صاحب خان ڀٽي
جڏهن کان نئون پاڪستان ٺهيو آهي، تنهن ڏينهن کان ملڪ ۾ مهانگائي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري وڌندي پئي وڃي، سرمائيدار کان ويندي عام ماڻهو مهانگائي جي گهاڻي پسجي رهيو آهي، پر حڪومت صرف هڪ ئي راڳ ڳائي رهي آهي ته ملڪ ۾ خوشحالي اچي رهي آهي، ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته نئون پاڪستان دنيا جو خوشحال ترين ملڪ بڻجي ويندو پر ماضي جي ڪيل اعلانن ۽ اوچتو وڌي ويل مهانگائي جي ڪري عوام جو هن حڪومتي ڪارڪردگي تان ويساهه کڄندو پيو وڃي، صنعتون ۽ فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، جيڪي ماڻهو روزگار سان لڳل هئا، اهي به بيروز گار ٿي رهيا آهن، ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائڻ جي ڪري امير توڙي غريب پريشان ٿي ويو آهي ۽ هر ماڻهو تبديلي جو لفظ به ٻڌڻ پسند نه پيو ڪري، اهو رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو تبديلي جي نعري تي اقتدار ۾ آيل حڪمرانن غريب ماڻهن کان روزگار ۽ اجهو کسي ورتو آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن لاءِ پريشان ٿي ويا آهن پر حڪومت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بدران لنگر خانه کولي ڪمائي کائيندڙن کي به پنڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. لنگر به انهن علائقن ۾ کليل آهن، جتي ضرورت نه آهي، جن علائقن ۾ ضرورت آهي، اتي ماڻهو بک مري رهيا آهن پر هيل تائين ڪو لنگر خانو کلي ناهي سگهيو.
اڄ ملڪ جو عوام حڪمرانن کان جيئڻ جو حق گهري رهيو آهي، جيڪڏهن تبديلي جي نعري تي اقتدار ۾ آيل حڪمرانن عوام کان روزگار ۽ اجهو نه ڦريو هجي ها ته هو پي ڊي ايم جي جلسن پٺيان نه لڳن ها پر هاڻ عوام وٽ مهانگائي ۽ بيروزگاري کان بچڻ لاءِ هڪ دڳ بچيو آهي ۽ اهو دڳ رڳو اپوزيشن جي اتحاد جو ئي آهي، پي ڊي ايم جا اڳواڻ به عوامي مسئلن جي اوٽ وٺي حڪمرانن تي دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ هڪ طرف مهانگائي ته ٻئي طرف وري ڪورونا جي ڪري عوام پريشان آهي پر ان باوجود ڪا به پرواهه ڪرڻ باوجود پي ڊي ايم جي هڪ سڏ تي لکين ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ سندن اميدون پي ڊي ايم ۾ آهن ته جلد کين موجوده صورتحال مان ڇٽڪارو ملندو، پر پي ڊي ايم جي ڪامياب جلسن کانپوءِ حڪمرانن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن ۽ اهو وزيراعظم جيڪو چوندو هو ته لاڪ ڊائون لڳائڻ سان غريب عوام بک مري ويندو ۽ ٽيڪس نه ملڻ جي ڪري ملڪ ڏکيائن ۾ پئجي ويندو، اهو اڄ چئي رهيو آهي ته لاڪ ڊائون لڳائڻ ضروري آهي، دنيا ۾ اسڪول کلي چڪا آهن، فيڪٽريون ۽ صنعتون به هلي رهيون آهن پر اسان جي ملڪ ۾ انهن کي بند جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، اهو رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو حڪومت سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ باوجود پي ڊي ايم کي جهڪائي ناهي سگهي، گرفتاريون به ٿيون ۽ ڌمڪيون به ڏنيون ويون پر ان باوجود پي ڊي ايم طرفان پشاور ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان حڪمرانن کي سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر حڪومت پنهنجن وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن کي به تبديل ڪري رهي آهي پر ان باوجود مطئمن نظر نه پئي اچي، جيڪڏهن لاڪ ڊائون لڳو ته ان سان مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي کي منهن ڏيندر عوام کي فرق پوندو پر وڌيڪ نقصان قرضن ۾ دٻيل حڪومت تي به ٿيندو. موجوده حڪومت ٻن سالن ۾ جيڪو به قرض ورتو آهي، اهو ڪٿي خرچ ٿيو، شايد ڪنهن کي خبر نه هوندي، ڇاڪاڻ ته جن کي موجوده حڪمران چور حڪمران چئي رهيا آهن، انهن جي حڪومت ۾ روڊ رستا ٺهندي نظر اچي رهيا هئا، صنعتون کلي رهيون هيون، سيڙپڪار سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيا هئا پر موجوده حڪمرانن ملڪ اندر 1973ع واريون نفرتون پکيڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪري چين ۽ جاپان کي کپائڻ واري سازش سان سنڌ ۾ هڪ باهه ٻري رهي آهي، جيڪا باهه 1970ع ۾ ٻري هئي پر حڪمرانن طاقت جي نشي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي ۽ سوچي رهيا آهن ته هو طاقت جي ذريعي صوبن جا وسيلا وڪڻي کپائي کائي ڇڏيندا.
هڪ طرف پي ڊي ايم جا جلسا ته ٻئي طرف وري سنڌي قوم پنهنجي حقن لاءِ سراپا احتجاج آهي، وفاقي حڪومت هڪ ئي وقت اپوزيشن ۽ پاڪستان کي ٺاهيندڙ سنڌ کي نظر انداز ڪري سنڌي قوم کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري محب وطن ماڻهن کي غدار قرار ڏئي ملڪ ۾ انارڪي پکڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن سان ادارن جي ساک متاثر ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو سياسي ليڊر حڪومت خلاف به ڳالهائي ٿو ته ان جو رخ زوري زبردستي عسڪري ادارن طرف موڙيو وڃي ٿو، ڀارت به بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ته اهي وڊيو به پاڪستاني ميڊيا تي نشر ڪرائي ادارن جي ساک کي ڇيهو رسايو پيو وڃي. پر ان سان نه حڪومت کي فائدو ٿيندو نه ئي وري اپوزيشن کي، رڳو فائدو ٿيندو ته پاڙيسري ملڪ ڀارت کي ٿيندو، جتي هميشه جمهوريت رهي آهي.
ماضي ۾ جڏهن ڪا پارٽي اقتدار ۾ ايندي هئي ته اها مخالف پارٽي کي چور قرار ڏيندي ۽ ان جي ڪرپشن ظاهر ڪندي هئي پر هاڻ ڳالهه چڙهي وئي آهي، جڏهن کان نئون پاڪستان ٺهيو آهي، تڏهن کان مخالفن کي چور چوڻ سان گڏ کين غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ به نواز ليگ اڳواڻ اياز صادق کي غدار قرار ڏيڻ لاءِ هڪ ٽولي پوسٽر ۽ بينر لڳايا، جنهن تي اياز صادق طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ هن واضح ڪيو ته هو پنهنجو بيان واپس نه وٺندو، وٽس اڃا به ڪيترائي راز آهن، سندس بيان حڪومت خلاف هو، هونئن به هن ملڪ ۾ ڪو به ماڻهو پنهنجي ادارن خلاف ناهي ڳالهائيندو، نه ئي ڪو اهڙي جرئت ڪري سگهي ٿو، ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته ڀارت فواد چوڌري ۽ اياز صادق جي بيانن مان فائدو حاصل ڪري ورتو آهي، هڪ ملڪ اندر ادارن تي سوال اٿيا آهن ته ٻئي طرف وري غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙن کي موقعو مليو ويو آهي پر ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا هيل تائين ان بابت ڪنهن ناهي سوچيو. ته جڏهن سڀني کي غدار قرار ڏنو ويندو ته پوءِ آخر محبت وطن ڪير بچندو، واحد هڪ ئي پنجاب صوبو هو، جنهن جي ماڻهن کي محبت وطن سمجهيو ويندو هو، انهن کي به اڄ غداري جي سرٽيفڪيٽس سان نوازيو پيو وڃي، اڳ ۾ اهي سرٽيفڪيٽس سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي ملندا هئا.
جيئن ته ملڪ اندر جڏهن کان پي ڊي ايم جي جلسن جي شروعات ٿي آهي ته دهشتگرد به پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن، پهرين ڪراچي ۾ ڌماڪو، پوءِ ڪوئيٽا ۾ ڌماڪيو ٿيو، تازو ئي پشاور ۾ دهشتگردن مدرسي تي حملو ڪري ڪيترن ئي بي گناهن کي شهيد ڪيو، وفاقي وزير طرفان به دهشتگردي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پر ان باوجود پي ڊي ايم جلسا بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هڪ طرف حڪومت ڪورونا جي ٻي لهر جو جواز قرار ڏئي جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته مٿان وري دهشتگردي جو به خوف آهي، پر ان باوجود پي ڊي ايم پرجوش نظر اچي رهي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته هو پنهنجن جلسن جو سلسلو جاري رکندا ۽ پشاور ۾ به جلسو ضرور ٿيندو. هوڏنهن گلگت بلتستان جي غذر ضلع جي جي ڳوٺ طائوس ۾ چونڊ مهم جو سلسلو جاري آهي ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دعويٰ ڪري رهيو آهي ته سندس پارٽي سنڌ ۾ بيروزگاري ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ تعليم جو نظام به بهتر آهي، جنهن سبب هن صوبي جي يونيورسٽيز ۾ گلگتين جي شاگردن جي ڪوٽا رکڻ جو اعلان ڪيو پر افسوس جو سنڌ هن ملڪ جو واحد صوبو آهي جو جتي سنڌي شاگردن کي سنڌي هئڻ جي ڪري داخلائون ناهن ڏنيون وينديون، باقي افغانين، بنگالين، بيهارين ۽ ڀارت مان آيل ماڻهو ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سولائي سان داخلائون وٺي سگهن ٿا، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌي قوم جو ٿورو به احساس هجي ها ته اهڙو فيصلو نه ڪري ها، ان کان سنڌي شاگردن کي انهن جا حق ڏياري ها، بهرحال پي ڊي ايم جي جلسن سان موجوده حڪمرانن مان مهانگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي ڇٽڪارو ملندو يا نه اهو ته هاڻ پي ڊي ايم جي پشاور واري جلسي مان ثابت ٿيندو، جيڪڏهن پابندين، سختين ۽ دهشتگردي باوجود پي ڊي ايم جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ اندر حقيقي تبديلي ضرور ايندي.
No comments:
Post a Comment