Pages

Monday, 1 May 2017

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي

صاحب خان ڀٽي
ڪجهه ڏينهن کان ارسا پاران سنڌ جي پاڻي ڪٽوتي وارو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌندر پئي وڃي هڪ طرف ارسا ۾ سنڌ جي  نمائيندي جو نوٽيفڪيشن جاري نه پيو ڪيو وڃي ته مٿان وري پاڻي جي کوٽ وڌائڻ جو سلسلو جاري آهي، سنڌ ۽ بلوچستان طرفان پاڻي کوٽ جون دانهيون به ڪيون پيو وڃن پر ان باوجود وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار طرفان ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، صوبائي سرڪار به پاڻي جي اهم مسئلي تي خاموش نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب ارسا پاران پاڻي جي حصي ۾ ڪٽوٽي پئي وڃي، سکر بئراج، گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي پر ان باوجود حڪمرانن اهڙي سنگين مسئلي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي، وزيراعظم نوازشريف اوڪاڙه ۾ وڃي ڪڻڪ جي لاباري جا وڃي افتتاح ته ڪري ٿو پر افسوس جي کيس سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ نظر نه ٿي اچي، هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي ڊيم آهن پر افسوس جو انهن مان سنڌ کي ڪيترو پاڻي ملي رهيو آهي شايد ان بابت سنڌ جي ڪامورن کي به خبر  نه هوندي، هر طرف سنڌ جا آبادگار پاڻي جي کوٽ سبب احتجاج ڪندي به نظر اچي رهيا آهن پر انهن جي دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي.
ڪجهه هارين ته پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻن جو فصل به پوکڻ ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب سنڌ ڪپهه گهٽ پيدا ٿي رهي آهي. رهي ڳالهه ڪڻڪ جي ته  ان بابت به آبادگار پريشان آهن ته آخر پاڻي آڻجي ته آڻجي ڪٿان؟ بهرحال هن وقت آبادگار به پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪري رهيا آهن ته مٿان وري ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جون به دانهون ٿي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي هئي ته سنڌ جي ڪامورن عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ سورا قدم کنيا وڃن ته جئين اهي پريشاني کي منهن ڏيڻ کان بچي سگهن. هن وقت پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو پنهنجي هنڌ پر  آبادگار به وڌيڪ پريشان نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي آبادگارن کي هن وقت تائين ڪا به سبسڊي نه ملي سگهي آهي ۽ نه ئي سنڌ جي آبادگارن کي حڪومت طرفان  ڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ، پنجاب ۾ ته آبادگارن کي تمام گهڻيون سهولتون به فراهم ٿيل آهن پر افسوس جو سنڌ جا آبادگار امتيازي سلوڪ جي ور چڙهيل آهن جنهن سبب اهي ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو آبادگار احتجاج به ڪري ٿو ته انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو هتي ڪو به نه اهي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ جڏهن وزيراعظم نوازشريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير طرفان آبادگارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو بيان جاري ڪيو ويو هو ته ان وقت پنجاب ۾ آبادگار احتجاج ڪري رهيا هئا جنهن دوران انهن سان غلط ورتاءُ ڪيو ويو هو، جنهن تي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به گرما گرم بيان ڏنا هئا.
بهرحال هن وقت سنڌ ۾ آبادگار احتجاج نه ٿا ڪن ڇاڪاڻ ته انهن کي اها پڪ ٿي وئي آهي ته صوبائي سرڪار احتجاج ڪرڻ دوران انهن سان اهو حشر ڪندي جيڪو استادن ۽ ملازمن سان ڪيو ويو هو، جنهن سبب اهي شايد پاڻي جي کوٽ ٻين سهولتن لاءِ احتجاج ڪندي نظر نه اچي رهيا آهن، هونءَ ته ٻين ملڪن ۾ آبادگار خوشحال هوندا آهن پر افسوس جو سنڌ ۾ نه ته ڪي خاص ڪڻڪ ۽ سارين جي خريداري ڪي مرڪز قائم ڪيا ويندا آهن ۽ نه ئي وري آبادگارن کي ٻيون ڪي سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ته مٿان وري ٽيوب ويل هلائڻ سبب سنڌ جي آبادگارن جي چيلهه ئي چٻي ٿي پوي ٿي، هونءَ ته وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار آبادگارن لاءِ وڏا وڏا اعلان ڪندي آهي پر انهن تي عمل ٿيندي نظر نه ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ اهڙي حساس مسئلي تي به صوبائي سرڪار وفاقي سرڪار آڏو ڪو خاص احتجاج رڪارڊ نه ڪرايو ويو آهي، 
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ٻين مسئلن جي حل سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا هئا پر افسوس جو انهن احتجاجن تي وفاقي سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نه چري هئي ۽ نه ئي وفاقي سرڪار طرفان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي حڪم جاري ڪيا ويا هئا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ارسا ۾ سنڌ جو ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو سنڌ جي مسئلن کي کڻي سگهي، اهو ئي سبب آهي جو ارسا پاران هر دفعي سنڌ جي پاڻي جي ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي. جنهن سبب سنڌ  پاران احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويندو رهيو آهي پر افسوس جو وفاق ان مسئلي کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ تي زور ڀري رهي آهي ۽ اهي ڊيم به صرف پنجاب ۾ ٺهندا جنهن سبب سنڌ به خدشن جو اظهار ڪندي رهي آهي پر افسوس جو  هن وقت تائين نه ته ڪو وڏو سنڌ ۾ ٺهي سگهيو  آهي ۽ نه ئي وري ڪو بلوچستان ۾ وڏو ڊيم ٺاهيو ويو آهي، هونءَ ته سنڌ کي قدرت هزارين نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي پر اختيار ڌڻين جي سنڌ جي قدرتي حسن کي بگاڙي ڇڏيو  آهي. جنهن سبب هر طرف ڏڪار واري صورتحال نظر اچي رهي آهي ۽ سنڌ مان ٻيلا به ختم ٿي چڪا آهن پر اختيارن ڌڻين جي هن وقت تائين اک کلي نه سگهي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ته وفاق جي هڪ نمائندي طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته هڪ ٻه ماڻهو مارجي وڃڻ سان ڊيم ٺهي ٿو ته ان کي ٺاهيو وڃي، بهرحال ان ڳالهه تي نه ته سنڌ طرفان ڪو آواز اٿاريو ويو هو نه ئي وري وفاق اهڙي نمائيندي خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي هئي.
بهرحال اهو وقت ته هاڻ گذري چڪو آهي  ۽ هاڻ سنڌ اندر به ڪالا باغ ڊيم جي سخت مخالف ڪئي وڃي ٿي جئين ماضي ۾ ٿيندي رهي آهي پر ايتري تبديلي ضرور آئي آهي ته سنڌ جا اختيار ڌڻي به سنڌ ۾ پاڻي کي محفوظ ڪرڻ بابت سوچي رهيا آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر صوبائي سرڪاري سنڌ جي آبادگارن کي بارداڻي کان ويندي ٻيون سموريون سهولتون فراهم ڪندي يا وري ماضي جيان  صرف اعلان ئي ڪيا ويندا. هن وقت ملڪ جي حالت به سنگين ٿي وئي آهي، هڪ طرف حڪمران جماعت، جندال،پاناما ۽ ڊان ليڪس ۾ ڦاٿل آهي ته مٿان وري مختلف سياسي تنظيمون به احتجاج ڪندي نظر اچي رهيون آهن، جيڪڏهن هن وقت به آبادگارن  جي اهم مسئلن کي حل نه ڪيو ويو ته اهي اڃا وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيندا جنهن لاءِ ضروري آهي ته صوبائي سرڪار اهڙا قدم کڻي جو انهن سان سنڌ جي ماڻهن کي به فائدو پهچي، جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي جي فراهمي کي يقيني نه بڻايو ويو ته هتان جا آبادگار وڌيڪ تڪليفن کي منهن ڏيندا، جنهن لاءِ وفاقي سرڪار کي سنڌ ۾ پاڻي ڇڏڻو پوندو ته جئين هتان جي زراعت کي به هٿي ملي سگهي ۽ هتان جا  آبادگار به خوشحال ٿي سگهن ۽ ارسا کي پابند بڻايو وڃي ته سنڌ جي حصي جي پاڻي ڪٽوتي نه ڪئي وڃي ته جئين هتان جا آبادگار تڪليف کي منهن ڏيڻ کان بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment