Pages

Wednesday 12 September 2018

پاڻي نه هئڻ باوجود ڊيم ٺاهڻ جو اعلان

صاحب خان ڀٽي
1960ع ۾پاڻي تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ معاهدو ٿيو، جنهن  بعد ٻنهي ملڪن ۾ پاڻي وارو مسئلي ڪجهه عرصي تائين دٻيل رهيو ۽ٻنهي ملڪن ۾ پاڻي تڪرار نه ٿيو پر هاڻ جڏهن انڊيا پاران نوان ڊيم ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ته پاڪستان به ڊيم ٺاهڻ جو اعلان  ڪيو آهي، جيئن ته سمورا درياهه ڀارت مان گذري رهيا آهن ته ڀارت پاڻي روڪڻ جي سگهه تمام گهڻي رکي ٿو پر جڏهن پاڪستان 1960ع ۾ معاهدو ڪيو ته ان وقت  3 درياهن جو پاڻي ڀارت کي استعمال ڪرڻ جو حق ملي ويو هو، جنهن تي هو مختلف ڊيم ٺاهي رهيو آهي پر پاڪستان ۾ جيڪي ڊيم ٺهيل آهن، انهن صوبن کي پاڻي حصي موجب نه ملڻ سبب هاڻ ڊيمن وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب پنجاب ئي آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب جا ماڻهو هر اداري ۾ اڪثريت سان آهن، جنهن سبب اهي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪندا رهندا آهن،
هاڻ جڏهن ڊيم ٺاهڻ وارو جنون ڀارت کان پاڪستان اچي پهتو آهي ته ان سان صوبن ۾ اختلاف وڌي ويا آهن، اختلاف ته اڳ ئي هوندا هئا پر هاڻ رڳو انهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. پر جيئن ته هن ملڪ هڪ تجربو هميشه ڪامياب ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو آواز دٻائڻ هجي ته ان تي يا ته غداري جو ٺپو هڻي ڇڏيو يا توهين مذهب جو الزام هڻي خاموش ڪرايو ويندو، پوءِ ڀلي ان توهين ڪئي هجي به يا نه، اهڙا کوڙ سارا واقعا هن ملڪ ۾ پيش اچي چڪا آهن ۽ اهڙي هڪ واقعي جو مثال اسان کي مردان ۾ قتل ٿيل شاگرد مان به ملي ٿو،
بهرحال اڄ ڪلهه سڄي ملڪ ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ماڻهو چئي رهيا آهن ته  جيڪي به ڊيمن جا مخالف آهن، اهي غدار آهن ۽ ڀارت جا ايجنٽ آهن، جيڪڏهن ڀارت ڊيم ٺاهي سگهي ٿو ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڇو نه ٺاهيا وڃن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڻي واقعي هڪ وڏو مسئلو آهي، جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي ته زمينون بنجر بڻجي وينديون پر سوال اهو پيدا پيو ٿئي ته رڳو سنڌ ئي ڇو؟ پنجاب جون زمينون بنجر ڇو نه ٿيون ٿين، پنجاب ۾ پاڻي هر وقت ميسر ملي ٿو ۽ اتانهن جون زميون به زرخيز آهن پر سنڌ ۾  پاڻي نه آهي ۽ نه ئي سنڌ طاس معاهدي تحت انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب سنڌو مها ساگر زمينون ڳڙڪائي رهيو آهي، انڊيا ۾ ڊيلٽا آهن پر اتي پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، ايئن دنيا جا ٻيا به اهڙا ملڪ آهن، جتي سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ضروري هوندي آهي ته جيئن ڊيلٽا کي ڪجهه نه ٿئي،
ڏٺو وڃي ته ڊيلٽا درياهن جي سست رفتاري سبب بڻجندو آهي، جيڪا درياهه سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندا آهن،  انهن کي يوناني ٻولي ۾ ديلتا جي منسابت سان ڊيلٽا چيو ويندو آهي، ڀارت  کان ٿيندي اسان جي ملڪ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ  سنڌو درياهه به سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو آهي، جيڪو پاڻ سان گڏ مٽي ۽ ريتي کڻي وڃي سمنڊ پوندو آهي ۽ اهو ئي درياهه ڊيلٽا ٺاهيندو آهي، جتي جي زمين تمام گهڻي زرخيز ٿيندي آهي پر افسوس جي هڪ سازش تحت سنڌ جي ڊيلٽا کي تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ سمنڊ سنڌ جي سون جهڙي زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي، سنڌو درياهه، نيل، اوري نيڪو، ڊينوب، والگا، فرات ۽ گنگا ندي به ڊيلٽا ٺاهيندي آهي،  اهو ئي  سبب آهي جو سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ضروري هوندي آهي،
سنڌو درياهه به پهاڙي علائقن مان مٽي ۽ ريتي کڻي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندو آهي ۽ ان سان ڊيلٽا  ٺهندي آهي، انڊس ڊيلٽا 16 هزار چورس، يعني 41 هزار 4 سئو 40 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تي پکڙيل آهي، انڊس ڊيٽا ويجهو ٺو ۽ ڪراچي جو اولهه وارو علائقو آهي، جڏهن ته سنڌ جو ٻيو وڏو شهر حيدرآباد به انڊس ڊيلٽا  کان 130 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا جي ٻين ڪيترن ٽڪورن جي ابتڙ سنڌو ٽڪور غير زرخيز مٽين تي ٻڌل آهي، جڏهن ته سنڌو ٽڪور ۾ پلو ۽ مختلف قسمن جون مڇيون تمام گهڻيون ٿينديون آهن.  ڪجهه عرصي کان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هئڻ سبب سنڌو ٽڪور ماحولياتي دٻاءُ جو شڪار آهي،
سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب آبي جيوت کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي پر افسوس جو ڪجهه نام نهادن کي سنڌو جو سنڌو مهاساگر ۾ ڇوڙ پسند نه آهي ۽ اهي سنڌو درياهه تي ڊيم اڏي سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. هونئن به سنڌو جو پاڻي  نه هئڻ جهڙو آهي، هڪ طرف ڀارت سنڌو مان پاڻي چوري ڪري رهيو آهي ته مٿان وري پنجاب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ  تيار ئي نه آهي، جڏهن به پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي ته اهو چيو ويندو آهي ته  سمورن صوبن کي  پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو  پيو وڃي، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه صوبو ته پاڻي کوٽ جي دانهن ڪندا آهن پر پنجاب اڄ ڏينهن تائين پاڻي کوٽ جي ڪڏهن به دانهن نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جو ڪنٽرول پنجاب وٽ آهي، منهنجو مطلب ته وفاق وٽ آهي ۽ اهو پنجاب کي نوازيندو  رهندو آهي.
بهرحال هن وقت وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي ۽ ان حوالي سان مختلف قدم کڻڻ جا اعلان به ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمورن ادارن گڏجي هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي ته ڪهڙي به صورت ۾ ڊيم ٺاهيا ويندا پوءِ ان جي لاءِ ڪجهه به ڪرڻو پيو، هن وقت ملڪ ۾ ڊيمن جي اڏاوت لاءِ چندو به گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪي چندو ڏئي رهيا آهن، انهن کي محب وطن جا سرٽفڪيٽ ڏنا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خان ، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ چيف جسٽس هڪ پيج تي آهن، جن سڄي قوم کي چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي ته مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊيمن ۾ جمع ڪيل پاڻي ڪم اچي سگهجي، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر پاڻي آهي ڪٿي؟
جيڪڏهن پاڻي آهي ته ڪهڙي صوبي کي وڌيڪ ملي رهيو آهي، ڪهڙي صوبي جون زميون سرسبز شاداب آهن، ڪهڙي صوبي ۾ زراعت کي هٿي ڏياري پئي وڃي؟ اهي سمورا سوال جيڪڏهن ڪو پڇڻ جي جرئت ڪندو ته  ان کي ته  ايجنٽ جو لقب ڏنو ويندو، ڪجهه عرصو اڳ ان جو ڊيمو اسان فلمن ۾ ڏسي چڪا آهيون ته انهن فلمن ۾ ڪهڙي ريت جن ماڻهن کي ڊيمن تي خدشا آهن، انهن کي غدار قرار ڏنو ويو آهي، اهو اسان جي ملڪ ۾ وڏو الميو آهي ته جڏهن  پنجاب پنهنجا مرضي جي فيصلا مڙهيندو آهي ته ان  کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪيا ويندا آهن،
ڪجهه عرصو اڳ  قومي اسيمبلي  ۾ پنجاب مان ان وقت جي چونڊيل ميمبرن اهو به چيو هو ته جيڪڏهن  ڪجهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ سان ڊيم ٺهي ٿو ته ان کي ٺاهيو وڃي، ان بيان تي ڪنهن به ان وقت اعتراض نه ڪيو هو، جنهن سبب ڊيمن  وارو  سوال هر وقت  اٿندو رهي ٿو، هن وقت جيڪي ڊيم آهن، انهن مان سنڌ کي ڪيترو پاڻي ملي رهيو آهي، سڀني جي سامهون آهن. خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان اڳ ئي ڊيمن تي پنهنجا اعتراض  ٻڌائي چڪو آهي،  جيڪڏهن ارسا  ۾  ويٺل سنڌ جي ميمبرن کي ڏسنداسين ته اهي سنڌ جو ڪيس درست نموني نه اٿاري رهيا آهن.  جنهن سبب ڊيمن واري معاملي تي سنڌ کي تمام گهڻا خدشا آهن، جنهن جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته  سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ ڊيلٽا آهي،
سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، جڏهن نوازشريف وزيراعظم هو ته ان اهو اعلان ڪيو هو ته  سمنڊ ڪناري پٿر جي پچنگ ڪرائيندو ته جيئن پاڻي اڳتي نه وڌي سگهي پر اهو مسئلي  جو حل نه هو، ڇاڪاڻ ته جيستائين سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيندو، تيستائين سمنڊ زمين کي ڳڙڪائيندو رهندو. جيئن ته  گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ کي تباهه ڪرڻ جون سازشيون ٿي رهيون آهن، ان تحت سنڌ جي قدرتي ڊيم منڇر ڍنڍ کي پنجاب جي زهريلي پاڻي کي ڇوڙ ڪرائي منڇر ڍنڍ  جي پاڻي کي زهريلو بڻايو ويو آهي، جيڪو هاڻ پيئڻ جي  لائق نه رهيو آهي. اهڙي طرح سنڌ  جي درياهن کي  هن ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين صحيح نموني کاٽي به نه ڪرائي وئي آهي ۽ نه ئي   وري درياهن جي  ڪپرن کي مضبوط ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي، جڏهن پنجاب ۾ گهڻيون  برساتون ٿينديون آهن ته سڄو پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ڪوڙ ويندو آهي ۽ پوءِ گهارا  پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي ۽ اهڙي قسم جو نظارو اسان 2010 ع ۾ ڏسي چڪا آهن.
بهرحال  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊيم ٺاهڻ تي کين ڪو اعتراض نه آهي پر اهو ته ٻڌايو وڃي ته ملڪ ۾ ته هڪ طرف پاڻي نه آهي ته پوءِ ڇا ڊيمن هوا ڀري ويندي.  ڪجهه پنجاب پرست اڳواڻن جو خيال آهي ته   سنڌ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ضايع ڪري رهيو آهي، اسان کي رڳو ايترو ٻڌايو وڃي ته جڏهن کان ڪجهه ڊيم پاڪستان ۾ ٺهيا آهن، ان کان پوءِ سنڌ ۾ پاڻي آهي ڪٿي ؟ جو ماڻهو پنهنجيون زمينون آباد ڪري سگهن، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ته ريتي اڏامي رهي آهي، پاڻي ته نظر  ئي نه اچي رهيو آهي، مون کي ياد آهي ته جڏهن  مان ڪوٽڙي ۾ رهندو هئس ته ان وقت سنڌو درياهه پنهنجي موج ۾ وهندو هو ۽ اسين ملاحن کان پيسن تي مڇي وٺندا هئاسين ۽ ان سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ته مان ٻيڙي تي ويهي سنڌو جي پيٽ جو سير به ڪندو هئس پر افسوس جو هاڻ جڏهن به ڪوٽڙي وڃڻ ٿيندو آهي ته  ڪوٽڙي بئراج ۾ ته رڳو  واري نظر ايندي آهي، ڪجهه هنڌن تي اندر گهر به ٺهي ويا آهن ۽ ماڻهو  ٽيوب ويلن ذريعي فصل به پوکي رهيا آهن پر ان باوجود وفاق تي  ڪو به اثر نه پئجي رهيو آهي، جيڪا لپ پاڻي جي سنڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي رهي آهي، ان تي به پنجاب جون اکيون آهن ته اهو پاڻي سنڌو سمنڊ ۾ ڇو ڇوڙ ٿي رهيوآ هي؟
جيئن ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ  آباد ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ جڏهن ڊيمن وارو معاملو اٿيو آهي ته ان وقت اها لوڌ سنڌو تي ڊيم جي اڏاوت جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ اهو تاثر ظاهر ڪيو پيو وڃي ته  اها غير ملڪي لوڌ محب وطن آهي ۽  جن ماڻهن کي سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ تي اعتراض آهي، انهن کي الائي جي ڪهڙاڪهڙا لقب ڏنا پيا وڃن، لڳي ٿو ته انهن ماڻهن کي  ته غداري جا سرٽفڪيٽ ڄائي ڄم کان مليل  آهن جو اهي ٻين کي ڏئي رهيا آهن، جن هزارين ماڻهن جو قتل ڪيو، ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪئي ۽ رت جون نديون وهايون، اهي به ڊيم جا حامي ٿي  پنهنجا گناهه گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيئن ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ برابر آهي ۽ جيڪو پاڻي سنڌ ۾ اچي رهيو آهي، ان کي به روڪڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ان کي شايد سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي. هي ننڍا ڊيم ته رڳو هڪ ٽريلر آهي، ڇاڪان ته انهن جو اصل مقصد وري به ڪالا باغ ڊيم ئي آهي، هڪ طرف پنجاب ۽ ان جا حمايتي آهن ته ٻي طرف وري سنڌ جا حلالي پٽ به سنڌو درياهه تي وڌيڪ ڪنهن ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. مان خاص طور تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي سلام ڪندس ته  هو پنهنجي موقف تي بيٺل آهي ته پاڻي ملڪ ۾ آهي نه ته پوءِ ڊيمن ڀلا ڇا هوا ڀري ويندي.




No comments:

Post a Comment