Pages

Monday, 1 May 2017

سنڌ ۾ الرجي سينٽرن جي اڻهوند

صاحب خان ڀٽي
چوندا آهن ته صحت هزار نعمت آهي پر افسوس جو سنڌ اندر هزارين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن جن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ صحت جي سهولتن جي اڻهوند آهي، ڪيترائي ماڻهو الرجي جهڙي مرض ۾ مبتلا آهن، جيڪي علاج جي سهولتن کان محروم آهن، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي جو هن ملڪ اندر الرجي سينٽر آڱرن تي  ڳڻڻ جيترا آهن، جيڪڏهن الرجي سينٽر سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيا وڃن ته هزاين مريض الرجي جي مرض ۾ نجات حاصل ڪري سگهن ٿا،خاص طور تي سنڌ  اندر ڪيترائي ماڻهو الرجي جي مرض ۾ مبتلا آهن جيڪي پنهنجو علاج نٿا ڪرائي سگهن،هونءَ ته صحت، تعليم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر افسوس جو هن ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا موجود آهن جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هونءَ اسان جا حڪمران ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ جون وڏيون دعوائون ڪندا آهن پر افسوس جو اهي دعوائون صرف دعوائون هونديون آهن جنهن سبب ملڪ اندر تعليم ۽ صحت جهڙي سهولتن کان عوام کان محروم بڻيل آهي، ان باوجود حڪمران ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. اڄ به هن جديد دور ۾ ملڪ اندر هزارين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو علاج جون بهتر سهولتون نه هجڻ سبب حياتي  جي جنگ هارائي رهيا آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي ها ته اڄ ملڪ اندر خطرناڪ بيمارين جو وجود نه هجي ها ۽ نه ئي معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿي وڃن ها،
هن وقت ملڪ اندر سڀ کان وڏو مسئلو صحت جي سهولتن جي اڻهوند آهي، خاص طور تي سنڌ ۾ اسپتالن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ جيڪي اسپتالون آهن انهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غيرموجودگي جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اينديون رهنديون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار طرفان صحت ايمرجنسي لڳائي وئي هئي پر افسوس جو اها ايمرجنسي صرف ايمرجنسي ئي رهجي وئي آهي ۽ ان ايمرجنسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. هڪ ته سنڌ ۾ اسپتالن اندر سهولتن جي کوٽ آهي ته مٿان وري حڪومت اسپتالن کي اين جي اوز حوالي به ڪري رهي آهي پر ان سان به ڪا بهتري نظر نه آئي آهي، بهرحال هن ملڪ اندر ڪيترائي اهڙا مريض آهن جن جو علاج هن ملڪ اندر ناممڪن آهي اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو ملڪ ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وفاق طرفان اڄ تائين ڪو خاص قدم نه کنيو ويو آهي جنهن سبب سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين صوبن ۾ مريض تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن. دل جي سوراخ واري مرض ۾ مبتلا ٻارڙن جو انگ تمام گهڻو آهي ۽ انهن جو علاج هن ملڪ اندر ناممڪن آهي جنهن سبب دل جي سوراخ واري مرض ۾ مبتلا ٻارڙن کي پاڙيسري ملڪ ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه به جيڪا ڪينسر جي اسپتال ٺاهي آهي اها به صرف هڪ ئي صوبي اندر آهي جيڪڏهن ان اسپتال جون برائنچون ٻين شهرن ۾ هجن ته جيڪي ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا آهن انهن جو علاج ٿي سگهي ٿو،
جيڪڏهن برانچون نه ٿيون کوليون وڃن ته پوءِ اهڙيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن جنهن سان مريضن کي ڪينسر جي اسپتال تائين پهچايو وڃي، ان کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون بيماريون آهن جن جو علاج هن ملڪ اندر ناممڪن ٻڌايو ويندو آهي اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو وفاقي سرڪار صحت جي سهولتن تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري هن ملڪ جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو منصوبو جوڙايو ويو آهي، جيڪڏهن حڪمران چاهين ها ته هن ملڪ اندر به صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي سگهجن پيا پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن هتان جا حڪمران پنهنجا ذاتي معاملا ختم ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ واري جذبي ڏانهن ڌيان ڏين ها پر افسوس جو  خدمت وارو جذبو هن وقت ڏسڻ ۾ نظر نه اچي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان جي اسپتالن ڏانهن نظر ڦيرينداسين ته انهن جا به اڇا ڪارا پڌري ٿي ويندا ڇاڪاڻ ته سرڪاري اسپتالن جو اهو حشر آهي جو اتي ڪم ڪندڙ عملو سرڪاري اسپتالن کي پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجهي ٿو ۽ سرڪاري دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ۽ سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن به حد ڪري ڇڏي  آهي، پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪن کي ته پورو وقت ڏين ٿا پر سرڪاري اسپتالن ۾ نظر ئي نه ايندا آهن، اهو حال صرف سنڌ جي هڪ اسپتال جو نه آهي پر اها صورتحال مجموعي طور تي سنڌ جي سمورن اسپتالن جي آهي، جنهن سبب سنڌ جا اٻوجهه ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ عطائي ڊاڪٽرن پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.
بهرحال سرڪاري اسپتال نه هئڻ بدران موجود آهن اها به وڏي ڳالهه آهي جو حڪومت سنڌ اندر ڪجهه اسپتالون قائم ڪيون آهن. هن وقت سنڌ اندر  ڪيتريون اهڙيون اسپتالون آهن جتي مريضن ي سرڪاري دوائون به نه ملي رهيون آهن، جيڪڏهن صوبائي سرڪار چاهي ته انهن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي ۽ سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن جون حياتي به بچي سگهن ٿيون، هونءَ ته سنڌ اندر دل ۾ سوراخ ۽ ٻيون خطرناڪ بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جو انگ وڌيڪ آهي پر حڪومت انهن جي علاج لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهي آهي ڇاڪاڻ ته اهو علاج مهانگو آهي ۽ اهي سهولتون هتي موجود نه آهن جيڪي ٻين ملڪن اندر موجود آهن.بهرحال بيماري بيماري هوندي آهي پوءِ ڀلي اها ننڍي هجي يا وڏي هجي، هر انسان صحتمند رهڻ ئي پسند ڪندو آهي، هونءَ ته سنڌ اندر پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر نه آهي ۽ ان سان گڏ علاج جون فراهم ڪيل سهولتون به ڪنهن کان لڪيل نه آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن سنڌ اندر  ڪيترائي ماڻهو پيئڻ جو صاف پاڻي هجڻ ۽ گندگي سبب چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، خاص طور تي سنڌ اندر اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي الرجي  ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، الرجي بابت جاڳرتا نه هجڻ سبب اٻوجهه ماڻهو ان کي معمولي خارش سمجهي اسٽورن تان ڊاڪٽر جي بنا مشوري جي خريد ڪري کائي ڇڏيندا آهن جنهن سبب انهن جو علاج نه ٿي سگهندو آهي ۽ اهي الرجي جهڙي مرض ۾ مبتلا رهندا آهن ، ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته الرجي صرف جسم تي خارش کي ناهن چوندا پر اها بيماري به ٻين بيمارن جيان هڪ عام بيماري آهي جيڪا رت جي جزن ۾ خرابي سبب پيدا ٿيندي آهي، ان جا به ڪيترائي ڪارڻ هوندا  آهي، اها بيماري آهستي آهستي پنهنجو اثر ڏيکاريندي آهي.
هونءَ ته الرجي جا ڪيترائي قسم آهن پر ٻه قسم اهڙا آهن جن جي مريض کي تمام جلد خبر پئجي ويندي آهي پهرين قسم جي الرجي تمام گهڻا مسئلا هوندا  آهن جن جو علاج  فوري طور ڪرڻ تمام گهڻو ضروري هوندو آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پهرين قسم جي الرجي ۾ جڏهن ڪو شخص ڪجهه کائيندو آهي ته ان جي جسم تي خارش شروع ٿي ويندي آهي، سندس جسم داڳ مطلب ته سوڄ شروع ٿي ويندي آهي ايتري قدر جو جڏهن اهو ڪجهه کائيندو آهي ته کيس الٽي اچي ويندي آهي يا وري دست ٿي ويندا اٿس ۽ کيس مٿي ۾ به سور ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. الرجي ٻي قسم ۾ اهي سموريون الرجيز شامل آهن جن کي مريض برداشت ڪندو رهيو آهي، ماهرن ڊاڪٽرن الرجي جي ٻي قسم بابت اهو به ٻڌايو آهي ته ٻي قسم واري الرجي ۾ مبتلا مريض ڪيترن ئي سالن ان کي برداشت ڪندو رهيو آهي، جنهن جي علامت کنگهه، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، نڪ جي گوشت جو وڌي وڃڻ، مستقل زڪام ۽ ٻيون کوڙ ساريون شامل آهن. بهرحال اهڙي بيماري جي علاج لاءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هن ملڪ ۾ سينٽر قائم ٿيل آهن جنهن سبب الرجي جي علاج کان ڪيترائي ماڻهو محروم آهن، اسلام آباد ۾هڪ الرجي سينٽر قائم ٿيل آهي پر افسوس جو غربت جا ستايل ماڻهو اوستائين پهچڻ کان محروم آهن ڇاڪاڻ ته علاج ته سستو آهي پر اسلام آباد وڃڻ لاءِ ڀاڙو تمام گهڻو مهانگو آهي، سنڌ جا ماڻهو الرجي جو علاج ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد وڃي نه ٿا سگهن، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته سنڌ جي به مختلف شهرن ۾ الرجي سينٽر قائم ٿي سگهن ٿا، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ملندو ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن سنڌ سرڪار سنجيده ٿي وفاق جي سهڪار سان سينٽر کولي.


No comments:

Post a Comment