Pages

Thursday 6 September 2018

سنڌ جون درسگاهون نياڻين لاءِ نوگو ايريا بڻيل


صاحب خان  ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ دشمنن جون اکيون  سنڌ جي درسگاهن تي کتل آهن،  جيڪي نه ٿا چاهين ته سنڌ  جا تعليمي ادارا ترقي ڪري سگهن ۽ سنڌ جون نياڻيون   علم جي زيور سان مالا مال ٿي سگهن، اهي عنصر سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جي تباهي جا ذميوار آهن، سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ نياڻين کي پڙهائڻ جو لاڙو تمام گهٽ آهي، ڪجهه ئي ڪٽنب آهن، جيڪي پنهنجي نياڻين کي پڙهائيندا آهن، ڪيترائي اهڙا ڪٽنب آهن، جيڪي ته پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائي به نه ٿا سگهن، مٿان واري خانگي اسڪولن جي ڳرين فيسن سبب ڪجهه ماڻهو ته پريشان ٿي وڃن ٿا، هڪ ته خانگي اسڪولن جي ڳري فيس، مٿان وري  سرڪاري اسڪولن ۾  استادن جي حاضري گهٽ هجڻ آهي،
بهرحال ڪجهه ماڻهو جيڪي پنهنجي ٻارڙن کي پڙهائي سگهن ٿا، اهي پڙهائي رهيا آهن ، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جون نياڻيون به تعليم حاصل ڪري رهيون آهن پر اها ڳالهه سنڌ جي دشمنن ۽ انهن جي واٺن کي پسند نه آهي، جيڪي سنڌ جي دشمنن جي وانگار وهندي سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري رهيا آهن، هڪ ته ماڻهو پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ کان اڳ گهڻو سوچيندا آهن ته مٿان نياڻين کي حراسان ڪرڻ واريون خبرون انهن جي خوف ۾ اڃا وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ  يونيورسٽي ۾ هڪ شاگردياڻي جو  ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو ۽ ان کان  پوءِ  نياڻين کي حراسان ڪرائڻ واقعا  پيش ايندا رهيا، جنهن سان سنڌ جي درسگاهن  جي معيار تي  وڏو ڌڪ لڳو ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ سنڌ جا تعليمي ادارا نياڻين لاءِ وڌيڪ غير محفوظ لڳڻ لڳا آهن،
هونئن  به ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان سان گڏ افغانستان جا ٻار به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن پر وڏي بدقسمي جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌ جي اصل راهوڪن سان اهڙو حشر ڪيو ويو جو انهن کي داخلا به نه پئي ڏني وئي ۽ نه سنڌي شاگردن کي  يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي اجازت ڏني پئي وئي، اهڙو حشر سنڌ جي ٻين ادارن ۾ به آهي، جتي ڌارين کي وڏن عهدن تي ڀرتي  ڪيو ويو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ بدران ڌارين کي نوڪريون ڏئي نوازيو ويو، انهيءَ سموري ڪم ۾ سنڌ جا ڪامورا به ملوث رهيا. سڄي سنڌ  ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون نه ڏيڻ خلاف سراپا احتجاج به بڻجي وئي هئي پر سنڌ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندڙ پارٽي ان ظلم تي ڪو به ڌيان ڌريو هو.
بهرحال هاڻ ته سنڌ جي درسگاهن جو اهو حشر ٿي ويو آهي جو امتحان دوران ئي شاگردن کي کنڀيو ويندو آهي، ايتري قدر جو سنڌي شاگردن کي پنهنجي ثقافت کي اپنائڻ تي به پابندي لڳائي ويندي آهي، اهڙو عمل ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش آيو هو، جتي سنڌي شاگردن کي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي. بهرحال هاڻ حالتون ٿوريون تبديل ٿي ويون آهن ۽ سوشل ميڊيا سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ وڏو هٿيار بڻجي وئي آهي، جيڪا خبر حڪمرانن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي نشر ٿيڻ کان روڪرائي ڇڏيندا آهن، اها خبر سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيندي آهي، جنهن کان پوءِ مجبور ٿي ٽي وي چينلز کي اها خبر نشر ڪرڻي پئجي ويندي آهي، حڪومت چاهي به ان کي روڪرائي نه سگهندي آهي، اهو ئي  سبب آهي جو حڪمران ڏينهون ڏينهون سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ لاءِ نوان نوان قانون ٺاهڻ ۾ رڌل نظر ايندا آهن، ان جو سمورو ڪارڻ  اهو ئي آهي ته حڪمران سچ ٻڌي نه ٿا سگهن ۽ کين تنقيد برداشت ڪرڻ جي سهپ نه آهي،
جيئن ته  سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي نياڻي کي حراسان ڪيو ويو آهي، جنهن پنهنجي خلاف ٿيل انهي ورتاءُ کان سڄي سنڌ کي ٻڌايو پر نه ته وفاقي حڪومت  ان نياڻي جي دانهن ٻڌي ۽ نه ئي وري سنڌ سرڪار حراسان ڪندڙ جوابدار خلاف ڪا ڪارروائي ڪري سگهي آهي. ايتري قدر جو نياڻين کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي عورتن جي حقن لاءِ واويلا ڪندڙ سماجي عورت  اڳواڻ به خاموش تماشائي بڻيل آهن، جيئن نائلا رند معاملي تي خاموشي اختيار ڪئي وئي هئي. هن وقت به عورت تنظيمن پاران  سنڌ ۾ نياڻين کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي ڪو خاص آواز نه  اٿاري سگهيون آهن. اهڙن واقعن کان پوءِ هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڌارين کي ڀرتي ڪري انهن کان اهڙو ڪم ورتو پيو وڃي، اهڙي سازش خلاف سنڌ جا ساڃاهه وند سراپا احتجاج بڻيل آهن،
سنڌ جي نياڻين کي انصاف  فراهم ڪرائڻ لاءِ  سڄي سنڌ ۾ هڪ يونيورسٽي جي وي سي خلاف احتجاج به جاري آهن، ايتري قدر جو صحافي دوست، فنڪار ۽ اداڪار به سنڌ جي نياڻين کي حراسا ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي به هڪ وڏي مهم هلي رهي آهي، جنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هاڻ سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪندڙ  عنصرن کي ناڪامي ملندي، جيڪڏهن هڪ به سنڌ جي نياڻي کي حراسان ڪندڙ بااثر کي سزا ملي وئي ته مستقبل ۾ اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ٻيهر اهڙو واقعو پيش نه ايندو، ٻي صورت ۾ سنڌ جي نياڻين کي حراسان ڪرڻ وارا واقعا ٿيندا رهندا.  اسان ته سنڌ سرڪار کان  اهو مطالبو ڪنداسين ته سنڌ جي تعليمي ادارن مان سنڌ دشمن عنصرن کي ڪڍي ايماندار   آفيسرن کي رکيو وڃي، جيڪي  اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي تڪڙو انصاف فراهم ڪري سگهن.

No comments:

Post a Comment