Pages

Saturday 1 September 2018

ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟





صاحب خان ڀٽي

اسلام آبا د جي ڊي چوڪ کان شروع ٿيل تبديلي واريون هوائون آخر ڪار وزيراعظم هائوس پهچي ويون آهن ۽ تبديلي اچڻ کانپوءِ عوام کي هڪ وڏو تحفو مليو آهي، اهو تحفو پيمرا کي ختم ڪري هڪ نئون ادارو قائم ڪرڻ آهي، جنهن جو مقصد سوشل ميڊيا تي هلندڙ تنقيد کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، مطلب ته هن ملڪ ۾ هاڻ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان پوءِ سوشل ميڊيا تان به عوام کان راءِ جي اظهار جي آزادي کسڻ آهي پر اهو ممڪن ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ڪيترائي وزيراعظم ۽ ٻين ادارن وارا آيا، جن پنهنجي فائدي لاءِ ڪيترائي قانون آندا پر پنهنجي ڪيل ڪرتوتن جي احتساب کان بچي نه سگهيا آهن،

جيڪڏهن واقعي هن ملڪ ۾ تبديلي آئي آهي ته پوءِ سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کي وفاقي حڪومت کي برداشت ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اهي تاج محل ۽ حڪومتون گهڻي وقت تائين قائم نه رهي سگهنديون، ان جو مثال گذريل نواز حڪومت مان به لڳائي سگهي ٿو، اڄڪلهه نواز ليگ سوشل ميڊيا کي پنهنجو مضبوط هيٿار بڻايو آهي، اڳ ۾ اهو هٿيار تحريڪ انصاف  مضبوطي سان سنڀاليو هو ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙيون ته ويڊيو شيئر ڪيون وينديون هيون، جن جو ذڪر ڪرڻ به تمام گهڻو ڏکيو هو. ايتري قدر جو مختلف چيلن تي ٻين سياستدانن کي چور ۽ غير مناسب لفظ استعمال ڪيل اشتهار به هلايا ويا، جيڪي يقينن اليڪشن ڪميشن جي قانون جي ڀڃڪڙي آهي،

جيئن ته ان وقت تبديلي جون هوائون گهلڻ شروع ٿي ويون هيون ته ان وقت ڪنهن  به انهيءَ معاملي تي ڌيان نه ڏنو پر هاڻ ته عمران خان پاران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ تبديلي اچي وئي آهي جو نعرو هنيو پيو وڃي پر انهيءَ تبديلي جي اچڻ کانپوءِ هڪ ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ تمام گهڻي واڌ اچي وئي آهي ۽ ٻيو ته مٿان ٽول ٽيڪس به وڌايو ويو آهي، ايتري قدر جو وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جون به خبرون مختلف چينلن تي گردش ڪري رهيون آهن پر تبديلي جي خواهشمندن کي اها اڃا به اميد آهي ته متان وزيراعظم عمران خان غريب عوام جي لاءِ ڪجهه ڪري ۽ انهن کي روزگار سان گڏ گهر به ٺهرائي ڏئي ۽ انهيءَ اميد جي ڪري عوام اڄ به تبديلي جو نعرو هڻي رهي آهي پر چونڊن کان اڳ جيڪي نعرا هنيا ويا ۽ جيڪي دعوائون ڪيون ويون، انهن تي هن وقت تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حڪومت اڃا پنهنجي ڪابينا کي مڪمل طرح بحال ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ سمورن ادارن ۾ پنهنجي مرضي جا ماڻهو  آڻڻ جون ڪوششون به جاري آهن، جيڪو هر هڪ حڪومت جو حق به آهي ته ملڪ جون حالتون سڌارڻ لاءِ اهي سمورا ڪم ڪرڻ گهرجن

هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته چونڊن کان اڳ ۾ وزيراعظم عمران خان چوندو هو ته پيٽرول ۾ ٻيڻ تي ٽيڪس ورتو پيو وڃي ۽ جڏهن سندن حڪومت آئي ته پيٽرول سميت سمورين شين کي سستو ڪندو  ۽ ملڪ جو قرض لاهيندو پر هاڻ تحريڪ انصاف جو ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر چئي رهيو آهي ته  ماضي جون حڪومتون آءِ ايم ايف وٽ ويون، جيڪڏهن اسان وياسين ته اها ڪهڙي وري نئين ڳالهه ٿيندي. بهرحال هن وقت جيڪي ملڪ جون حالتون آهن، ان دوران تبديلي جون واڳون سنڀاليندڙ ته خوش آهن پر  نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي لاءِ هڪ وڏي امتحان واري گهڙي اچي وئي آهي،

نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جيل ۾ آهن،ا يتري قدر جو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف تي احتساب عدالت ۾ جج ارشد ملڪ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي ۽ انهن ڪيسن جو به فيصلو اچڻو آهي ۽ ان سان گڏ پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف مني لانڊرنگي ڪيس به هلي رهيو آهي، جيڪو به شايد انجام تائين پهچي سگهي ٿو. جيئن ته  هاڻ نواز ليگ جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي ۽  تحريڪ انصاف  حڪومت جو تختو سنڀالي ورتو آهي ته نواز ليگ اڳواڻن خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ ٻي وڏي تبديلي اها به آئي آهي ته اڳ ۾ چور، بي حيا ۽ ان کان به وڌيڪ گٿا لفظ جيڪي اسان مختلف چينلن تي مختلف سياستدانن کان ٻڌندا هئاسين، اهي لفظ ڳالهائڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو آهي.  تحريڪ انصاف هجي يا وري  نواز ليگ،  ڪو به اڳواڻ يا  ڪارڪن  خراب لفظ ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي.

 ان کان وڌيڪ تبديلي اها  آئي آهي ته پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جيڪو وڏيون دعوائون ڪندو هو، ان کي به اليڪشن  کانپوءِ پنهنجي ڪراچي ۾ موجودگي جي حيثيت جي خبر پئجي وئي آهي، جئين ته ڪراچي   جا شهري دهشتگردي، ڀتا خوري ۽  قبضا مافيائن کان جيڪي نجات حاصل ڪئي هئي، ان جو ڪريڊٽ نواز سرڪار ڏانهن وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي به ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو لياري ۾ اڄ ڪلهه پيپلزپارٽي  کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان جو مثال اليڪشن کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري تي ٿيل پٿراءُ مان به لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال   هڪ ڳالهه ته  واضح آهي ته ملڪ ۾ هڪ آمر جي حڪومت دوران به دهشتگردي عروج تي هئي،  انهيءَ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهادت ماڻي، جنهن کانپوءِ وڃي هن ملڪ ۾ جمهوريت جي ٽرين پٽڙي تي هلڻ شروع ڪيو پر ان کانپوءِ پيپلزپارٽي کي  تحريڪ انصاف، نواز ليگ ۽ طاهر القادري جي احتجاجن کي منهن ڏيڻو پيو  ۽ حڪومت آخر ڪار پنهنجو مدو پورو ڪيو پر نوازشريف جي  عدالتن ۾ وڃڻ سبب  پيپلزپارٽي جي ٻن وزيراعظمن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ ته يوسف رضا گيلاني نااهل به ٿي  ويو هو  پر جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ته  اهو ساڳو ئي ورتاءُ نواز ليگ کي به ڏسڻو پيو ۽ نوازشريف ٻين کي نااهل ڪرائي ڏاڍو خوش ٿيو هو، جڏهن پاڻ عدالت پاران نااهل قرار  ڏنو  ويو ته کيس پنهنجي غلطين جو احساس ٿيو پر    نااهل ٿيڻ باوجود نوازشريف مٿان ڪيس ختم نه ٿيا ۽ اڃا هن وقت به مٿس ڪيس هلي رهيا آهن ۽ نوازشريف پاران شروع ڪيل ڪيس  وري آصف زرداري ڀوڳي رهيوآ هي، هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته آخر ڪار اهو سلسلو ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟

پر هڪ ڳالهه  واضح  ٿيندي پئي وڃي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ تبديلي  جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون آهن  ۽ لڳي ٿو ته اهي تبديلي جون هوائون اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، جن کي آزاد ڪرڻ سان وري حڪومت ۾ تبديلي وارو جوش ۽ جذبو ٻيهر اڀري سگهجي ٿو،  چونڊن کان اڳ اسان تبديلي  جا نعرا ٻڌندا هئاسين پر هاڻ اسان ٽيڪس لڳائڻ ۽ قرض وٺڻ  جا بيان ٻڌي رهيا آهيون ، اڳ اسان پيٽرول سستو ڪرڻ، عوام کي روزگار ڏيڻ ۽ گهرن ڏيڻ  وارا بيان ٻڌندا هئاسين پر هاڻ اسان  عوام جي راءِ جي آزادي جي اظهار تي پابندي لڳائڻ  وارا حڪم ٻڌي رهيا آهيون.  جن سان عوام ۾ مايوسي پيدا ٿي رهي آهي.



No comments:

Post a Comment