Pages

Thursday, 4 May 2017

لوڊشيڊنگ ۽ وفاقي حڪومتي دعوائون

صاحب خان ڀٽي
هڪ طرف سخت گرمي ته ٻي طرف بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت چئي رهي آهي ته ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي پر ان باوجود سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ سڄو ڏينهن بجلي ئي نه هوندي آهي جنهن سبب رهواسي پريشانين کي منهن ڏيندا رهندا آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته حڪمران سنڌ جي ماڻهن کان الائي جي ڪهڙو بدلو وٺي رهيا آهن جو سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن، جيڪڏهن نيوز ليڪس، ڊان ليڪس ۽ ميمو گيٽ جا اهم مسئلا  اٿن ٿا ته انهن ۾ عام ماڻهو جو ڪهڙو قصور آهي، جيڪڏهن حڪمران اهڙن اهم معاملن ۾ ملوث  آهن ته انهن جو بدلو عوام کان وٺڻ ڪٿان جو انصاف آهي، هڪ ته سنڌ اندر بجلي جو بحران آهي ته مٿان وري مملڪتي وزير عابد شير علي جا بيان به ڪنهن زهر کان گهٽ نه آهن، عابد شير علي هميشه بجلي چوري جي ڳالهه ڪندو رهندو آهي ۽ چوندو رهندو آهي ته جن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌيڪ ٿي رهي آهي انهن علائقن ۾ بجلي چوري ٿيندي آهي، جنهن سبب هو انهن علائقن ۾ بجلي وڌيڪ بند ڪندا آهن، ان کان علاوه به کوڙ سارا بيان عابد شير علي ڏيندو رهيو آهي، ڪڏهن سنڌ جي وزيرن لاءِ ته ڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي جي اڳواڻن لاءِ، پر اهو بجلي جي بحران جو حل ناهي، هن وقت سنڌ اندر هڪ ته پاڻي جي کوٽ آهي ته مٿان وري سخت گرمي ۾ بجلي بند ڪرڻ جو سلسلو جاري رهي ٿو، وفاقي حڪومت جي دعويٰ آهي ته توانائي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي. جلد بجلي جي بحران تي ضابطو آندو ويندو ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي چئي رهيو آهي ته بجلي چوري پئي ٿي، خبر ناهي ته بجلي سنڌ جا ماڻهو چوري ڪري رهيا آهن ته يا وري چوري ٿيل بجلي پنجاب يا ٻي ڪنهن صوبي کي فراهم ڪئي پئي وڃي، بهرحال اهو وقت ئي ٻڌائندو ته بجلي ڪنهن صوبي اندر وڌيڪ چوري ٿي رهي آهي، هونءَ ته سڀني کي خبر آهي ته سڀ کان وڌيڪ رعايتون ڪنهن صوبي کي ملنديون آهن ۽ حق نه ملڻ جون دانهون ڪهڙا صوبا ڪندا آهن، هن وقت بجلي جو بحران سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي پر  صوبائي وزير توڙي وفاقي حڪومت ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن، رات جي وقت ته ڪجهه ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي آهي پر خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾  سڄو ڏينهن بجلي بند رهڻ حڪمرانن جي دعوائن تي سواليه نشان آهي، هونءَ ته الله تعاليٰ سنڌ کي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي وفاقي حڪومت جي بي حسي سبب سنڌ جا ماڻهو اڄ به غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ آهي، مٿان وري ڌارين جي لوڌ آهي، سنڌ مان جيڪو گيس نڪري ٿو اهو الائي ڪيڏانهن پيو وڃي، گيس کان علاوه تيل ۽ ڪوئلو به سنڌ مان نڪري رهيو آهي پر اهو ڪهڙي ڪمن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ڪهڙي صوبي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي شايد اهو ته سنڌ جي حڪمرانن کي به خبر نه هوندي، هڪ ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ته مٿان وري گيس به نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌ جا ساڃاهه وند هميشه سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندا رهندا آهن پر افسوس جو سنڌ جا حڪمران انهن جي ڳالهين تي ڌيان ئي نه ڏيندا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اهم ماڻهن جون گمشدين وارو عمل شروع ٿيو ته ان وقت به پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ بجلي جو لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي کوٽ جهڙا مسئلا ياد  آيا هئا ۽ سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيدنگ لاءِ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن کان جماعت اسلامي به بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيدنگ خلاف ميدان تي لٿل آهي ۽ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو به هنيو، جماعت اسلامي طرفان اهو مطالبو به ڪيو ويو ته کين ٻڌايو وڃي ته آخر ڪي اليڪٽرڪ  ڪنهن جي آهي؟ بهرحال ڪي اليڪٽرڪ هجي يا سيپڪو يا وري هيسڪو، انهن سمورن ادارن کان عوام تمام گهڻو بيزار نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سخت گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه سال اڳ جڏهن هيٽ ويوز ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا ته ان وقت به حڪومت صرف دعوائون ڪيون هيون پر بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قدم نه کنيا هئا. هن وقت سنڌ ۾ گيس، پيٽرول ۽ ڪوئلو وڏي مقدار ۾ حاصل ٿي رهيو آهي جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران اتحاد قائم ڪري انهن وسيلن کي ڪتب آڻين ها ته اڄ سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بحران پيدا نه ٿئي ها ۽ نه ئي وري سنڌ جي ماڻهن کي اڄ بجلي جي چوري جهڙن الزام کي منهن ڏيڻو پيو آهي، اها ته سڀني کي خبر آهي ته بجلي هجي يا پاڻي ڪير چوري ڪري رهيو آهي ۽ ننڍا صوبا ڪنهن تي الزام لڳائي رهيا آهن. بجلي ۽ پاڻي واري وزارت جو ترجمان چئي رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، جيڪڏهن بجلي بابت ترجمان کي ايتري پڪ آهي ته پوءِ کيس سنڌ جو هڪ دفعو دورو ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ڏينهن ڪنهن سنڌ جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ گذارڻ گهرجي ته کيس اصل حقيقت جي خبر پئجي ويندي ۽ کيس اها به خبر پئجي ويندي ته اڄڪلهه گرمي ڪيتري سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪي آهي  ۽ بجلي ڪمپينن طرفان شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن کي ڪيتري وقت تائين بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.باقي رهي ڳالهه بيان ڏيڻ جي ته بيان ته مملڪتي وزير عابد شير علي به ڏيندو رهندو آهي، اڄ عابد شير علي چئي رهيو آهي ته سنڌ ۾ بجلي چوري ٿي رهي آهي پر افسوس عابد شير علي حيسڪو، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سيپڪو جي عملدارن خلاف ناهي ڳالهائي ۽ نه ئي وري انهن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڪرتوتن تي ڪو بحث ڪيو، جيڪڏهن ڪٿي بجلي چوري به ٿي رهي آهي ته ان جي ذميواري ڪنهن جي آهي ۽ اها ڪهڙا هٿ  آهن جيڪي بجلي جي چوري ڪرائڻ ۾ ملوث آهن، جيڪڏهن بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ته پوءِ آخر انهن عملدارن خلاف ڇو نه ٿي ٿئي جيڪي پنهنجن علائقن ۾ ته بجلي بند نه ٿا ڪن پر انهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لائن لاسز جو سبب ڄاڻائي واڌو بل موڪلي ڇڏيندا آهن انهن ذميوارن خلاف ڪير ڪارروائي ڪندو جيڪي هڪ سئو ويهه گز جي گهر ۾ به لک کان وڌيڪ بل موڪلي ڇڏيندا آهن بعد اهو سبب ڄاڻائيندا آهن ته اها ٽيڪنيڪل غلطي هئي ۽ انهن جي ٽڪينڪل غلطي کي درست ڪرائيندي صارفين کي چڪر ڪٽرائيندا آهن، بهرحال هن وقت بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن نيوز ليڪس ۽ پاناما ليڪس ۾ وفاقي سرڪار ڦاٿل  آهي ته ان ۾ عوام جو ڪو به ڏوهه نه آهي ۽ نه سنڌ جي ماڻهن جو ان ۾ هٿ آهي ان لاءِ وفاقي سرڪار سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي خاص طور تي منجهند جي وقت بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي اهو پابند بڻايو وڃي ته  جئين سنڌ جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن، باقي رهي ڳالهه گيس جي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صرف اهو چيو هو ته هو گيس فراهمي بندڪري ڇڏيندا ته ان وقت وفاقي سرڪار ٿرٿلي ۾ اچي هئي مطلب ته سنڌ جي گيس بند ڪرڻ سان وفاق به ٿرٿلي ۾ اچي ويو هو، شروعات ۾ ته ايم ڪيو ايم پاڪستان به حمايت ڪئي هئي پر بعد اها ان بيان تي ڦري وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم گيس بند ڪرڻ واري اعلان جي حمايت نه ڪندي.هاڻ ڏسڻو اهو آهي وفاقي سرڪار سنڌ ۾ بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِڪو قدم کڻندي يا وري ساڳيا ۽ بيان ڏنا ويندا. جيڪڏهن وفاق قدم نه ٿو کڻي ته سنڌ سرڪار وٽ گيس جو وڏو ذخيرو آهي ۽ ڪوئلو به آهي ته پوءِ آخر ان مان بجلي ڇو نه ٿي پيدا ڪئي وڃي، آخر ڪهڙا سبب آهن جو سنڌ جي ماڻهن کي نه ته گيس درست نموني فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ نه وري بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن. هاڻ سنڌ سرڪار کي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ڏانهن به ڌيان ڏيڻو پوندو.

No comments:

Post a Comment