Pages

Friday, 5 May 2017

افغانستان جي جارحيت ۽ ڌارين جي مهمانوازي

صاحب خان ڀٽي
افغان صدر اشرف غني جي پاڪستان جي دوري جي دعوت رد ڪرڻ بعد افغان سڪيورٽي فورسز جارحيت تي لهي آئي ۽ چمن سرحدي علائقي تي فائرنگ ۽ گولا باري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون جانيون ضايع ٿي ويون، هونءَ ته افغانستان گذريل ڪيتري ئي وقت کان پاڪستان خلاف زهريلي زبان استعمال ڪري رهيو آهي پر هن ڀيري بلڪل سامهون اچي ويو آهي، جنهن سبب ڪڏهن سرحد تي فائرنگ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن ته ڪڏهن وري سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملا ٿي رهيا آهن، جڏهن سيوهڻ سانحو پيش آيو ته ان کان پوءِ طورخم بارڊر کي به ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خيرسگالي طور ان کي به کوليو ويو پر ان باوجود افغانستان طرفان بيان بازي جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي، ڪجهه اڳواڻ چئي رهيا آهن ته افغانستان ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي،ڪجهه چئي رهيا آهن ته افغانستان مسلمان ڀائر ملڪ آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ افغاني ڀريا پيا آهن ۽ انهن جي مهمانوازي به اسان جو ملڪ ئي ڪري رهيو آهي پر ان باوجود افغانستان پاڪستان جا ٿورا مڃڻ باوجود سرحد تي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾مصروف نظر اچي رهيو آهي، هونءَ ته ملڪ اندر ڪيتريون اهڙيون سياسي جماعتون آهن  جيڪي پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي جي مطالبو ڪري رهيون آهن پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي،
جڏهن ملڪ اندر  دهشتگردي عروج تي پهتي هئي ۽ دهشتگردن مزارن جو رخ ڪيو ته ان وقت به پرڏيهي ملڪن جو هٿ ملوث هجڻ جا انڪشاف ٿيا هئا، سيوهڻ سانحو، لاهور سانحو،ڪوئيٽا سانحو ۽ ٻيا کوڙ سارا سانحا هن ملڪ ۾ پيش اچي چڪا آهن ، جن ۾ ملوث دهشتگردن جا واسطا پاڙيسري ملڪن سان هئڻ جا انڪشاف ٿيا هئا. سيوهڻ سانحي ۾ ملوث دهستگردن بابت به اهو ئي ٻڌايو ويو هو ته دهشتگرد افغانستان مان آيا هئا. بهرحال هن وقت ڀارت کان پوءِ افغانستان به دشمني تي لهي آيو آهي، افغان صدر  اشرف غني جي پاڪستان جي دوري جي دعوت رد ڪرڻ ۽ چمن سرحد تي فائرنگ واري واقعي بعد  ٻنهي ملڪن ۾  اختلاف وڌي وڃڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، هونءَ ته افغانستان فورسز جي سڪيورٽي فورسز ڪيڏيون طاقتور ۽ بهادر آهن انهن جو پتو ته  افغانستان جي امن امان واري صورتحال مان به لڳائي سگهجي ٿو پر هن وقت پاڪستان جهڙي ملڪ سان بنا جواز مهاڏو اٽڪائڻ مان ثابت ٿي رهيو آهي ته افغانستان ڪنهن ٻي جي چوڻ تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي،هڪ طرف ڀارت بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي ته مٿان وري افغانستان سڪيورٽي فورسز به سرحد تي بنا جواز ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيون آهن، گذريل ڏينهن به  افغانستان جي سڪيورٽي فورسز  پاڪستان جي سرحدي علائقي ۾ فائرنگ ڪري ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيو، پاڪ فوج طرفان به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي هئي. چمن جي سرحدي علائقي ۾ افغانستان جي سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿي پيا هئا، جنهن بعد ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ايمرجنسي به لڳائي وئي هئي، اهڙي حملي کان پوءِ پاڪ افغان باب دوستي کي به بند ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ايف سي جي دستا آدمشماري واري عمل ۾ مصروف هئا ته افغان سڪيورٽي فورسز فائرنگ ڪئي، آءِ ايس پي آر طرفان اهو به چيو ويو آهي ته  آدمشماري واري عمل کي روڪڻ لاءِ 30 اپريل کان ڪوششون ٿي رهيون هيون،  
افغانستان جي سفارتڪار کي به پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو هو، پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته هو افغانستان کي جواب ڏيڻ جو حق رکن ٿا.وزيراعظم نوازشريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي سربراهن طرفان به افغانستان فورسز جي جارحيت جي مذمت ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڳ ڀارت سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندو هو ۽ هاڻ افغانستان سڪيورٽي فورسز به ڀڃڪڙي ڪرڻ  واري ڪڌي ڪم تي لهي  آيو آهي. هونءَ ته ملڪ اندر جنهن ڏينهن کان آدمشماري شروع ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان هر پارٽي طرفان خدشا به ظاهر ڪيا ويا پر بعد جڏهن دهشتگردن آدمشماري ٽيمن تي حملو ڪيو، جنهن ۾ سڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ٿيا تنهن ڏينهن کان پوءِ سڀني کي لڳو ته دهشتگرد آدمشماري کي ملتوي ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن،  گذريل ڏينهن به جڏهن چمن ۾ ايف سي جي دستي تي فائرنگ ٿي ته ان وقت به آءِ ايس پي آر طرفان اهو ئي بيان جاري ڪيو ويو ته  ايف سي جي دستا آدمشماري واري عمل ۾ مصروف هئا جن تي افغان سڪيورٽي فورسز فائرنگ ڪئي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته افغانستان به آدمشماري واري عمل کان  خوفزده آهي جنهن سبب آدمشماري عمل کي روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،
بهرحال هن وقت پاڪ افغان بابت دوستي کي به بند ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان طرفان اهڙي جارحيت جي مذمت به ڪئي وئي آهي پر افغانستان طرفان ڪو به اهڙو خاص بيان جاري ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت ملڪ اندر لکن جي تعداد ۾ افغاني لوڌ موجود آهي، جيڪا هتان واپس وڃڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا آهن ۽ حڪمران به انهن جي مهمانوازي ڪري تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهن، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ساڃاهه وند چئي رهيا آهن ته ڌارين جي لوڌ سبب هن ملڪ جو امن تباهه ٿي ويو آهي پر ان باوجود حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن، ڪيترن ئي سالن کان افغانين جي لوڌ هن ملڪ ۾ پروش ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي افغانين جا ته هتان جا ڪارڊ به ٺهي ويا آهن پر انهن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جڏهن آدمشماري وارو عمل شروع ٿي رهيو هو ته ان وقت شماريات کاتي طرفان چيو ويو هو ته جنهن به افغاني جا پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هوندا ته انهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي، هونءَ ته نادرا پاران ڪيترائي ڪارد بلاڪ به ڪيا ويا پر انهن کي ٻيهر بحال به ڪيو ويو، مطلب ته ڪجهه اهڙا سياسي اڳواڻ آهن جيڪي ڪجهه ووٽن خاطر ڌارين جي لوڌ کي پاڪستاني ڪارڊ به ٺهرائي ڏئي رهيا آهن ۽ اهڙا بيان مختلف وزيرن طرفان به جاري ڪيا ويا آهن ته  ڪي پي ۾ افغانستان مان آيل افغانين کي سندن هتان جا مٽ مائٽ ڪارڊ ٺهرائي ڏئي رهيا آهن، جڏهن سيوهڻ سانحو پيش آيو تڏهن سنڌ اندر افغانين خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ته ڪجهه سياسي اڳواڻن رڙيون کڻي ڪيون ته اهي ڪارروايون بند ڪيون وڃن ۽ اهي ڪارروايون بعد ۾ بند ٿي ويون پر افسوس جو اها خبر ئي نه پئي ته جن به افغانين کي گرفتار ڪيو ويو هو اهي ڪڏانهن هليا ويا، پوليس انهن کي ڇڏي ڏنو يا وري انهن کي افغانستان موڪليو ويو، ان بابت به سرڪار قوم کي ٻڌائڻ جي زحمت نه ڪئي،
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي سرڪار  ملڪ اندر ڌارين جي لوڌ کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي يا وري خيرسگالي طور افغانين جي لوڌ جي هتي مهمانوازي جاري رکي ويندي، جيڪڏهن افغانين جي ملڪ آمد وقت انهن کي سرحد تائين محدود ڪيو وڃي ها ته اڄ هن ملڪ ۾ بدامني پکڙيل نه هجي ها ۽ نه ئي وري  سيوهڻ سانحو ۽ لاهور سانحو پيش اچن ها، وفاقي حڪومت افغانين جي لوڌ کي ڏيهه اچڻ جي اجازت ته ڏني پر سنڌ سرڪار به انهن جي رجسٽريشن لاءِ ڪي به قدم نه کنيا جنهن سبب اڄ لکن جي تعداد ۾ پرڏيهي ترسيل آهن، لڳي ائين پيو ته سنڌ ۾ ڌاريا آباد ٿي چڪا آهن ۽ سنڌي لڏي هليا ويا آهن، اقتدار جا مزا ماڻيندڙ حڪمرانن هن وقت تائين ڌارين جي لوڌ کي نيڪالي ڏيڻ واري اهم معاملي تي غور ويچار نه ڪيو آهي، جيڪڏهن ڌارين جي لوڌ جو رڪارڊ رکيو وڃي ها ته اڄ ملڪ بدامني جي ور چڙهيل نظر نه اچي ها، بهرحال هن وقت افغانستان جو به مٿو خراب ٿي ويو آهي خبر ئي نه پئجي رهيو آهي ته افغانستان ڪنهن جي ونگار وهي رهيو آهي جو سرحدي علائقي ۾ فائرنگ ڪري معصوم ماڻهن کي شهيد ڪري رهيو آهي.


No comments:

Post a Comment