Pages

Thursday, 4 May 2017

احتساب جو احتساب ۽ تبديلي

صاحب خان ڀٽي
هن ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي ڪيتريون حڪومتون آيون ۽ ڪيتريون ئي هلي ويون، آمريتي دور به قائم ٿيو ته جمهوريت به آئي پر نه ته عوام جمهوريت خوشحال ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري آمريتي دور ۾ ترقي ڪري سگهيو، ملطب ته جمهوريت هجي يا وري آمريت عام ماڻهو لاءِ ڪي به خاص ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا ۽ نه ئي ملڪ کي قرض کان نجات ڏيارڻ لاءِ  ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن سبب اڄ ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي بڻيل آهي ۽ ان جو سڀ کان وڏو سبب آمريت ۽ جمهوريت ئي آهي، جيڪڏهن عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن ها ته اڄ ملڪ اندر ڌارين جي لوڌ نه هجي ها ۽ نه ئي ملڪ بدامني جي ورچڙهيل هجي ها، ان جو به ذميوار عوام به آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن  ووٽ جو درست استعمال نه ڪيو ۽ اهڙن اميدوارن کي ووٽ ڏنو جيڪي ڪرپشن جا عادي هئا ۽ انهن ملڪ کي وڪڻي کائي ڇڏيو، ان جي ڪري ئي اڄ ملڪ عالمي بينڪ جو قرضي بڻيل آهي، جمهوري دور ۾ قرض ورتا ويا پر قرض ادا ڪرڻ لاءِ نه ته جمهوري حڪومت قدم اڳتي وڌايو ۽ نه ئي آمريتي دور ۾ ڪو غور ويچار ڪيو ويو، اهو سبب آهي جو اڄ ملڪ بحرانن جي ور چڙهندو پيو وڃي ۽ ملڪ اندر غربت ۾اضافو ٿي ويو آهي ۽ عوام کي ٽيڪسن جي گهاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي.گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌي رهيا رهيون ته هڪ ڏينهن حڪمرانن جو احتساب ضرور ٿيندو پر افسوس جو اهو احتساب حڪمرانن جو ته نه ٿي سگهيو آهي پر ان جو بدلو عوام کان مڪمل طور تي ورتو ويو آهي، هڪ بدلو بجلي جي بحران جي صورت ۾ ورتو پيو وڃي ته ٻيو بدلو وري ملڪ کي عالمي بينڪ جو قرضي بڻائي ورتو ويو آهي، ٽيون بدلو ٻين جي ويڙهه ۾ مداخلت ڪري ملڪ کي دهشتگردي جي ورچاڙهيو ويو آهي، مطلب ته هن وقت جيڪو به عوام ڀوڳي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه حڪمرانن جي احتساب جو بدلو ئي آهي،
جيڪڏهن حڪمران ملڪ جي ترقي لاءِ ڪو قدم کڻن ها ته اڄ ملڪ قرض ۾ ٻڌل نه هجي ۽ نه هئي حڪمرانن جا محل تعمير ٿيل هجن ها ۽ نه ئي ٻاهرن ملڪن جون بينڪون حڪمرانن جي پيسن سان ڀريل هجن ها. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي دعويٰ آهي ته هو ڪرپشن خلاف آواز ٿي رهيو آهي ۽ سمورن حڪمرانن جو احتساب ٿيندو، هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن حڪمرانن جو احتساب ٿيندو، اسان وڏو الميو اهو آهي ته جڏهن به ڪنهن پارٽي جي حڪومت ويندي آهي ته ان کانپوءِ انهن وزيرن ۽ مشيرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي آهي پر انهن خلاف ان وقت ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي جڏهن اهي عهدن تي قائم هوندا آهي، اهو ئي سبب آهي جو احتساب هن وقت تائين هن ملڪ درست نموني نه ٿي سگهيو آهي۽ نه ئي ڪرپٽ وزيرن کي ڪا خاص سزا ملي سگهي آهي، ڪجهه عرصو اڳ جڏهن بلوچستان ۾ ڪارروائي ڪئي وئي ته ان وقت به بلوچستان جي هڪ وزير جي گهر مان تمام گهڻا پيسا مليا جيڪي خبرون اخبارن جي زينب به بڻيون پر ان وقت به احتساب ٿيندي ڪٿي به نظر نه آيو، نظر آيو ته اهو پلي بارگيننگ هو، جنهن سان ڪرپٽ عملدار پنهنجي جان آجي ڪرائي رهيا آهن، ڪجهه عملدار چئي رهيا آهن ته اهو قانون هرملڪ آهي، جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ هن ملڪ ته ڇا جتي به اهڙو قانون هوندو اتي ڪرپشن ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي، هڪ ٻي بدقسمتي اسان جي ملڪ ۾ اها به رهي آهي ته حڪمرانن  ڪڏهن به احتساب لاءِ ڪي قدم ناهن کنيا جنهن سبب اڄ ملڪ ڪرپشن ۾ سڀني ملڪ کان اڳتي نڪري آيو آهي، هونءَ ته اسان جي ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي  حڪمرانن هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڪڍڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي پر هڪ ٻئي جي خلاف خراب ٻولي استعمال ڪرڻ کان به پاسو نه ڪيو  آهي. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ مقدس ڳئون خلاف به ڪارروائي ٿئي ها ته اڄ ملڪ اندر ڪرپشن جو ذڪر نه ٿئي ها ۽ نه ئي وري احتساب جي نالي تي هڪ ٻئي خلاف سياست ڪئي وڃي، جيڪڏهن ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙيندڙن خلاف قدم کنيا وڃن ها ته اڄ اسان جو ملڪ قرضن کان آجو هجي ۽ هتي عوام تمام گهڻو خوشحال هجي ها.
پاناما ۽ نيوز ليڪس ۾ ڦاٿل حڪمران دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هنن ملڪ اندر تبديلي آڻي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي تبديلي ڏسڻي آهي ٻاهر اچي ڏسي سگهن ٿا، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چئي رهيو آهي ته حڪمرانن ملڪ جو قومي ناڻو لٽي ٻاهرن ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته وفاقي حڪمران ملڪ کي بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان پيپلزپارٽي طرفان احتجاج به ڪيا پيا وڃن، تحريڪ انصاف به نواز ليگ سرڪار خلاف نعرا هڻي رهي آهي ته پيپلزپارٽي به احتجاج ڪندي نظر اچي رهي آهي. جماعت اسلامي به هڪ قدم به ٻين پارٽين کان پوئتي ناهي وڌايو، اها پارٽي به ميدان تي لٿل آهي پر خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر اهي احتجاج حڪمرانن جي احتساب لاءِ ٿي رهيا آهن يا وري ايندڙ چونڊن جي تياري جي لاءِ هر هڪ پارٽي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته اها گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نواز ليگ سرڪار خلاف احتجاج ڪري رهي آهي جيڪو اڄ به جاري آهي پر پيپلزپارٽي شروعات ۾ نواز ليگ سرڪار جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو ۽ چيو ويندو هو ته هو نوازشريف جو ساٿ نه  ڏئي رهيا آهن پر هو جمهوريت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اڄڪلهه پيپلزپارٽي جي موقف ۾ تبديلي اچي وئي آهي جنهن سبب هاڻ بيانن ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته هو ڪنهن به صورت ۾ هاڻ نوازشريف جو ساٿ نه ڏيندا،
هڪ طرف مختلف تنظيمون احتجاج ڪري رهيون آهن ته ٻي طرف وري نوان نوان اعلان به ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، بهرحال هن وقت نواز سرڪار خلاف پاناما معاملي بابت جاچ شروع ٿي وئي آهي، وڏي ڪورٽ طرفان به سپريم ڪورٽ جي پاناما جي فيصلي تي عملدرآمد واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران جي آءِ ٽي لاءِ مختلف ادارن طرفان موڪليل نالن کي رد ڪيو ويو ۽ وڏي عدالت طرفان چيو ويو ته اهڙن ماڻهن کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪي هيرو هجن ۽ اهو به چيو ويو ته جي آءِ ٽي جي ميمبرن لاءِ نالن جي چونڊ عدالت ڪندي، بهرحال هن وقت وزيراعظم نوازشريف خلاف پاناما جي جاچ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان سان گڏ نيوز ليڪس وارو معاملو به نوازسرڪار جي ڳچي ۾ اٽڪيل آهي، جنهن بابت پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم کي هٽايو ويو ته ان جي جاءِ تي مريم نواز کي وزيراعظم بڻايو ويندو، هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته وزيراعظم نوازشريف پنهنجو مدو پورو ڪندو يا وري پيپلزپارٽي جي دور جيان نوازشريف کي به هٽايو ويندو.جيڪڏهن هن وقت سڄي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته معلوم ٿيندو ته پاناما فيصلي کان پوءِ ملڪ اندر هڪ وڏي تبديلي  آئي آهي، اها تبديلي ٻئي ڪنهن ۾ آئي هجي يا نه پر تحريڪ انصاف سربراهه  عمران خان ۾ ضرور آهي، اها تبديلي سندس ڳالهائڻ واري انداز مان به محسوس ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نوازسرڪار خلاف ڪو خاص نه ڳالهائي رهيو آهي جئين ماضي ۾ ڳالهائيندو پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو تحريڪ انصاف جي توپن جو رخ پيپلزپارٽي ڏانهن مڙي ويو آهي، جنهن سبب آصف علي زرداري به تنقيد جو نشانو بڻجندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف کي آصف علي زرداري پنهنجن جلسن ۾ جواب ڏئي چڪو آهي پر ان باوجود سڄي ملڪ ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي.  

No comments:

Post a Comment