Pages

Monday 17 September 2018

مينهن جي نيلامي ۽ تبديلي نامنظور جا نعرا

صاحب خان ڀٽي
پنجاب جي علائقي ملتان ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ملازمن برطرفي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي تبديلي نامنظور جا نعرا هنيا ۽ چيو ته گذريل حڪومت کين پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر جنهن ڏينهن کان هي حڪومت آئي آهي، تنهن ڏينهن کان کين برطرف ڪيو ويو آهي، اسان کي اهڙي تبديلي منظور نه آهي، ان کان علاوه جڏهن ته نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي پرول جو مدو ختم ٿيڻ بعد اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو ته  ان وقت به حڪومت خلاف ماڻهن ڪفن پهري احتجاج ڪيو، هونئن ته اسان سنڌ جي سطح تي ڪفن پهري احتجاج ڪندي ڏٺو ۽ خبرون ٻڌون آهن پر هن ڀيري پنجاب ۾ هڪ وڏي جماعت جا ماڻهو ڪفن پهري پنهنجي قائد کي انصاف ڏيڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا.
بهرحال حڪومت جي قائم ٿيڻ کانپوءِ ساڃاهه وندن ۽ ڪجهه سياستدانن پاران اهو اتفاق ڪيو ويو هو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هڪ سئو  ڏينهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو پر هاڻ  حڪومت جيئن پنهنجو مشن شروع ڪيو آهي، تنهن مان لڳي رهيو آهي ته سياسي پارٽين  کي ته ڪو نقصان نه ٿيندو پر  عوام جي چيلهه چٻي ضرور ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن حڪومت گئس جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو ۽ اهو بعد ۾ واپس ورتو ويو هو ، ايتري قدر جو اهو بيان به جاري ڪيو ويو هو ته  گذريل حڪومتن گيس جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي پر هاڻ ان ۾ واڌ ضرور ڪندا، اهڙي بيان تي عوام جو سخت رد عمل به آيو هو، ايتري قدر جو مسلم ليگ ن جي  صدر شهباز شريف چيو  هو ته حڪومت فيصلو ڪرڻ جي سگهه نه ٿي  رکي.
اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌايئندو ته  ڪير فيصلي ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو ڪير نه ٿو رکي. ڇاڪاڻ ته  جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن تيئن عوام لاءِ مهانگائي جو طوفان اچي رهيو  آهي، اميرن لاءِ ڪو ٽيڪس هجي يا نه  هجي، ان سان عوام کي  ڪو به فرق نه پوندي پر زراعت سميت ٻين شعبن ۾ ٽيڪس لڳائڻ سان غريب عوام تمام گهڻو متاثر ٿيندو، اڳ ۾ چيو ويندو هو ته بجلي لاءِ  حڪومتن ڪجهه نه ڪيو آهي پر هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان بجلي جي اگهن ۾ واڌ به ٿي آهي، لوڊشيڊنگ ۾ به واڌ ٿي آهي، ايتري قدر جو ملڪ تڪراري معاملن ۾ ويڙهه طرف وڌي رهيو آهي پر حڪومت کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه آهي ته ٽن صوبن جي خواهش جي ابتڙ فيصلا ڪرڻ جا ڪهڙا نتيجا اچي سگهن ٿا، ان بابت به  حڪومت کي جلد خبر پئجي ويندي ته طاقت جي استعمال سان ڪو به عمل گهڻي دير تائين ناهي هلي سگهندو. بهرحال گذريل ڏينهن پئٽروليم واري وزير غلام سرور خان گيسن جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو هو،
پيٽروليم واري وزير غلام سرور خان چيو هو ته عام ماڻهن لاءِ گئس جي اگهن ۾ 23 رپيه اضافو ڪيو ويو آهي. گئس جي قيمت ۾ پهرين ٻن سليب تي 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايل پي جي تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري 10 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي وئي آهي.غلام سرور خان چيو هو ته گئس جي اگهن بابت سليب 3 مان وڌائي ست ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 38 سيڪڙو عام ماڻهن لاءِ گئس جي اگهن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سنڌ ۽ ڪي پي جي صارفين کي گئس گهٽ اگهه تي ملي رهي هئي جنهن جا اگهه وڌايا ويا آهن. ايل اين جي صارفين کي اربين رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويندو. هوڏانهن حڪومت جي بچت مهم تحت وزيراعظم هائوس ۾ گاڏين جي نيلامي به ڪئي وئي، حڪومت پاران وزيراعظم هائوس ۾ نيلاميءَ جو عمل 3 مرحلن ۾ مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن. پهرين مرحلي ۾ نان امپورٽڊ، ٻئي مرحلي ۾ امپورٽڊ ۽ ٽئين مرحلي ۾ بلٽ پروف گاڏين جي نيلامي ڪئي ويندي. گاڏين ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي ڪل رقم جو 10 سيڪڙو پهريون جمع ڪرائڻو پوندو، جڏهن ته بلٽ پروف گاڏين جي خريداري گهرو وزارت جي اجازت نامي سان مشروط ڪئي وئي آهي،
وزيراعظم عمران خان مينهون وڪرو ڪرڻ جو اعلان به ڪيو هو، حڪومت وزيراعظم هائوس جي گاڏين کانسواءِ 8 مينهون ۽ 4 هيليڪاپٽر به نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ نواز ليگ اڳواڻ احسان اقبال چيو آهي ته گورنر هائوس کولڻ ۽  گاڏيون نيلام ڪرڻ سان ملڪ نه هلندو  آهي، ترقياتي ڪمن تي ڪهاڙو هڻڻ جون خبرون هلي رهيون آهن، ، 6 مهينن کان پاڪستان جو ڊولپمينٽ پورڊ فوليو بند  ٿي چڪو آهي، جنهن ملڪ ۾ 6 مهينن تائين ترقي جو عمل بند هجي اهو ترقي ڪهڙي نموني ڪري سگهي ٿو؟ نواز ليگ طرفان هي بيان ان وقت سامهون آيو هو، جڏهن  تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ايجنڊا تحت ڪم ڪري رهي آهي،چئني صوبن جا گورنرز هائوس عوام لاءِ کوليا ويا آهن، جڏهن ته وزيراعظم هائوس کي پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان  ڪيو ويو  آهي،
شفقت محمود ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته حڪومتن جي شاهاڻي طريقي کان ماڻهو پريشان آهن، ضروري آهي ته حڪمرانن جي رهڻي ڪرڻي ايئن هجي ته عوام جو پئسو ضايع نه ٿئي، ان جي لاءِ وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ نه رهندو ۽ گورنرز گورنر هائوسز ۾ نه رهندا. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙي عمل جي واکاڻ به ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو وري تنقيد به ڪري رهيا آهن، ڪجهه چئي رهيا آهن ته سڄي دنيا ۾ وزيراعظم هائوس، پريزيڊنٽ هائوس موجود آهن ته پوءِ اتي هئڻ  گهرجي، بهرحال جڏهن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي، تنهن  ڏينهن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ۽ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت کي آئي ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا آهن پر انهن ڏينهن دوران حڪومت ڪجهه فيصلا واپس به ورتا آهن، جيئن ڪجهه وزارتن تان ماڻهن کي هٽايو ويو، جڏهن ته گيس جي اگهن ۾ واڌ واري علان تي  به يوٽرن ورتو ويو هو.جيئن ته هاڻ  حڪومت مينهون نيلام به ڪري رهي آهي،تنهن مان لڳي پيو ته هن ملڪ ۾ آهستي آهستي سموريون شيون نيلام ڪيون وينديون، اسان ته حڪومت کي رڳو ايتري گذارش ڪنداسين ته سموريون شيون ڀلي نيلام ڪيون وڃن  پر ملڪ جا ادارا نيلام نه ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته ملڪ جا ادارا نيلام ٿيڻ سان ملڪ کي ئي نقصان ٿيندو آهي، اڳ ئي ڪيترائي ادارا خانگايا ويا آهن ۽ هاڻ اسٽيل ملز جهڙي اُملهه اداري کي به تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  

No comments:

Post a Comment