Pages

Wednesday 19 September 2018

پناهگير، مهانگائي ۽ تبديلي جو سٽيل عوام


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ جڏهن نواز ليگ جي حڪومت هوندي هئي ته ان وقت  اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تبديلي جا نعرا تمام سٺا لڳندا هئا ۽ هر طرف رڳو  تبديلي جو نعرو هوندو هو،  عوام کي تبديلي جو لفظ ڄڻ ته حفظ ٿي ويو هو،  نوجوان به تبديلي جو انتظار ڪرڻ لڳا هئا پر جڏهن کان  حڪومت ٺهي آهي ته ان ڏينهن کان مهانگائي جو هڪ طوفان اچي ويو  آهي،  جيڪو رڪجڻ جو نالو  ئي نه  پيو وٺي،  نون ٽيڪسز جو بار ۽ مهانگائي سبب عوام جي چيلهه  چٻي ٿيندي پئي وڃي، 
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي جي ترجمان چيو آهي ته  اڃا تحريڪ انصاف جي حڪومت ئي سئو ڏينهن نه ٿيا آهن پر  جيڪو به وقت گذريو آهي، ان ۾ عوام تنگ ٿي  ويو آهي، ايتري قدر جو ترجمان اهو به چيو آهي ته حڪومت عوام تي ٽيڪس لاڳو ڪري رهيا آهن، جنهن خلاف هو هر فورم تي آواز اٿاريندا. ان کان علاوه نواز ليگ به حڪومت  جي کنيل قدمن کان خوش نظر نه پئي اچي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته وزيراعظم هائوس جون مينهون نيلام ٿي رهيو آهن ته مٿان وري ايڪسپائر ٿيل هيلي ڪاپٽر وڪرو ڪيا پيا وڃن، مطلب ته هاڻ ٻي جيڪا به حڪومت ايندي، ان کي وزيراعظم هائوس ۾ پراڻيون سهولتون ملڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو؟
بهرحال اهو  ته حڪمرانن جي فائدي لاءِ آهي پر عوام جي فائدي لاءِ ڇا پيو ڪيو وڃي، ان بابت ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، وفاقي حڪومت گيس به مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان لڳي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اندر عوام مهانگائي ۾ پيڙهجي ويندو. ڇاڪاڻ ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو هو، جنهن دوران مني بجيٽ جون تجويزون پيش ڪيون ويون هيون، جن کي منظوي لاءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو هو. اجلاس دوران مني بجيٽ جي تجوين کي منظور ڪيو ويو هو،
وفاقي حڪومت مني بجيٽ ۾ سگريٽ وڌيڪ مهانگا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته، موبائيل فون تي ڊيوٽي وڌائڻ ۽ اي او بي آءِ جي گهٽ ۾ گهٽ پينشن 10 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اجلاس کان پوءِ اسد عمر پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو هو ته معيشت جي استحڪام، روزگار ۽ برآمد ۾ اضافو سندن پهرين اوليت آهي،  اسد عمر اهو به چيو هو ته ملڪ کي قرضن جي بار مان ڪڍڻ سندن پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته گذريل سال مالياتي خسارو 6 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين  پهچي ويو هو، معاشي طور ملڪ کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، توانائي جي شعبي ۾ گذريل سال ساڍا 4 سئو ارب رپيه خسارو ٿيو، گئس جي شعبي ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ خساري کي منهن ڏيڻو پئجي ويو،
ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر اهو به چيو هو ته موجوده صورتحال ۾ خسارو 7 ڏهائي 2 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي  جي ملهه ۾ 20 رپيه گهٽتائي ٿي چڪي آهي،  رپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي سان عام شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيندو آهي.  سندس چوڻ هو ته ملڪ تي پرڏيهي قرض 95 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، ملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين ڪري چڪا آهن، جيڪڏهن حڪومت  کي پاڻ تي ئي يقين  نه هجي ته اهي ملڪ مان مهانگائي  ڪيئن ختم ڪندا ته پوءِ عوام آخر ڪيئن هن حڪومت مان مطئمن ٿي سگهي ٿو. 
جڏهن کان چونڊون ٿيون آهن، تنهن ڏينهن کان  ملڪ اندر جيڪو مهانگائي جو طوفان آيو آهي، ان تي عوام ٿورو خاموش آهي، ان ڪري جو عوام حڪومت کي وقت ڏيڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جا ماڻهو تبديلي ڏسڻ چاهين ٿا، اها تبديلي عوامي جي ڀلائي لاءِ هئڻ گهرجي، ايئن نه هجي، جيئن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ عمران خان خطاب ڪندي ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي اپوزيشن پاران ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان جي اهڙي اعلان تي بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل پاران سخت رد عمل ظاهر آيو هو.
جڏهن عمران خان ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو ته ان وقت اختر مينگل چيو هو ته وزيراعظم خان سان سندن  معاهدو ٿيو هو ته  ڌارين جي لوڌ کي واپس پنهنجي ملڪ موڪليو ويندو، اهو چوندي سردار اختر مينگل پنهنجي ميمبرن سان گڏ اپوزيشن جي سيٽن تي وڃي ويهي رهيو هو. ان وقت وزيراعظم عمران خان روايتي طور يوٽرن وٺندي چيو هو ته اڃا  مهاجرن کي ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو نه ٿيو آهي، رڳو ان معاملي تي اجلاس ۾ بحث ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته انساني همدردي طور انهن کي هن ملڪ جي شهريت ڏيڻي پوندي. وزيراعظم عمران خان اهو به چيو هو ته جيڪو ٻار جنهن ملڪ ۾ جنم وٺندو آهي، ان کي شهريت ڏيڻ سندس حق هوندو آهي، شايد وزيراعظم عمران خان کي اها خبر  نه آهي ته جن ملڪن ۾ اهو قانون آهي، ان ملڪ ۾ ڪو  سولائي سان داخل به نه ٿو ٿي سگهي،
جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان بنا پاسپورٽ جي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي ڏيکاري ته کيس خبر پئجي ويندي ته ٻيا ملڪ کيس پنهنجي سرزمين تي پير به رکڻ نه ڏيندا، ان جو سڀ کان وڏو مثال سعود ي عرب آهي، جيڪو بنا پاسپورٽ جي ڪنهن به مسلمان کي هڪ منٽ به برداشت نه ڪندو پر افسوس جو هن ملڪ جو وڏو  الميو  اهو آهي ته  هن ملڪ ۾ ڪنهن  به ملڪ کي سڃاڻپ ڪارڊ تمام  جلدي  ملي ويندو آهي، ان جو سڀ کان وڏو مثال لکين بلاڪ ٿيل افغانين  جي سڃاڻپ ڪارڊن مان لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال  جيڪي به  مهاجر انساني همدردي طور هن ملڪ ۾ ترسايا ويا، اهي هن ملڪ جي سيڪيورٽي لاءِ وڏو مسئلو ته بڻيا آهن پر ان سان گڏ هن  ملڪ جي ، استحڪام ۽ معشيت تي وڏو بار به بڻجي ويا آهن. ايتري قدر جو انهن  پناهه گيرن کي پرويز مشرف فنڊ وٺي هن ملڪ ۾ ترسايو ته صحيح پر اهي رڳو سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا، جنهن سبب سنڌ ۾ مهانگائي جو طوفان ته آيو پر اهي ماڻهو سنڌ جي سرڪاري ادارن تي قابض ٿيندا پيا وڃن، هن ملڪ جا اصلوڪا ماڻهو مهاجرن جيان دربدر ڀٽڪي رهيا آهن ۽ اها سڄي  هڪ سازش لڳي رهي آهي،
جيڪڏهن وفاقي سرڪار انهن کي سرحدن  ويجهو ڪئمپس ۾ رکي ها ته اڄ ملڪ ۾ نه آبادي وڌي ها ۽ نه ئي  پناهه گير هن ملڪ جي لاءِ ڪو مسئلو بڻجن ها، اسان ته وفاقي سرڪار  کي ايتري ئي گذارش ڪنداسين ته جيڪڏهن اوهان کي انساني همدردي ڏيکارڻي آهي ته اڳ ۾ سنڌ جي ماڻهن کي انسان سمجهو ۽  سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا آئيني حق ڏيو، رڳو افغاني، برمي، بيهاري ۽ بنگالي انسان نه آهن، سنڌ جا ماڻهو به انسان آهن، انهن جي ڌرتي کي کسڻ وارو عمل بند ڪيو، انساني همردي ڏيکارڻ جو ايڏو شوق آهي ته پوءِ انهن پناهگيرن کي سرحد ويجهو ڪئمپون ٺاهي ڏيو، پر سنڌين جي حقن تي ڌاڙو نه هڻو. اڳ ئي سنڌ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي، ان جو به سڀ کان وڏو مسئلو افغاني، بنگالي، بيهاري ۽ برمي مهاجر آهن، جن کي هڪ سازش  آباد ڪري هاڻ وري انهن  کي انساني همردي طور سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي.
هڪ طرف نوان ٽيڪس لاڳو ڪري ملڪ کي مهانگائي ڏانهن ڍڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو، اڳ ۾ بيهاري، بنگالي، افغاني ۽ هاڻ وري برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي اعلان سان سنڌ واسين کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو  وڃي. جيڪڏهن ڌارين جي لوڌ کي پنهنجي ملڪن ڏانهن نه اماڻيو ويو ته هن ملڪ ۾ ايئن مهانگائي جو طوفان ايندو رهندو ۽ جيڪا به حڪومت  ايندي اها تحريڪ  انصاف جيان  بجيٽ پيش ڪنديون رهنديون.

No comments:

Post a Comment