Pages

Sunday 9 September 2018

ٿر۾ ڏڪار واري صورتحال


صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي کي قدر معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي، ڪنهن علائقا مان پيٽرول نڪري رهيو آهي ته ڪن علائقن مان وري گيس نڪري پيو ته ڪن  علائقن مان ڪارو سون،، مطلب ته هر طرف ڌڻي پاڪ سنڌ کي قدرتي وسيلن  سان مالا پاڪ ڪيو آهي، پر افسوس جو سنڌ جي وسيلن مان ڌاريا فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي سنڌ سرڪار رڳو بيان ڏيڻ ۾ پوري آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ کي قدرتي معدني وسيلن ۾ هن وقت تائين ڪو به فائدو ملي نه سگهيو آهي، جيڪڏهن اسان  سنڌ جي پيٽرول جي ڳالهه ڪنداسين ته  ان مان به سنڌ کي ڪا   فائدو ملندي نظر نه اچي رهيو آهي ۽  نه ئي اتي ڪم ڪندڙن  جي اڪثريت سنڌين جي آهي ، مطلب ته جتان پيٽرول نڪري رهيو آهي، ڌارين جي لوڌ کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جتان گئس نڪري رهيو آهي، اتي به ساڳي صورتحال آهي.
رهي ڳالهه ٿر مان نڪرندڙ ڪاري سون جي ته اتي به اهو ئي ساڳيو حشر آهي، روزاني  هزارن جي تعداد ۾ ڪوئلي جون ٽرڪون ڀرجي وڃي رهيون آهن، خبر ناهي ٿر مان ڪوئلي ڪڍي ڪٿي گڏ ڪيو پيو وڃي، گئس به نڪري ٿو ته اهو الائي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، پيٽرول به نڪري  ٿو ته اهو به الائي ڪيڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. مطلب ته هر معدني وسيلي مان نه ته سنڌ سرڪار کي فائدو ملندي نظر اچي رهيو آهي ۽ نه ئي انهن علائقن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن، سنڌ جو پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلو وڏو قيمتي آهي پر  ان مان سنڌ واسين کي ڇا پيو ملي؟ اهو ته سنڌ جي حڪمرانن کي  به خبر نه آهي،
جيڪڏهن سنڌ تي انهن معدني وسيلن جو ڪجهه سيڪڙو خرچ ڪيو و ڃي ها ته اڄ سنڌ جھي اهڙي حالت نه هجي ها ۽ نه ئي وري سنڌ جي  تعليمي ادارن جي اهڙي خراب صورتحال هجي ها، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي اسڪول آهن، جن ۾ نه ته باٿروم ٺهيل آهي ۽ نه وري  اتي  پاڻي جي  سهولت فراهم ٿيل آهي، ڪن اسڪولن کي ته چوديواري به نه ڏنل آهي،  جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان ڪم وٺي ها ته اڄ  سنڌ جي اهڙي صورتحال نه هجي ها ۽ نه ئي سنڌ جي ماڻهن جا اهڙا حال هجن ها.
جيڪڏهن رڳو اسان ٿر جي صورتحال تي نظر ڦيرائينداسين ته اتي به ساڳي صورتحال آهي، ٿر ۾ اڄ تائين ماروئڙن جي ڀلائي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، گذريل سنڌ حڪومت جي ٿر بابت ڏنل بيانن جي مذمتن وارين خبرن سان اخبارون ڀريون پيون آهن. بهرحال ملڪ ۾ هن وقت برسات نه پوڻ جهڙي ٿي آهي، جنهن سبب ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو کاڌ خوراڪ ۽ ٻين شين لاءِ پريشان نظر اچي رهيا آهن ۽  پنهنجا ڪکاوان گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر مجال آهي جو حڪومت جي ڪن تي جونءَ چري جو ڪو نوٽيس وٺي ۽ انهن جي سهائتا لاءِ ڪي تڪڙا قدم کڻي.  جيئن ته جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني ۾ برسات جو سلسلو جاري رهندو آهي پر هن ڀيري ملڪ ۾ برساتون گهٽ پيون آهن، جنهن سبب ٿر ۾  ٻارڙا، عورتون ۽ مرد مختلف بيمارين ۾  مبتلا ٿي ويا آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارڙن جي ٻڌائي پئي وڃي، ڪيترائي ٻارڙا ته اسپتالن ۾ فوت به ٿي چڪا آهن، جن جون خبرون مختلف چينلن تي نشر به ٿي رهيو آهن، سول اسپتال مٺي ۾ ڪيترائي ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا غذائي کوٽ سبب مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا  آهن ۽ ڪيتريون ئي اسپتالون ٻارڙن سان ڀرجي ويون آهن،
 ٻڌايو  پيو وڃي ته ٿر جي ٻهراڙين جي ڳوٺن توڙي گهرن ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ وڌي وئي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ به ماڻهو  برسات نه پوڻ ڪري پاڻي لاءِ به دربدر ڀٽڪي رهيا آهن، ايتري قدر جو ٿر واسين جو چوڻ آهي ته ٻهراڙين ۾ ڪٿي به صحت جي ڪا سهولت ناهي، جنهن سبب هو سخت مشڪلاتن جو شڪار ۽ دربدر آهن، جيئن ته برساتون گهٽ پوڻ سبب ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي  وئي آهي ۽ ماروئڙا  پنهنجا  گهر ڇڏي لڏپلاڻ به ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو ڏڪار سبب جانورن ۽ مورن جي مرڻ جون خبرون به ٻڌي رهيا آهيون پر حڪومت  الائي ته  ڇو ماکي ۽ تيل جي  چڪر ۾ لڳي پئي آهي جو هر وزير رڳو ماکي  ۽ تيل ثابت ڪرڻ لاءِ بيان ڏيندي نظر پيو اچي پر انهن کي ٿر جي ڏڪار تي ڳالهائڻ لاءِ وقت نه ملي رهيو آهي.
جيڪڏهن  سنڌ سرڪار ئي ڏڪار سٽيل علائقن  ۾ ڪي قدم نه کنيا ته پوءِ آخر ڪير قدم کڻندو.  جئين ته هر سال معصوم ٻارڙا ٿر ۾ فوت ٿي ويندا آهن پر حڪومت ٿر ۾ دوائن ۽ خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا آهن،  اڳ ته ڪجهه اين جي اوز به ڏڪار واري صورتحال دوران فوٽو ڪڍرائل لاءِ پهچي وينديون هيون ۽ ان سان ڪجهه نه ڪجهه ماروئڙن کي فائدو ملي ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ميڊيڪل ٽيمون به اينديون هيون، جيڪي ٿر واسين جي ڏڪار صورتحال ۾ مدد ڪنديون هيون پر هن ڀيري اهڙا ڪا به خبر ٻڌڻ ۾ نه پئي اچي ته ڪا اين جي اوز  وڃي ڏڪار واري صورتحال ۾ ٿر واسين جي ڪا مدد ڪئي هجي، جيڪڏهن حڪومت ٿر  ۾ ڏڪار جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي قدم کڻي ها ته اڄ ٿر ۾ ٻار فوت نه ٿين ها ۽ نه ئي وري جانور ۽ مور مرن ها.
هونئن ته ٿر کي قدرت قدرتي وسيلن کان مالا مال بڻايو آهي پر حڪمرانن کي انسانن سان نه پر ٿر جي ڪوئلي سان دلچسپي آهي، رڳو  ٿر جو ڪوئلو حاصل ڪرڻ انهن جو مقصد آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار توڙي صوبائي سرڪار کي ٿر جي ماڻهن سان ڪا همدردي هجي ها ته ڏڪار سٽيلن جي مدد ضرور ڪن ها پر افسوس جو ايئن نه ٿيو، نه ته وفاقي سرڪار ٿر ۾ ڏڪار سٽيلن جي ڪا خاص مدد ڪئي ۽ نه ئي وري وفاقي  حڪومت ٿر جي صورتحال تي ڪو بيان ڏيڻ جي زحمت ڪئي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ٿر جي واسين لاءِ رڳو ڪوئلو مان ڪمايل پئسي مان ڪجهه خرچ ڪري ها ته اڄ ڪيتريون معصوم حياتيون بچي سگهن ها پر افسوس ايئن نه ٿيو.جيڪڏهن هن وقت به حڪومت ٿر جي  ماروئڙن جي ڪا مدد نه ڪئي ته اڃا ه وڌيڪ معصوم حياتيون ضايع ٿي وينديون، جنهن جو ذميوار وفاق به هوندو.

No comments:

Post a Comment