Pages

Monday 3 September 2018

بليو وهيل ۽ مومو گيم تي لڳل پابندي اثرائتي ٿيندي؟


صاحب خان ڀٽي
اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي دور ۾  هر هڪ ماڻهو وٽ جديد موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر موجود آهي ۽ تعليمي ادارن سميت مختلف ادارن ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال عام ٿي چڪو آهي ۽ آءِ جي دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو وڏو نانءُ ڪمايو آهي، روزاني ڪونه ڪو نئون سافٽ ويئر مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ٿو، جيڪو تمام مشهور به ٿي وڃي ٿو، مطلب ته آءِ جي دنيا ۾ تمام جلدي سان جدت اچي رهي آهي، ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽرز ۾ نوان نوان فيچرز آڻڻ جو سلسلو جاري آهي. هونئن ته ڪمپيوٽر جو استعمال عام طور تي آفيسز۽ اسڪول، ڪاليجز ۾ ٿيندو آهي پر اڄ ڪلهه هر گهر ۾ ڪمپيوٽر موجود آهي ۽ ٻارڙن جو لاڙو به ڪمپيوٽر، موبائل فونز ۽ ليپ ٽاپ اسٽاپ ڪرڻ ڏانهن تمام گهڻو وڌي ويو  آهي، جنهن سان اڄ جي دور ۾ ٻارڙن جي ذهن ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي چڪي آهي، خاص طور تي ٻارڙن کي گيم کيڏڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو آهي، اهي ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس ۽ موبائل فونز تي گيمز کيڏندا آهن،
 مارڪيٽ ۾ اهڙيون ته نيون نيون گيمز اچي چڪيون آهن جو عورتون، مرد ۽ ٻارڙا وڏي شوق سان کيڏندا آهن پر انهن گيمز جو ٻارڙن توڙي وڏن تي ڪهڙو پئي ٿو، ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته دنيا جا ماهر ڊاڪٽر مختلف وضاحتون پيش ڪندا رهيا آهن. جيئن ته اڄڪلهه هر هڪ ماڻهو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو مصروف ٿي ويو آهي ۽ ٻارڙا به گيمز کيڏڻ ۽ سوشل ميڊيا تي هر وقت سرگرم نظر ايندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو جن کي ڪو ڪم نه هوندو آهي، اهي پنهنجونالو سڄي دنيا ۾ مشهور ڪرڻ لاءِ اهڙيون ته خطرناڪ گيمز ٺاهندا آهن، جن جو انسان جي ذهن تي تمام گهڻو خطرناڪ اثر پوندو آهي، اهڙيون ٻه ٽي گيمز تمام جلدي سان پنهنجو خوف پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن،
هڪ گيم بليو وهيل آهي، جنهن کي روس مان آپريٽ ڪيو پيو وڃي  ۽ ٻي گيم جيڪا واٽس اپ تي آهي، جنهن سان دنيا ۾ آپگهات جو سلسلو وڌي رهيو آهي. ڪجهه سالن کان بليو وهيل گيم سبب دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان پوءِ واٽس ايپ تي مختلف نمبرز تان مومو جي نالي سان ٺهيل اڪائونٽ تان پيغام اچي ٿو، جنهن جي چيلينجز سان ٻارڙن جي ذهن تي خراب اثر پئجي رهيا آهن.هونئن ته انٽرنيٽ تي ٻين جون ويب سائيٽ هيڪ، سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ عام آهي پر هاڻ جيڪونئون لاڙو متعارف ٿيو آهي، اهو چيلنجز کي منهن ڏيڻ آهي ۽ هر هڪ ماڻهو چيلنجز کي پار ڪرڻ لاءِ اهڙيون گيم کيڏڻ جي خواهش رکي ٿو پر انهيءَ ٻنهي گيمز جي استعمال ڪرڻ سان ماڻهن کي چيلنجز  کي مڪمل ڪرڻ جو وڏو چاهه ٿي وڃي ٿو ۽ چيلنجز کي مڪمل ڪندي ڪندي ان شخص جي زندگي ئي مڪمل ٿي وڃي ٿي، مطلب ته اهو شخص جيڪو انهيءَ چيلنجز کي قبول ڪري ٿو، پنهنجي حياتي وڃائي رهي ٿو. ان کان علاوه هڪ ٻي گيم به آهي، جنهن کي  جنسي (سوشل ) گيم سڏيو وڃي ٿو، ان حوالي سان پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير تڪراري گيمز بليو وهيل ۽ مومو جي سافٽ ويئرز ۽ سوشل گيمز تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.  اهڙي ريت ٻين ملڪن ۾ اهڙين خطرناڪ گيمز تي  ضابطوآڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
پاڪستان جي انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير چيو آهي ته پاڪستان ۾ بليو وهيل مومو جهڙين خطرناڪ گيمز جي ڪا به گنجائش نه آهي، راند راند ۾ انسان جي حياتي جو ڏيئو اجهامي وڃي، اهو برداشت ڪرڻ جوڳو عمل نه آهي. پاڪستان  ۾ آپگهات تي مجبور ڪندڙ موبائل ايپس ۽  پروگرامز جو استعمال سائبر ڪرائمز ايندو، بليو وهيل ۽ مومو گيمز سبب هڪ سئو 40 کان وڌيڪ ٻارڙا  ۽ نوجان پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن. پاڪستان جي ميڊيا  رپورٽس موجب،  مردان سان تعلق رکندڙ ٻن نوجوانن بليووهيل جي ٽاسڪ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي ٻئي اسپتال  پهچي ويا هئا، ٻنهي متاثر نوجوانن جي عمر 19 کان 21 سال هئي. بليو وهيل گيمز جي چيلينجز کي مڪمل ڪرڻ بعد هڪ ڏکيو ٽاسڪ به ڏنو ويندو آهي، جيڪو آپگهات ڪرڻ هوندو.
بليو وهيل گيم جي متاثرن ۾ ڪيترائي ماڻهو شامل آهن.  برازيل، بلغاريه، چلي، چين، جارجيا، ڀارت، اٽلي، ڪينيا، پاڪستان پيرا گوئي، پرتگال، روس، سعودي عرب سريبيا، اسپين، آمريڪا ۽ يوراگوئي ۾ بليو وهيل ڪيترن ئي  نوجوانن جي حياتي جو ڏيئو اجهامي ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انهيءَ گيم ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، انهيءَ گيم کانپوءِ  هاڻ  نئين گيم مومو ۽ سوشل گيم (جنسي ) به ڪيترن  ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان  گيم ” مومو “ جي چيلنجز ڪنداسين ته هي گيم موبائل فون تي کيڏي وڃي ٿي، هن گيم جا پيغام واٽس ايپ تي مختلف نمبرن تان ايندا آهن، خاص طور تي مومو گيمز  جي  حوالي سان استعمال ٿيندڙ نمبرز روس جا آهن ۽ انهن نمبرز تي هڪ خوفناڪ  عورت ڪارٽون جي تصوير رکيل هوندي آهي، جنهن کي مومو سڏيو وڃي ٿو.  مختلف نمبرز تان ايندڙ ميسجز  آهن ته انهن   نمبرز جي پروفائل تصوير مومو جي لڳل هوندي آهي،  جيڪڏهن مومو جي تصوير رکيل نمبرز تان جيڪڏهن ڪو ميسج  آيو ۽ اوهان ان جو جواب ڏنو ته پوءِ  اوهان پاڻ کي مومو چيلنجز کي مڪمل ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته  انهن گيمز جا انسان جي ذهن تي تمام گهڻا اثر پئجي رهيا آهن،
هن وقت تائين  مختلف ملڪن جي پوليس به انهن نمبرز  جو پتو نه لڳائي ڇڏي آهي، جنهن سبب واٽس ايپ جي ڊيٽا کي غيرمحفوظ قرار ڏنو ويو آهي.  هن وقت تائين مومو گيم جا جيڪي به متاثر ٿيا آهن، انهن ۾ اڪثر تعداد ٻارڙن جو آهي، انهي گيم کي کيڏندڙ کي تمام گهڻن چيلنجز کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪڏهن ڪو  هڪ دفعو مومو چيلنجز کي مڪمل ڪرڻ لاءِ کيڏڻ شروع ڪندو آهي ته پوءِ اهو شخص پوئتي هٽي نه سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن گيم  جو هڪ جادو آهي، جيڪو انهيءَ کي کيڏندو، انهيءَ کي  وڏن ٿريٽس کي ڏسڻو پوندو آهي. جيڪڏهن توهان کي به  ڪنهن نمبرز تان مومو گيمز کيڏڻ بابت ميسج اچي ته ان نمبر کي بلاڪ ڪري ڇڏيو  ته جيئن اوهان اهڙي گيم  کيڏڻ کان بچي سگهو ۽ پنهنجي ٻارڙن کي به واٽس ايپ استعمال ڪرڻ دوران احتياط کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن مومو گيمز کيڏڻ کان پاسو ڪري سگهن. مومو  چيلنجز جو پهريون واقعو جولاءِ 2018 ۾ سامهون  آيو،  جڏهن ته ٻيو واقعو آگسٽ ۾  ميڪسيڪو ۾ رپورٽ ٿيو، جڏهن ته انڊيا، ارجنٽينا، يونائيٽيڊ اسٽيٽ، فرانس ۽ جرمني ۾ به مومو  چيلنجز جا  واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته پوليس انهيءَ گيمز جي نمبرز   جي چڱي ريت معلومات حاصل نه ڪري سگهي آهي.
ارجنٽينا ۾ هڪ 12 ورهين جي نينگري پاران آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. جيڪڏهن بليو وهيل گيم جي ڳالهه ڪنداسين ته ان گيم تي هن وقت تائين ڪافي حد تائين ضابطو اچي چڪو  آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ گيم جي ماسٽر مائينڊ فلپ کي مئي 2017ع ۾ پوليس گرفتار ڪري چڪي آهي.  کيس 16 ڄڻن جي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. جڏهن گيم جي ماسٽر مائينڊ فلپ  کي گرفتار ڪيو ويو ته هن جاچ دوران اهو انڪشاف ڪيو ته  سندس گيم ٺاهڻ جو  مقصد آپگهات ذريعي بيڪار ۽  واندن ماڻهن جو دنيا مان صاف ڪرڻ آهي.
جيڪڏهن اسان بليو وهيل گيم جي ڳالهه ڪنداسين ته هن گيم ۾ رانديگر کي 50 ڏينهن ۾ 50 ٽاسڪ پورا ڪرڻا هوندا آهن. هن گيم کي کيڏندڙ کي انهن ٽاسڪ  کي پورو ڪرڻ لاءِ دستاويزي ۽ تصويري ثبوت به فراهم ڪرڻا هوندا، گيم جي شروع  ڪرڻ وقت ڪي خاص ٽاسڪ نه ڏنا ويندا آهن، مطلب تي عام ٽاسڪ ڏنا ويندا آهن، گيم جي شروعات ۾ گيم جي کيڏندڙ کي  آڌي رات جو خوفنڪاڪ فلم ڏسڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو آهي،  جيڪو شخص اهو ٽاڪس مڪمل ڪري وٺندو آهي ته پوءِ  ان شخص کي پاڻ کي نقصان پهچائڻ، منشيات جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو آهي، ان سان گڏ پليئر کي ڪنهن وڏي بلڊنگ تي چڙهي ڪناري تي بيهي تصوير ڪڍڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويندو آهي. سمورن مرحلن ۾ پليئر کي پنهنجي ذاتي سڃاڻپ ۽ ذاتي معلومات فراهم ڪرڻي هوندي آهي. هن گيم جي رانديگر کي پاڻ کي زخمي ڪري تصوير اپلوڊ ڪرڻ جو ٽاسڪ به ڏنو ويندو آهي. جڏهن پنجاهه ڏينهن دوران سمورا مرحلا رانديگر پورا ڪري وٺندو آهي ته پوءِ  رانديگر کي آپگهات ڪرڻ  چيو ويندو آهي.
بهرحال هن وقت انهن ٽنهي گيمز دنيا ۾ وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، مومو  گيم بابت ته ڪو به ملڪ اڃا ڪا خاص جاچ ڪري نه سگهيو آهي پر بليو وهيل جو ماسٽر مائينڊ قانون  جي چنبي ۾ آهي، رهي ڳالهه سوشل گيم جي ته انهيءَ سان به معاشري ۾ تمام گهڻا ٿريٽس سامهون اچي رهيا آهن.  پر هڪ ته تمام بهتر آهي ته  اسان جي ملڪ ۾ به مومو  ۽ بليو وهيل گيم تي پابندي لڳائي وئي آهي.



No comments:

Post a Comment