Pages

Saturday 8 September 2018

سئو ڏينهن وارو ايجنڊا ۽ سياسي منظرنامو


صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏنل سئو  ڏينهن جي ايجنڊا جو وقت تيزي سان گذري رهيو آهي، انهيِءَ دوران  تحريڪ انصاف کيڪجهه فيصلا واپس  به وٺڻاپيا آهن،  مطلب ته تحريڪ انصاف جي ايجنڊا کي ٻه ٽي  فل اسٽاپ لڳي چڪا آهن، هڪ فل اسٽاپ صلاحڪار بابر اعواڻ خلاف نيب پاران شروع ڪرڻ وقت لڳو، جنهن بعد بابر اعواڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ  سوشل ميڊيا تي  هڪ مهم شروع ٿي ته  وفاقي حڪومت طرفان اقتصادي مشاورتي ڪائونسل ۾ اقتصاديات جي ماهر عاطف ميان جي نامزدگي تان ٿي، سوشل ميڊيا تي عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جو ميمبر ڪرڻ تي هڪ وڏو بحث شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ  هڪ  سئو ڏينهن واري ايجنڊا کي هڪ ٻيو فل اسٽاپ لڳو ۽ مجبورن تحريڪ انصاف عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو عاطف ميان به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،
انهيءَ عمل بابت سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هڪ نامزدگي مان مختلف تاثر پيدا ٿيندا آهن اُهي مناسب ناهن. حڪومت عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪونسل مان نامزدگي واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته حڪومت عالمن ۽ سمورن معاشرتي طبقن کي گڏ کڻي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي. وزير اعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ اسمٿ عاطف ميان کي اقتصادي مشاورتي ڪونسل مان ڪڍڻ واري فيصلي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ ناليواري اقتصاديات جي ماهر کي عهدي تان هٽائڻ انتهائي مايوس ڪندڙ عمل آهي.
جئين ته حڪومت جي سئو ڏينهن واري ايجنڊا جي ٽرين پنهنجي منزل ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي ته حڪومت کي ڪجهه يوٽرن به وٺڻا پيا آهن، تبديلي جو سفر ادارن ۾ ماڻهن کي تبديل ڪرڻ کان شروع ڪيو ويو آهي، خدشن جي اظهار کان پوءِ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير  طارق بشير چيما  جي وزارت تبديل ڪري وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري  ڪيو ويوآهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، طارق بشير چيما چيما کي هاڻ هائوسنگ اينڊ ورڪس جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ايتري قدر جو سنڌ پوليس جي 21 هين گريڊ جي آفيسرن کي بدلي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، جن کي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مقرر   ڪرڻ جو امڪان آهي.  جنهن کان پوءِ لڳي ٿو ته سنڌ پوليس ۾ به وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون وينديون. جنهن کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ٻين ادارن ۾ 20 کان 22 گريڊ جي آفيسرن کي به بدلي ڪيو وڃي،  جنهن تي شايد حڪومت کي ڏکيائن کي منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.
بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخرڪار حڪومت سئو ڏينهن وارو  ايجنڊا ڪيترن ڏينهن ۾ مڪمل ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ جي صدر شهباز شريف ايجنڊا واري اعلان وقت چئي ڇڏيو هو ته تحريڪ انصاف جي سئو ڏينهن واري ايجنڊا جي ڀيٽ پنج سالن سان ڪئي وڃي، هوڏانهن وري تحريڪ انصاف جي ڳچي ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ واري حملي ڪيس جي تلوار ٽنگيل نظر اچي رهي آهي ۽ انهن ڪيسن ۾ شاهه محمود قريشي سميت پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ به نامزد ٿيل آهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جڏهن اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انهيءَ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي ته ڇا وزيراعظم عمران خان نوازشريف جيان عدالت ۾ پيش ٿيندو يا نه؟ اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو پر ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاران پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ پنهنجي قانوني ٽيم کي بريت بابت درخواستون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عمران خان جي قانوني ٽيم به بريت بابت درخواستون داخل ڪرڻ لاءِ مڪمل تياري ڪري ورتي آهي ۽ تمام جلد درخواستون جمع ڪرايون وينديون.
جيئن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ آرمي چيف قمر جاويد باجوه، نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات ملاقات  ڪري چڪا آهن ۽ ان سان گڏ ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف، آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به وزيراعظم عمران سان ملاقات ڪئي هئي، ايتري قدر  چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي به ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهي ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن جي پاڪستان آمد جو سلسلو به جاري رهندو، هڪ برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي ڀارت سان ڳالهين کي فوجي حمايت حاصل آهي ۽ عمران خان ڀارت کي ڳالهين لاءِ اشارا ڏئي چڪو آهي پر دهلي طرفان ڪوبه اشارو نه ڏنو ويو آهي، مطلب ته فواد چوڌري جو اشارو سڌو نوازشريف ڏانهن هو ته جيئن ڪو کانئس سوال نه ڪري سگهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نگران حڪومت پيٽرول ۾ واڌ ڪري  عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪرائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ جڏهن  تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي ته ان کانپوءِ  ڪجهه رپيا پيٽرول سستو ڪيو ويو، ان سان گڏ پي ٽي آءِ جي سرڪار گيس جي اگهن ۾  واڌ جو به فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته  ڪنهن به حڪومت ايتري گيس مهانگائي نه ڪئي هئي، جيتري تحريڪ انصاف  مهانگي ڪئي آهي، بجلي ته  هونئن سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ نه هئڻ برابر آهي، مٿان وري ڳرا بل موڪليا ويندا آهن، مطلب ته  جن ماڻهن  وٽ ميٽر لڳل آهن، انهن تي ايريا وائز خرچ ٿيل بجلي جو بار وڌو ويندو آهي، خبر ئي نه پوندي آهي ته بجلي جو بل ڪيترو ٿو اچي، ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن ٻيڻ ٽيڻ اچي ويندو آهي، جنهن  سبب عام طبقو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو آهي، سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه آهي جتي  24 ڪلاڪن مان رڳو 10 ڪلاڪ بجلي ميسر هجي، ڪيترن ئي  شهرن ۾  هزارين بجلي جا  ٽرانسفر سڙيل آهن پر ڪو به انهن کي تبديل ڪرڻ  لاءِ تيار نه آهي، ان کان علاوه نه ئي حڪومت بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻڻ تيار آهي
، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تمام گهڻي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو بجلي،گيس جي بندش خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي، سنڌ مان پيٽرول به نڪري ٿو ۽ گيس به نڪري ٿي پر اها گيس ۽ پيٽرول ڪيڏانهن ٿو وڃي اها ته اسان جي سنڌ سرڪار کي به خبر نه هوندي ۽ نه  ئي وري سنڌ سرڪار ان معاملي تي ڳالهايو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي گيس مان رڳو  بجلي پيدا ڪئي وڃي ته اسان کي وفاق جو محتاج نه ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن وفاق سنڌ کي بجلي فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ سنڌ حڪومت کي اکيون کولڻ گهرجن ۽ سنڌ جي پيٽرول ۽ گيس مان بجلي تيار ڪري سنڌ کي خوشحال ڪرڻ جي قدم کڻڻ گهرجي نه ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ پوئتي رهجي ويندي ۽  وفاق اسان کي رڳو افغاني، برمي، بنگالي، بهاري ۽ ٻي ڌاري لوڌ ڏيندي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي  اهو عمل جاري ساري آهي،
بهرحال نئين آيل حڪومت هن وقت تائين سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ بجلي ۽ گيس فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار ڪراچي ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو ته ان وقت به بجلي بند ٿي وئي هئي،  ان مان صاف ظاهر آهي ته  سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بجلي سميت ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آهن. بهرحال هاڻ ڏسڻو  آهي ته حڪومت سئو ڏينهن واري پنهنجي ايجنڊا  کي مڪمل ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل سفر ۾ ڪيترا يوٽرن ٿي وٺي ۽ ڪيترا  فيصلا واپس ٿي وٺي.



No comments:

Post a Comment