Pages

Sunday 2 September 2018

ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف جو دورو، پاڪستان جي امداد بند


صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آمريڪا پاڪستان تي پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو، ڪڏهن آمريڪا ڊرون حملا ڪندو آهي ته ڪڏهن وري پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ امداد  روڪي ڇڏيندو آهي، اهو ڪو عمل آمريڪا پهريون ڀيرو نه ڪيو آهي، ان کان اڳ به آمريڪا اهڙا فيصلا ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي  امداد بند ڪري ڇڏي آهي، اهو ان ڪري ٿيو آهي جو پاڪستان ۾ هن وقت هڪ ٻي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي. هونئن ته آمريڪا پاڪستان جي نئين حڪومت سان ڳالهين جاري رکڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو وچ ۾ ڳالهين تي دنيا اندر ٻڙڌڪ مچي ويو هو پر پاڪستان سمورين ڳالهين کي ختم ڪري ڳالهيون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر اهو معاملو اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي ، ڇاڪاڻ ته آمريڪا پاڪستان کان پنهنجي مرضي جا ڪم وٺڻ لاءِ  اهڙا معاملا اٿاريندو رهندو آهي ۽ اها ئي سندس پاليسي آهي، جنهن تي هو ڪامياب ٿيندو پيو اچي،
 جيئن ته هن وقت آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ آهي ۽ دونلڊ ٽرمپ هڪ ڪاروباري شخصيت آهي، جنهن پاران هن وقت تائين پاڪستان جي نئين حڪومت سان گڏ هلڻ بابت ڪا خاص پاليسي جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، بهرحال هن وقت پاڪستان ۽  آمريڪا وچ ۾ ڪي وڌيڪ دوريون پيدا نه ٿيون آهن رڳو آمريڪا پاڪستان کي ڪجهه مطالبن تي راضي ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي،
گذريل ڏينهن ميڊيا تي خبرون هليون ته مريڪا دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪرڻ جو الزام هڻندي پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرز امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻن ڪمپنيز تي به پابنديون لڳايون ويون آهن، امريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته بچاءَ واري وزير 30 ڪروڙ ڊالرز امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هلندڙ مهيني نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، ترجمان چيو آهي ته، دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي لاءِ اسلام آباد تي دٻاءُ جاري رکنداسين. مطلب ته آمريڪا پاڪستان تي پنهنجو دٻاءُ برقرار لاءِ اهڙا قدم کڻڻ کان ڪڏهن به نه مڙندو ۽ پنهنجيون اهڙيون ڪارروايون جاري رکندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان کان اڳ شروعاتي سال ۾ ڪانگريس پاڪستان جي 50 ڪروڙ ڊالرز جي امداد روڪي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر آمريڪا پاڪستان جي نئين حڪومت کان ڪهڙا مطالبا مڃرائڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا  جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف اثرائتي قدم نه کنيا آهن.
بهرحال هي تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ آمريڪا  جو پهريون رد عمل آهي، اڳتي ڏسڻُو آهي ته آمريڪا اڃا وڌيڪ ڪهڙا مطالبا ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ پرڏيهي ملڪن جي وزيرن جي دورن تي نظر ڦيرائينداسين ته هڪ ڳالهه واضح ٿي ويندي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ان دوري دوران جواد ظريف، وزيراعظم عمران، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ لڳي ٿو ته آمريڪا کي اها ڳالهه هضم نه ٿي آهي، جنهن سبب هن پاڪستان جي امداد  روڪي ڇڏي آهي، ان جو بهانو کڻي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.هڪ ڳالهه  ته صاف ظاهر آهي ته آمريڪا جا ايران سان لاڳاپا بهتر نه آهن ۽ نه آمريڪا  ايران سان لاڳاپا بهتر رکڻ  چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا  انهن ملڪن سان پنهنجي پاليسي مختلف رکندو آهي، جيڪي ملڪ ايران سان واسطا وڌائندا آهن.
بهرحال جيڪڏهن ايئن آهي ته   پوءِ پاڪستان کي ايران سميت دنيا سان ساڳي نموني تعلقات برقرار رکڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن جي به چوڻ ته ڪنهن به اسلامي ملڪ سان پنهنجا لاڳاپا خراب نه ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن لاڳاپا خراب ٿيا ته پوءِ دنيا ۾ اسلامي ملڪن جي طاقت ڪمزور ٿيندي. باقي رهي ڳالهه آمريڪا جي امداد جي ته آمريڪا کي ته بهانا کپن ۽ اهو بهانا ڳوليندو رهندو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ به آمريڪا ڪيترائي ڀيرا مطالبا ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري  ۽ هميشه ڊو مور ڊو مور چوندو رهيو آهي، ان سان گڏ ماضي ۾ آمريڪا  حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment