Pages

Thursday 13 September 2018

آزاد صحافت ۽ حڪمرانن جو رويو...!!

صاحب خان ڀٽي
اڄ جي جديد دور م اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميديا تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ هر ماڻهو وٽ تمام جلد خبر پهچي ويندي آهي ۽ هر چينل ۽ اخبار  جي اها خواهش هوندي آهي ته سڀ کان وڌيڪ اهم خبر سندن اخبار ۽ چينل تي نشر ٿئي  ۽ عوام وٽ سڀ کان اڳ سچي ۽ اهم خبر پهچائي وڃي پر جيئن ته هر ملڪ جو الڳ الڳ قانون آهي ۽ ان قانون جي دائري ۾ رهندي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ کي خبر نشر ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، جئين ته سڄي دنيا ۾ اڄ ڪلهه صحافت تمام گهڻي ڏکي ٿي وئي آهي،  ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪنهن بااثر خلاف ڪا خبر هلندي آهي ته  ان خبر کي ڇاپيندڙ ۽ صحافي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ويندي آهي، 
مطلب ته اسان جي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي ۽ صحافين لاءِ خطرا به وڌي ويا آهن، ان جو مثال ڪنهن ٻئي ملڪ مان نه پر اسان جي ملڪ  مان وٺي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ۾ کوڙ سارا  اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، ڪڏهن صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ ته ڪڏهن وري صحافين  کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي ۽ مختلف ادارن پاران رپورٽ به جاري ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ  خطرا تمام وڌيڪ آهن، جنهن ۾ ڪو شڪ به نه آهي، ڪجهه عرصو اڳ نالي واري صحافي حامد مير  تي ڪراچي ۾ حملو به ٿيو، ان کان سواءِ  ڪيترن ئي صحافين کي تشدد جو به نشانو به بڻايو ويو آهي. بهرحال  سڄي دنيا ۾ صحافت سان لاڳاپيل ماڻهو عوام  کي هر خبر کان باخبر رکڻ لاءِ ڪوششن ڪندا رهندا آهن پوءِ ڀلي  اها خبر سندن لاءِ ڪيڏي به پريشاني جو سبب ڇو نه بڻجي وڃي، 
اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌي چينل سميت ڪجهه چينلن تي پابندي به لڳائي وئي هئي، جنهن تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج به ڪيو ويو هو.  جنهن بعد فيصلو واپس ورتو ويو هو. اهڙن قدمن کان پوءِ  سخت قانون به جوڙيا ويا. جنهن کان پوءِ هن  ملڪ ۾ آزاد صحافت تمام گهڻو ڏکئي ٿي وئي. بهرحال هن ملڪ کان علاوه ٻيا کوڙ سارا ملڪ آهن، جتي صحافت کي پنجوڙ ۾ جڪڙڻ لاءِ  سمورا حربا استعمال  ٿيندا رهندا آهن. صحافت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ خطر ا به تمام گهڻا هوندا آهن. 2016 ۾ ترڪي جي عدالت 2016ع ۾ حڪومت خلاف ناڪام فوجي بغاوت ۾ ملوث هجڻ تي 6 صحافين کي عمر قيد جي سزا ٻُڌائي هئي، جن صحافين کي عمر قيد جي سزا ٻُڌائي وئي هئي، انهن ۾ نازلي اليجڪ، احمد التان، محمد التان، فيوزي يازيجي، يعقوب سمسيڪ ۽ سڪرو تغزل اوزسين گل شامل هئا. انهن صحافين تي الزام لڳايو ويو هو ته انهن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ اخبارن ۾ ڪالم لکي ڳُجھن لفظن ۾ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ پئي چاهيو. جوابدارن جو فتح الله گولن تحريڪ سان به تعلق هئڻ جو انڪشاف ڪيو ويو هو. تنهن هوندي به جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو هو. گڏيل قومن ۽ صحافين جي عالمي تنظيمن ترڪي کي ان فيصلي کي شديد تنقيد جو نشانو به بڻايو هو پر ترڪي پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو هو، 
ڪجهه عرصو اڳ 30 ورهين جي رقيه حسن نالي صحافي کي شام جي شهر رقه ۾ داعش قتل ڪري ڇڏيو هو .جڏهن ته مالٽا ۾ به صحافي ڊيفني کي به قتل ڪيو ويو هو، .سموري دنيا ۾ ڪرپشن کي وائکو ڪندڙ صحافي ڊيفني جي قاتلن جي سڃاڻپ ڪنڊڙن کي جولين اسانج پاران 20 هزار يورو انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، وڪي ليڪس جي باني مالٽا ۾ ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل صحافي جي قاتلن جي سڃاڻپ ڪندڙ کي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو مقتولا ڊيفني جي پٽ ميٿيوز جو چوڻ هو ته سندس والده جي قتل ۾ اهي ئي ماڻهو ملوث آهن جن جي ڪرپشن کي وائکو ڪيو ويو هو. اهڙي ريت اسان جي ملڪ ۾ به ڪيترن ئي صحافين تي حملا به ٿي چڪي آهي ۽ صحافي برداري ٻڌي جو اظهار به ڪيو هو پر ان باوجود صحافين جي تحفظ لاءِ هن وقت تائين ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. 
جيئن  ته ڪجهه عرصي کان ميانمار ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم جون ويڊيون سوشل ميڊيا تي  تمام گهڻو وائرل ٿيون آهن ۽ اڃا به ميانمار ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم جون ويڊيو وائرل ٿي رهيو آهي ۽ ميانمار جي حڪومت  اهڙين ويڊيوز  کي رد ڪندي رهي آهي پر انسان دوست  ماڻهو ميانمار سرڪار تي مذمت به ڪندا رهيا آهن، ايتري قدر جو ميانمار جي حڪومت اهڙين خبرن  جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته اهي  ويڊيو پراڻيون آهن، اسان جي ملڪ مان به ڪجهه صحافي ميانمار ويا هئا، جن  اتي ٿيل ظلم کي ڪيئمرا جي اک ۾ رڪارڊ ڪيو هو  ۽ هاڻ ميانمار ۾ صحافين کي سزائون به ٻڌايون ويون آهن، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو ميانمار جي حڪومت به سچ ڏسڻ، لکڻ  ۽ ٻڌڻ  نه ٿي چاهي، جنهن سبب صحافين  جو آواز دٻائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي. 
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته صحافي روهنگيا بحران تي رپورٽنگ ڪري رهيا هئا. جنهن تي حڪومت تمام گهڻو ڪاوڙيل هئي، جنهن سبب ميانمار جي هڪ عدالت ڪجهه صحافين کي گذريل هفتي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. اهڙي اڳڀرائي تي عالمي سطح تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ميانمار جي سربراهه آنگ سان سوچي به صحافين کي ٻڌايل سزا واري فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، آنگ سان سوچي چيو آهي ته سزا مليل صحافين کي صحافت جي ڪري نه پر ملڪ جي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي سزا ٻڌائي وئي آهي.بهرحال دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون تنظيمون آهن، جيڪي  صحافين لاءِ  جاکوڙي رهيون آهن پر هن وقت تائين صحافي برداري کي ڪو خاص تحفظ نه ملي سگهيو آهي، اسان جي ملڪ جي حالت ئي ابتڙ آهي، هتي ته ڏينهن ڏٺي جو به صحافي گم ٿي وڃن ٿا ۽ انهن تي حملا ڪيا وڃن ٿا. اسان جي حڪومت کي گهرجي ته صحافين  جو آواز دٻائڻ بدران انهن کي آزاد صحافت جو مڪمل  حق ڏنو وڃي ته جئين صحافي عوام جو آواز ايوانن تائين پڄائي سگهن. 

No comments:

Post a Comment