ان سان گڏ غريب عوام جو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام ڪنهن
رهنما جو انتظار ڪري رهيو هو، عوام کي اميد هئي ته پيپلزپارٽي موجوده حڪومت خلاف
نڪرندي پر پيپلزپارٽي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال
ٽالپر جي گرفتاري تي به موجوده حڪومت خلاف اثرائتو احتجاج رڪارڊ نه ڪرائي
سگهي، ايتري قدر جو سيد خورشيد شاهه به سوگهو ٿي ويو پر ان باوجود نالي ماتر ماڻهو
روڊن تي نڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو، ايترا ماڻهو ته ڪو به گڏ ڪري سگهي ٿو؟ بهرحال نواز
ليگ جو به اهو ئي حال آهي ٻئي پارٽيون رڳو پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ رڌل آهن، جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ رڳو نيب مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان مشاورت
ڪنديون آهن، انهن جو نه ته وڌندڙ مهانگائي سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ملڪ جو جيڪو
ڏيوالو نڪري رهيو آهي، ان بابت کين ڳڻتي آهي، جيڪڏهن ٻنهي پارٽين کي ملڪ جي معاشي
صورتحال تي ٿوري به ڳڻتي هجي ها ته ٻئي پارٽيون ملڪ جون وڏيون پارٽيون آهن ۽ اهي
ٻئي پارٽيون گڏجي اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون ڪري سگهن پيون پر انهن ٻنهي پارٽين
ماضي جي روايت برقرار رکي آهي ۽ اڪيلي سر جدوجهد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي، هڪ
طرف ٻئي پارٽيون چئي رهيون آهن ته عمران خان “ سليڪٽيڊ” ناهي هو “ اليڪٽيڊ”
آهي پر ٻنهي پارٽين ۾ ايتري همت نه آهي جو ٻڌائي سگهن ته ڪنهن تحريڪ انصاف کي
اليڪٽيڊ ڪيو آهي؟ بهرحال هر پارٽي جي پنهنجي پاليسي هوندي آهي، اهي عوام کي
ٻڌائن يا نه ٻڌائن، پر عوام به سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو پر هن وقت سڀ کان وڏو سوال اهو آهي
ته آخر مهانگائي ڇو وڌي رهي آهي، نڪاح تي ٽيڪس، فائلر ۽ نان فائلر جو آزار، پيٽرول
مهانگو، گئس مهانگو، بجلي مهانگي، انساني جانيون بچائيندڙ دوائون مهانگيون پر ان
باوجود به ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ يوٿيا چون ته عمران
خان هينڊسم آهي، هن گڏيل قومن ۾ تاريخي خطاب ڪيو آهي پر تاريخي خطاب سان ڇا ملڪ جو
قرض لهي ويندو؟ ڇا ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي ويندي، جيڪڏهن تقريرن سان ڪجهه کڙ
تيل نڪري ها ته اڄ ڪشمير آزاد ٿي ويو هجي ها؟ پر تقريرن سان ڪجهه ناهي
ٿيندو، ڪجهه هٿ پير به هڻڻا پوندا آهن پر لڳي نه ٿو ته هي حڪومت هن ملڪي جي معاشي
صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۽ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ڪو سنجيده آهي؟
بهرحال هن وقت موجوده حڪومت کي الٽيم
ميٽم ڏيڻ لاءِ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ميدان تي لٿل آهي ۽ سندس چوڻ
آهي ته ڀلي ڪا پارٽي سندس ساٿ ڏي يا نه ڏي پر هو هن سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر موڪلي
رهندو. ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان آل پارٽيز اجلاس به گهرائي به چڪو آهي
پر پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ مولانا جي ڌرڻي ۽ مارچ تي سنجيده نظر نه ٿيون اچن، اهو
ئي سبب آهي جو مولانا فضل الرحمان ڪيترائي ڀيرا ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن سان
ملاقاتون به ڪري چڪو آهي پر ان باوجود رڳو حمايت جي کيس اثرائتو جواب نه مليو آهي،
ايتري قدر جو مارچ کان اڳ ئي مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جي اڳواڻن تي چمن
۾ حملو به ٿي چڪو آهي، پر ان باوجود مولانا پنهنجي اعلان تي ثابت قدم آهي،
فضل الرحمان اهو به چيو آهي ته تحريڪ
انصاف کانئس اين آر او وٺڻ آئي هئي پر موجوده حڪومت کي اين آر
او ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيندو. جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تحريڪ انصاف جو
ساٿ نه ٿي ڏي ته به جي يو آءِ وٽ ايترا ماڻهو ضرور آهن جيڪي پي ٽي آءِ کي
الٽي ميٽم ۽ گهر موڪلڻ لاءِ ڪافي آهن پر شرط اهو ئي آهي ته فضل الرحمان حڪومت سان
ڪو ٺاهه نه ڪري ويهي. هن وقت مولانا فضل الرحمان تي اڻ سڌي ريت پابنديون به
آهن ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته جيڪو به حالتون خراب ڪندو ته
ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي پر ماضي ۾ جڏهن مولوين اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو ته
نواز ليگ سرڪار کي واضح پيغام ڏنو ويوهو ته اهي اسان جا ماڻهو آهن، انهن
خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ انهن احتجاج ڪندڙ مولوين کي کاڌ خوراڪ به وقت تي
پهچائي ويندي هئي، ايتري قدر جو جڏهن مولوين ڌرڻو ختم ٿيو ته ان وقت انهن کي گهر
وڃڻ لاءِ پسئا به ڏنا ويا هئا. بهرحال هاڻ سڄي ملڪ جي مهانگائي سٽيل عوام جون نظرون
رڳو مولانا فضل الرحمان تي کتل آهن، جيڪڏهن مولانا اسلام آباد تائين مارچ ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته هن ٽيڪس زده حڪومت جو گهر وڃڻ ممڪن ٿي ويندو، ٻي صورت ۾ رڳو
اسان کي اپوزيشن خلاف ڪارروائن جي خبرن ۽ ٽيڪس مٿان ٽيڪس، ملڪ ۾ معاشي بحران
کانسواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌڻ نه ملندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ ۾ جي يو آءِ ( ف)
واحد مذهبي پارٽي آهي، جيڪي مديني واري رياست جي دعويٰ ڪندڙ حڪمرانن کي منهن ڏئي
سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت کي آڻڻ ۾ مولوين جو ڪردار هو ۽هن حڪومت کي گهر
موڪلڻ لاءِ به مولوي ئي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن مولانا رڳو اڪيلو ئي اسلام
آباد ۾ مارچ دوران پهچي وڃي ٿو ته به اسلام آباد ۾ سندس چاهيندڙ ۽ درس وٺندڙ وڏي
تعداد ۾ پاڻمرادي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ڪا به رياست انهن کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿي
سگهي. جيڪڏهن اپوزيشن واقعي هن حڪومت کان بيزار آهي ۽ پنهنجي جند آجي ڪرائڻ چاهي
ٿي ته ان کي مذهبي جماعت کي ڏسڻ بدران ان مذهبي جماعت جي ڪردار، فعل ۽ قول کي ڏسڻ
گهرجي، ڇاڪاڻ ته مولانا فضل الرحمان سنجيده ماڻهو آهي ۽ جيڪو خوف پيپلزپارٽي ۽
نواز ليگ ۾ آهي ته متان مولانا حڪومت سان ڪا ڊيل نه ڪري وٺي، اهو ممڪن نه آهي، ها
اهو ضرور ٿي سگهي ٿو ته حڪومت کيس طاقت ذريعي جهڪائي ڇڏي نه ته هو ڊيل ڪرڻ وارن
مان نه آهي، ڇاڪاڻ ته هي هڪ مذهبي جماعت آهي، جيڪڏهن مولانا جون تقريرون ٻڌنداسين
ته ان مان نه ٿو لڳي ته ڪو سندس ٺاهه ڪرڻ جو ارادو آهي، جيڪڏهن ٺاهه ڪري به وٺي ٿو
ته ثبوتن طور سندس ويڊيو موجود آهن، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾
حڪومت سان ٺاهه نه ڪندو. وڌيڪ ته مولانا پاڻ ئي ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن مولانا فضل
الرحمان حڪومت خلاف اسلام آباد لاڪ ڊائون ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته ان جو سڌي
ريت فائدو ملڪ جي سيڙپڪارن، واپارين، غريبن، ٽيڪس سٽيلن کي ملندو، ان کان وڌيڪ
فائدو اپوزيشن کي ئي ملندو، جيڪي هن وقت جيل اندر دانهون ڪري رهيا آهن ته اسان
ناانصافي ٿي رهي آهي، هي وقت اپوزيشن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، سمورا اختلاف ڇڏي هڪ
ٿيڻ جو آهي، ٻي صورت ۾ عوام ته هميشه لوڙيندو رهيو آهي پر حڪمران جيل ۾ قيد
ڀوڳيندا رهندا ، جيستائين تبديلي سرڪار موجود آهي.
No comments:
Post a Comment