Pages

Tuesday 18 September 2018

ڌارين جي لوڌ، ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتي



صاحب خان ڀٽي

1973ع کان  سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي ترسائڻ جو عمل شروع ٿيو هو، جيڪو اڄ به جاري آهي، اڳوڻي آمر پرويز مشرف  جي دور ۾ بيهارين، بنگالين، افغانين کي  سنڌ  ۾ ترسائڻ جي عالمي سازش ڪئي وئي ۽ ان ۾ پرويز مشرف ڪافي حد تائين ڪامياب به ٿي ويو  ۽ اڄ ڪراچي، حيدرآباد سميت  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڏي انگ ۾ افغاني، بنگالي ۽ برمي آباد  آهن، جڏهن انهن کي هن ملڪ ۾ ترسايو پئي ويو ته ان وقت اها  پڪ ڏياري پئي وئي ته کين  پنهنجي ملڪ واپس موڪليو ويندو ۽ اها به دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هنن کي مستقل ترسايو نه ويندو،  اهي سمورا مهمان آهن، انهن جي انساني همدردي طور مهمانوازي ڪئي وڃي ۽ انهن سمورن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي، جن کي حالتون بهتر ٿيڻ بعد پنهنجي ملڪ واپس موڪليو ويندو پر افسوس جو جنهن ملڪ ۾ ڪو به ڌاريو سولائي سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي سگهي ٿو ۽ اصلوڪا ماڻهو پنهنجي ٻارڙن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ در در جا ڍڪا کائيندا هجن، ان ملڪ ۾ ڌارين جي لوڌ جي رجسٽرين جو ڪهڙو رڪارڊ هوندو ؟ ان بابت وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي،

جڏهن سنڌ ۾ هڪ سازش تحت ڌارين کي آباد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي تڏهن سنڌ جي ساڃاهه وندن کي خبر هئي ته اها هڪ سازش آهي، جنهن جي لاءِ آواز اٿارڻ ضروري آهي، ان وقت شهيد بشير خان قريشي ۽ ٻين قومپرستن وڏا وڏا احتجاج به ڪيا،  پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه چري سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ جماعت به ڌارين جي لوڌ کي  سنڌ ۾ ترسائڻ کان روڪي نه سگهي، اڄ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ميرٽ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن کي بيروزگار ڪري  انهن کي بک بدحالي جو شڪار بڻائي پوءِ چيو پيو وڃي ته  حڪمرانن کي انسانيت سان وڏو پيار  آهي ۽ انساني همدردي  سبب  انهن کي ترسايو ويو  آهي،

سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ انسانيت ۽ همدردي رڳو سنڌ ۾ ترسائڻ سان ڇو منسوب ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن حڪمرانن کي ايڏي افغانين، بيهارين ۽ بنگالين سان همدردي آهي ته انهن کي خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ترسائي سگهي پئي پر آخر سنڌ ئي ڇو ان جا به ڪيترائي سبب آهن،  هڪ سبب اهو آهي ته سنڌ جي وسيلن  تي قابض ٿي سنڌين جا حق ڦٻائڻ آهي، ٻيو وري سنڌين کي بک بدحالي جو شڪار ڪرڻ آهي ۽ اڄ  سڄي سنڌ ۾ سنڌ جا نوجوان بيروزگار آهن، سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ به سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن ۽ سنڌ مان پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو نڪري رهيو آهي پر ان باوجود سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ وسيلن کي ڦٻائڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي،

جيڪڏهن ڪو حڪمرانن کان پڇي ٿو ته آخر ڇو سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون نه پيون ڏنيون وڃن ته پوءِ هڪ جواب ٻڌڻ ۾ ملندو آهي ته ميرٽ جي حساب سان نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ اصلوڪن کي اڳ ۾ حق ملڻ گهرجن پر افسوس جو هن ملڪ ۾ ايئن نه ٿي رهيو آهي، هتي افغانين کي ترسائي انهن جي خدمت ڪري انهن کي پيسا ڏئي انسانيت جو مثال پيش ڪيو ويندو آهي پر اصلوڪن کي بک بدحالي ۽ انهن جي وسيلن تي قابض ٿي ميرٽ جي ڳالهه ڪئي ويندي، خبر نه ٿي پئي ته آخر سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري الائي ڪهڙي ميرٽ جو مثال ڏنو پيو وڃي،

اسان جا حڪمران ملڪ کي مديني جهڙي رياست بڻائڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن پر افسوس جو سعودي عرب ۾ ايئن نه ٿيندو آهي، جيئن هن ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، سعودي عرب اڄ ڏينهن تائين انساني همدردي تحت مسلمانن کي ترسائڻ لاءِ راضپو ظاهر نه ڪيو آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن مسلمان جي ويزا ختم ٿي وڃي ته ان کي گرفتار ڪري پنهنجي ملڪ موڪليو ويندو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ته حساس ادارو نادرا افغانين  ۽ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ هن ملڪ جو رهواسي قرار ڏئي ڇڏي ٿو ۽ انهن افغانين، برمين، بنگالين، بيهارين کي نوڪريون ۽ پيسا ڏنا ويندا آهن پر افسوس جو هن ملڪ وٽ ٿر ۾ ڏڪار سٽيلن جي واهر ڪرڻ لاءِ پيسا نه آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته هن ملڪ آخر ٿي ڇا رهيو آهي، ٻين ملڪن ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ناممڪن آهي پر هن ملڪ ۾ افغانين، بنگالين، بيهارين ۽ برمين وٽ اسان جي ملڪ جو سڃاڻپ ڪارڊ به آهي ته سندن پنهنجي ملڪ جو ڪارڊ ٺهيل آهي پر ان باوجود حڪومت انهن کي تڙي ڪڍڻ بدران انهن جي خدمت ڪري رهي آهي ۽ اصلوڪن ماڻهن کي غداري جا لقب ڏنا پيا وڃن، جن ملڪ ٺاهيو انهن کي غداري جا لقب ڏنا پيا وڃن ۽ جيڪا ڌاري لوڌ آهي، انهن کي محب وطن جا سرٽيفڪيٽ ڏنا پيا  وڃن، آخر اهو سلسلو ڪيسين تائين هلندو رهندو،

جڏهن افغانين، برمين، بنگالين کي ئي ملڪ ۾ آباد ڪرڻو آهي ته پوءِ آخر سنڌ ئي ڇو، پنجاب ۾ انهن کي ڇو نه پيو آباد ڪيو وڃي، اڳ ئي سنڌ ۾ لکين ڌاريا آباد آهن، جن هتي پنهنجيون ملڪيتون به ٺاهيون آهن، ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ افغانين رهن پيا ۽ انهن جا گهر به ٺهيل آهن پر نه ته بلڊر مافيا کي انهن جا گهر ڊاهڻ جي همت ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري پوليس انهن جي علائقن تي ڪاهه ڪندي آهي پر جتي به سنڌي وسنديون آهن، اهي سنڌ جي دشمن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان لڳي رهيون آهن، ڪراچي جون ڪيتريون ئي وسنديون اڳوڻي آمر پرويزمشرف جي دور ۾ ڊاهيون ويون پر ان وقت افغان بستين کي ڊاهڻ جي ڪنهن کي همت نه ٿي، جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي ته ان وقت به سنڌين جون وسنديون ڪراچي ۾ ڊاٿيون ويون، هاڻ به سنڌي وسندين سان تمام گهڻو ظلم ٿي رهيو آهي، جتي نه ته صاف پاڻي جي بهتر سهولت آهي ۽ نه ئي وري اتي ڪا وري سرڪاري اسپتال جي سهولت آهي، جڏهن به چونڊون ٿينديون آهن ته اميدوار  رڳو ووٽ وٺڻ ايندا آهن.

بهرحال سهولتون ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي پر ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ وارو معاملو هاڻي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورت اختيار ڪري ويو آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار وڌندڙ آبادي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو پر افسوس جو چيف جسٽس کي ان ڳالهه تي ڳڻتي نه آئي جيڪي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڌاريا هن ملڪ آباد ڪيا ويا آهن، انهن سان به آبادي وڍندي آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار کي ملڪ جي وڌندڙ آبادي واري ڪيس ان معاملي جو به نوٽيس وٺڻ گهرجي ها ته جيڪي مهاجر هن ملڪ ترسايا ويا هئا انهن کي پنهنجن ملڪن ۾ موڪليو وڃي، جيڪڏهن چيف جسٽس ڌارين جي لوڌ کي ملڪ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ها ته اڄ هن ملڪ جا اصلوڪا رهواسي خوشحال ٿي  چڪا هجن ها پر افسوس ايئن نه ٿيو، ان جي ابتڙ اهو ٿيو جو تبديلي جو نعرو هڻندڙ تحريڪ انصاف جڏهن کان حڪومت ۾ آئي آهي، تنهن کان تڪراري منصوبن جو چرچو شروع ٿي ويو آهي، هر طرف افراتفري وارو ماحول ٿيندو پيو وڃي ته ڪن ماڻهن کي غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏنا پيا وڃن ته ڪن کي محب وطن جي ايوارڊز سان نوازيو پيو وڃي،

جڏهن بنگلاديش پاڪستان کان ڌار ٿي ويو هو ته ان کانپوءِ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ترسائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو هو ته سنڌ جي ماڻهن به حق گهرڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو ملڪ جي اختيارين کي  پسند نه آهي، جيڪي به ماڻهو ڌارين کي آباد ڪرڻ جي مخالف ڪري رهيا آهن انهن کي مذهب جي آڙ ۾ خاموش ڪرايو پيو وڃي. بهرحال هن ملڪ کي هلائيندڙ قوتون پنهنجي ڪيل  واعدي تان ڦري ويون آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏئي رهيون آهن،  ايتري قدر جو وزيراعظم عمران جڏهن ڪراچي آيو ته هن  به انهي سوچ کي ظاهر ڪيو، جيڪا سنڌ مخالف هوندي آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم جي هڪ ڪڙي آهي، ڪنهن کي اعتبار به نه آيو هوندو ته هڪ وزيراعظم آخر ڪيئن ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو، 

جيڪڏهن ملڪ جو وزيراعظم ئي  ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو حامي هجي ته ان مان ڪهڙو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اڳ ۾ ته پيپلزپارٽي جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه چوندو هو ته اسان جڏهن به ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد  ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪي قدم کنيا ته مٿانهان کان حڪم ايندو هو ته انهن کي نه روڪيو ۽هاڻ هڪ وزيراعظم پاڻ چئي رهيو آهي ته انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي. ڇا سنڌ جي ماڻهن تحريڪ انصاف کي ان ڪري ووٽ ڏنو هو جو سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ اميدوار سنڌ خلاف سازش ۾  بيٺل رهندا،   وزيراعظم عمران خان چيو هو ته ڪراچي ۾ رهندڙ بنگلاديشين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏينداسين.آخر اهو سلسلو ڪيسين تائين رهندو، هڪڙا محب وطن جا سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيا آهن ته ٻيا وري ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي رهيا آهن، سنڌ  جي اصلوڪن ماڻهن کي ته سنڌ جي حڪمران جماعت  ننڍڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي،  مارش جي دور ۾ به اهڙو حشر نه ٿيندو آهي،  جيڪو هن حڪومت ۾ سنڌ جي ماڻهن سان ڪيو پيو وڃي. مهانگائي ته پنهنجي جاءِ تي، نوڪريون نه ڏيڻ به پنهنجي جاءِ تي پر ڌارين کي آباد ڪري سنڌ تي  ڌارين جو قبضو قائم ڪرڻ  جي هي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ موڪلڻ جي لاءِ به حڪومت وٽ پيسا نه آهن ته پوءِ آخر انهن کي هن ملڪ ترسايو ڇو ويو هو؟  مارشل لا دور ۾ ماڻهو کي اها ته خبر هوندي آهي ته  ڳالهائڻ  جو حق نه آهي پر هن جمهوريت ۾ به حق گهرندڙن کي غدار   جي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو پيو وڃي.

No comments:

Post a Comment