صاحب خان ڀٽي
سنڌ
ڌرتي امن امان، ڀائيچاري ۽ مهمان نوازي جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي پر
سنڌين جي اها سڃاڻپ سنڌ دشمنن کي نه ٿي وڻي، جنهن سبب افغانستان، بنگلاديشن، ڀارت
۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿي دهشتگردي، بدامني ۽ مذهبي، فرقيواريت فساد
پکيڙڻ لاءِ اچي آباد ٿي ويا آهن، افغانستان ۾ پاڻ کي مظلوم سڏرائي سنڌ ۾ پناهه
وٺندڙ مهاجرن به سنڌ ۾ بدامني پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪي هاڻ سنڌ کي به افغانستان
بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر افسوس جو وفاقي حڪومت توڙي سنڌ سرڪار ڌارين جي
واپسي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ جي گادي واري شهر ۾ زمينن تي
قبضا ڪرڻ جو سلسلو به انهن ماڻهن شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور
۾ بنا ڪنهن رجسٽريشن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيل افغانين جو بار سنڌ ئي برداشت ڪري رهي
آهي، جن هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا آهن، جيڪي ملڪ لاءِ به خطرو ثابت ٿي
سگهن ٿا، ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ بک بدحالي ۽ بيروزگاري به وڌندي پئي وڃي ۽ وفاقي حڪومت ڌارين کي ڪڍڻ بدران سنڌ جي وسيلن
جي ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت سامونڊي ٻيٽن جي وفاق کي اين او سي جاري ڪري
سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن سنڌي قوم سجاڳ ٿي ڀرپور احتجاج
ڪيو ته سنڌ حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻو پيو پر ان باوجود سنڌ سرڪار ٻيٽن جو دورو نه
ڪيو ته آخر ٻيٽن تي ڪيترو اڏاوتي ڪم ٿيو آهي؟ نه ئي وري ميڊيا توڙي سياسي جماعتن
کي ٻيٽن تي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽن
تي وفاق جي والار خلاف سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ
ٺهراءَ به بدنيتي تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ته پيپلزپارٽي چيئرمين جيڪو اسڪردو جهڙي شهر جو دورو ته ڪري سگهي ٿو ته پر
سنڌ جي ٻيٽن تي ٿيل قبضي کان پوءِ انهن جي سار لهڻ لاءِ نه ٿو وڃي. هيل تائين نه
ته وڏي وزير وزير ٻيٽن جو دورو ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ٻيٽن بابت ميڊيا جي ماڻهن کي
وٺي اتي وڃي بريفنگ ڏني آهي، نه ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته آخر سنڌ جي قومپرستن کي
هٿيارن جي زور تي ٻيٽن تي وڃڻ کان ڇو روڪيو ويو. مسلم ليگ فنڪشنل به رڳو احتجاج
ڪري رهي آهي ته سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن پر هيل تائين فنڪشنل ليگ اڳواڻن
طرفان به ٻيٽن تي وڃڻ کان روڪڻ واري ڪڌي عمل تي ڪو خاص بيان سامهون نه آيو آهي،
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري صاحب کي اهڙي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها،ڇاڪاڻ
ته فلسطين يا ڪشمير ۾ به ايئن نه ٿيو هوندو، جيئن سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي، ڌرتي ڌڻين جي
چرپر تي پنهنجي وطن ۾ ئي هٿيارن جي زور تي پابندي لڳائي وئي
آهي.
هونئن
ته سڄي سنڌ ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف قومپرست ڌريون سراپا احتجاج بڻيل آهن پر مٿان وري
ڪارونجهر جي ڪٽائي جون به خبرون گردش ڪري رهيون آهن، هڪ مسئلو حل ٿئي نه ٿو ته سنڌ
جي حڪمرانن طرفان هڪ ٻيو سنڌ دشمن فيصلو سامهون اچي وڃي ٿو بعد انهي جي ترديد ڪئي
وڃي ٿي ته اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، جيڪڏهن اهڙو ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي ته پوءِ
اهي خبرون اخبارن جي زينت ڪيئن بڻيون، اهي ڪهڙيون ڌريون آهن، جيڪي اهڙيون ڪوڙيون
خبرون پکيڙي سازش ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت کي انهن کي وائکو ڪرڻو پوندو پر ٻيٽن تي
والار لاءِ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل اين او سي جاري ڪئي وئي هئي، جيڪا ميڊيا تي
به رڪارڊ تي آهي، ان ۾ ته سڌي ريت سنڌ جي حڪمران جماعت شامل هئي، جيتوڻيڪ سنڌ
اسيمبلي مان سنڌ جي حڪمران جماعت ٻيٽن تي والار خلاف ٺهراءَ منظور ڪرايو ۽ سنڌ جي
وسيلن جي ڦرلٽ جي اجازت ڏيڻ وارا ماڻهو به وائکا ٿي ويا پر ان باوجود صدر عارف
علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل ٺهراءَ کي نه مڃيو ۽ سنڌي
قوم کي ٿڏي ڇڏيو، جيئن مودي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي احتجاج کي ٿڏي ڇڏيو هو.
وفاقي سرڪار پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ٺهراءَ پاس ڪندڙ سنڌ اسيمبلي جي قدر نه ڪئي ۽ ٻيٽن تي اڏاوتي ڪم جاري رکڻ جو
فيصلو ڪيو. صدر عارف علوي طرفان چيو ويو ته سنڌ جي ماڻهن بحريا ٽائون تي احتجاج ڇو
نه ڪيو، صدر صاحب کي ايترو ٻڌائيندا هلون ته بحريا ٽائون ڪنهن ٻئي ملڪ کي ناهي
کپايو ويو نه ئي وري چين يا جاپان کي وڪرو ڪيو ويوآهي، جيڪڏهن طاقتور ملڪ چين يا
جاپان جي ٻيٽ حوالي ڪياويا ته سڌي ريت اها سنڌ دشمني ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش آهي ۽
اها آئلينڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي سنڌ ٽوڙڻ جي برابر آهي.
جيئن
ته ٻيٽن تي والار ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سنڌ جي مختلف
شهرن ۾ احتجاجن ۽ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سنڌ
يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو هو، جنهن
۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، صنعان خان قريشي،
رياض علي چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي هي، جنهن ۾ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي والار خلاف
ڀرپور احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو هو. جڏهن ته اجلاس ۾ ڪراچي ۾ 15 نومبر تي ڀرپور
احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان
ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويو هو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن
تي قبضي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو. عوامي تحريڪ جي سڏ تي به عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش
خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي ريگل چوڪ
کان ڪراچي پريس ڪلب تائين سنڌ جي ورھاڱي جي سازش، ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي نيلامي،
ڪراچي ڪميٽي، زمينن تي قبضن، پاڻيءَ تي ڌاڙن، ڌارين جي آبادڪاري، بحريا ٽائون، ڊي
ايڇ اي سٽي ۽ ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مارچ ڪيو ويو هو، جنهن ۾
سنڌ جي نياڻين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجن ۾ عورتن ۽ مردن جو وڏو انگ ڏسي سنڌ حڪومت ته هٿيار ڦٽا
ڪري ڇڏيا ۽ وفاق جي اهڙي ڪڌي سازش کان لاتعلقي ظاهر ڪئي پر وفاق پنهنجي طاقت جي
نشي ۾ پنهنجي فيصلي تي قائم آهي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي هر صورت ۾ اڏاوتي ڪم جاري رکڻ جو
فيصلو ڪيو آهي.سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي ايئن رد ڪيو ويو آهي، جيئن سنڌ اسيمبلي جي
ڪا اهميت ئي نه آهي، وفاق اهو به وساري ڇڏيو آهي ته اها
ئي سنڌ اسيمبلي آهي، جنهن پاڪستان جو نالو دنيا جي نقشي تي آندو آهي، جيڪڏهن سنڌ
اسيمبلي سڀ کان پهرين پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءَ منظور نه ڪري ها ته اڄ اسان هڪ آزاد ملڪ ۾ نه
رهون ها.
هونئن ته سموريون قومپرست ڌريون ٻيٽن تي قبضي ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن پر قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي محبت سنڌ بيداري مارچ جي به شروعات ڪئي وئي آهي، اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي قافلو به نڪتو آهي، اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ٻيٽن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪنڌڪوٽ کان ٿي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن کان وفاق ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي، تنهن ڏينهن کان بک بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي سٽيل سنڌي قوم پنهنجي وطن خاطر روڊن تي آهي، ڪا به قومپرست پارٽي رڳو هڪ سڏ ڏي ٿي ته بنا ڪنهن خوف جي انهن پٺيان لڳي پئي ٿي، اهو رڳو ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي ٻين ملڪن کي وڪرو ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ته جيئن سنڌ جي زمينن کي ٻين کي وڪرو ڪري سندن وجود ئي ختم ڪيو وڃي، اڳ ئي اسان سنڌ دشمن رٿا بحريا ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙن کي برداشت ڪري رهيا آهيون، مٿان وري ٻيٽن ٻين ملڪن کي وڪرو ڪري وڏا شهر ٺاهي سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هي لکن جي تعداد ۾ احتجاج ڪندڙ سنڌي ماڻهو پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پر افسوس جو سموريون قومپرست ڌريون اڃا تائين هڪ پليٽ فارم تي گڏ نظر نه پيون اچن، جيڪڏهن گڏ هجن ها ته هڪ ئي احتجاج ٿئي ها، جي پي ڊي ايم وارا ڪري رهيا آهن، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين جماعتن کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو نه ته وفاق سنڌ اسيمبلي کي عزت نه ڏيندو.
No comments:
Post a Comment