Pages

Sunday 16 September 2018

آمريڪا، چين ۽ خطي جي صورتحال


صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۽ چين سڄي دنيا ۾ پنهنجو ڪاروبار پکيڙڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، آمريڪا سڄي دنيا کي هٿيار وڪرو ڪندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي  آهي ته چين به ان کان گهٽ نه آهي، جيڪا به شئي مارڪيٽ ۾ ايندي آهي ته ان جي سستي اگهه ۾ چائنا   جو سامان ملڻ شروع ٿي ويندو آهي، مطلب ته چين، آمريڪا، روس سميت سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي سگهه رکي ٿو، جنهن سبب آمريڪا چين کي برداشت نه ڪري سگهي، ان جو مثال ڪيترن ئي شروع ڪيل منصوبن مان ملي سگهي ٿو. هونئن ته چين ۽ ڀار ت وچ ۾ ڪڏهن به ٺاهه نه  ٿيو آهي پر ان باوجود چين جون ٺاهيل شيون انڊيا ۾ تمام گهڻو وڪرو ٿينديون آهن ۽ ان سان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ به چائنا جو سامان سستي اگهه ملي ويندو آهي، پر اڄ ڪلهه چين کاڌي پيتي جو شيون به ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، پلاسٽڪ جي چانورن سميت ٻيون به کوڙ ساريون  شيون چائنا مان اچي رهيون آهن، پر چين اليڪٽرانڪس شيون ٺاهڻ ۾ سڀني کان اڳڪتي نڪري ويو آهي، جيڪا به شيءَ اوهان کي گهرجي،  اها چين مان اوهان کي ملي سگهي ٿي، اها به سستي اگهه ۾، پر ان جي ڪا گارنٽي وغيره نه هوندي آهي، مطلب ته جيڪڏهن چائنا جو سامان هليو ته  ڪيترائي سال استعمال ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن نه هليو ته هڪ ڪلاڪ به نه هلي سگهندو..
بهرحال هن وقت چين ۽ آمريڪا وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿي رهيو آهي، جيڪو الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ اهو  ئي سبب آهي جو آمريڪا چين  سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن پاران هڪ ٻئي خلاف منفي رويو اختيار ڪيو ويو آهي. جڏهن اترڪوريا ۽ چين وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ته ان وقت آمريڪا به ٿرٿلي ۾ اچي ويو هو ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اترڪوريا جي سربراهه سان ملاقات به ڪئي هئي ۽ ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون به ڪيون هيون. مطلب ته چين ۽ اترڪوريا ۾ ٻيهر ڳالهين وارو سلسلو سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو هو. ويجهڙ ۾ ئي آمريڪا اتر ڪوريا جي ايٽي ۽ ميزائل پروگرام جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ روس ۽ چين جي ڪمپنين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، روس جي ڪمپني ووليسز سلور اسٽار ۽ چين ۾ قائم ڪمپني ينبين سلور اسٽار نيٽ ورڪ ٽيڪنالوجي تي پابندي آهي.مٿن الزام مڙهيو ويو آهي ته انهن اتر ڪوريا تي لاڳو آمريڪي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندي انهن ڪيمونسٽ ملڪ ۾ غيرقانوني فنڊنگ پهچائي آهي.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقتصادي پابندين کي بحال رکندي پيانگ يانگ تي دٻاءُ وڌايو آهي ته هو جوهري ۽ ميزائل پروگرام تان هٿ کڻي وڃي، ان کانسواءِ آمريڪا اتر ڪوريا جي ڪمپني سونگ هوا جونگ تي پڻ پابندي لڳائي آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته معاشي دٻاءُ ۾ اچي واپاري معاهدي لاءِ آمريڪا کي نه پر خود چين مجبور ٿيو آهي. آمريڪي شيون اربين ڊالرن جو واپار ڪري رهيون آهن، دٻاءُ سبب چين گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيو ۽ آمريڪا سان ”ٽريڊ“ لاءِ راضي ٿيو آهي.. چين پنهنجي معاشي تاريخ جي مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي تنهن ڪري دٻاءُ ۾ چين ٿي سگهي ٿو پر آمريڪا نه. . ٻئي طرف وري آمريڪا ڀارت سان به لاڳاپا وڌائي رهيو آهي، ايتري قدر جو ڀارت ۽ آمريڪا پاران گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن کي پاڪستاني  جي پرڏيهي وزارت رد ڪري ڇڏيو هو،
تازو ئي ڀارت ۽ آمريڪا فوجي رابطا محفوظ بڻائڻ جي هڪ معاهدي تي صحيحون به ڪيون ويون آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس جي ڀارتي هم منصب عورت وزيرن سشما سوراج ۽ نرملا سيتارامن سان ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ ڪيون ويون. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ان معاهدي کانپوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا پنهنجا حساس فوجي مواصلاتي اوزار ڀارت کي وڪرو ڪري سگهي ٿو. آمريڪا والاريل بيت المقدس جي 6 اسپتالن لاءِ ڏني ويندڙ اڍائي ڪروڙ ڊالرن جي امدادي رقم بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايتن جي روشني ۾ فلسطيني اسپتالن کي ملندڙ اڍائي ڪروڙ ڊالرن جي امدادي رقم هاڻ پنهنجن قومي مفادن جي تحت خرچ ڪئي ويندي.
هوڏانهن آمريڪا عالمي ڏوهن واري عدالت جي ججن کي گرفتار ۽ مٿن بندش وجهڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو ادري موجب آمريڪي صدر جي قومي سلامتي وارن معاملن بابت صلاحڪار جان بولٽن عالمي ڏوهن عدالت کي غيرآئيني قرار ڏيندي عدالت جي ججن جي گرفتاري سميت مٿن پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن عدالتن تي آمريڪين سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ تي پڻ الزام مڙهيو آهي. آمريڪي صلاحڪار جان بولٽن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجن شهرين، رضاڪارن ۽ آفيسرن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.هونئن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪڏهن به لاڳاپا سٺا نه آهن پر صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪي ڪوششن باوجود خام تيل جو وڪرو جاري رهندو. آمريڪا، ايراني تيل جي وڪري کي هدف بڻائي اسان جي ملڪ تي پابنديون لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙين آمريڪي ڪوششن باوجود ايراني خام تيل جي پروڊڪشن ۽ ان جو عالمي منڊين ۾ وڪرو جاري رکيو ويندو. ٻئي طرف وري اتر ڪوريا ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪيترائي مڻهو فوت ٿي ويا آهن. ريڊ ڪراس موجب 75 ڄڻا گم آهن، جن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. اتر ۽ ڏکڻ صوبن ۾ تيز مينهن سبب ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 8 سئو کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو آهي.
اهڙي ريت افغانستان ۾ به آمريڪا جي جنگ هلي رهي  آهي پر ان ڪارروائي ۾ هن وقت تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي  آهي، مطلب ته افغانستان مان فوج ڪڍڻ آمريڪا جي لاءِ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هونئن ته آمريڪا پاڪستان کي حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري عسڪريت پسند تنظيم حقاني نيٽ ورڪ جو باني جلال الدين حقاني فوت ٿي ويو.جڏهن افغان طالبان طرفان به سندس موت جي تصديق ڪئي وئي آهي. بهرحال هن وقت تائين آمريڪا پاڪستان جي ڪاررواين مان مطئمن ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، جنهن سبب پاڪستان جي امداد به بند ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن اسان افغانستان جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته اتي به روزاني ڌماڪا ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ اڪثر معصوم شهري ئي مارجي رهيا آهن. هڪ طرف آمريڪا جون ڪارروايون ته ٻئي طرف طالبان پاران حملا افغانستان ۾ معمول بڻجي ويا آهن. شام ۽ عراق ۾ به ساڳي صورتحال آهي، اتي به ڌماڪا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، انهن ملڪن جون به حالتون ڪي بهتر نه آهن.

No comments:

Post a Comment