Pages

Tuesday 4 September 2018

ڪير ضدي، ڪير سهولتڪار؟


صاحب خان ڀٽي
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ قائم ٿيل جمهوريت پنهنجي سفر ڏانهن روان دوان آهي، جنهن  تي پنج سال پيپلزپارٽي سفر ڪيو، جنهن کانپوءِ مسلم ليگ پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪيا ۽ هاڻ تحريڪ ان ٽرين تي  پنهنجو سفر شروع ڪيو آهي پر  انهيءَ حڪومت اچڻ کان اڳ سينيٽ  جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جا الزام لڳايا ويا ۽ آصف علي زرداري جو اهو بيان به ميڊيا تي آهي ته هن چيو هو ته سينيٽ جي چونڊ جي اصل حقيقت به ٻڌائي سگهي ٿو. بهرحال هاڻ عارف علوي 13 هون صدر بڻجي چڪو آهي.
جيڪڏهن اسان ماضي تي نظر ڦيرائينداسين ته 23 مارچ 1956 کان 27 آڪٽوبر 1958 تائين پاڪستان جو پهريون صدر سڪندر مرزا هو. 27  آڪٽوبر 1958 ع کان 25 مارچ 1969ع تائين ايوب خان ملڪ جو صدر رهيو، 25 مارچ 1969 کان 20 ڊسمبر 1971 تائين يحيٰ خان ملڪ جو صدر رهيو، جنهن کانپوءِ 20 ڊسمبر 1971 کان 13 آگسٽ  1973 تائين ملڪ جو صدر ذوالفقار علي ڀٽو رهيو. 14 آگسٽ 1973 کان سيپٽمبر 1978ع فضل الاهي چوڌري  صدر ٿيو. 16 سيپٽمبر 1978 ع کان 17 آگسٽ 1988ع تائين غلام عاشق خان صدر رهيو. 17 آگسٽ 1988ع  کان 18 جولاءِ 1993ع تائين غلام اسحاق خان صدر رهيو. 14 نومبر 1993ع کان 2 ڊسمبر 1997 تائين فاروق لغاري ملڪ جو صدر رهيو. پهرين جنوري 1998ع 21 جون 2001 آگسٽ تائين رفيق تارڙ ملڪ جو صدر رهيو. 20 جون 2001 کان 18  آگسٽ 2008ع تائين   پرويز مشرف  صدر رهيو. آصف علي زرداري 9 سپيٽمبر 2008ع کان 9 سيپٽمبر 2013 تائين ملڪ جي صدر جي عهدي تي رهيو. جڏهن ته ممنون حسين 9 سيپٽمبر 2013ع کان 8 سيپٽمبر تائين صدر  رهندو.
بهرحال هاڻ  عام چونڊن کان پوءِ صدارتي چونڊون به ٿي ويون آهن ۽ تحريڪ انصاف انصاف پنهنجي اميدوار عارف علوي کي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ  پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ بيان بازي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جيڪو لڳي ٿو ته هاڻ هلندو رهندو. جيئن ته صدارتي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي، پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن ۽ 4 مخالف ڌر پارٽين مسلم ليگ ن، عوامي نيشنل پارٽي، متحده مجلس عمل ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان وچ ۾ مقابلو ٿيو.سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صدارتي چونڊ ٿي، جيڪا صبح 10 وڳي کان شام جو چار وڳي تائين جاري رهيو، پارليامينٽ ۾ پولنگ دوران 432 مان 424 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جن مان 6 ووٽ رد  ڪيا ويا، جڏهن ته ٻن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو حق استعمال نه ڪيو، وزير اعظم عمران خان پولنگ جو وقت ختم  ٿيڻ جي آخري ڪلاڪ ۾ اسيمبلي هال ۾ پهتو ۽ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيو، بهرحال صدارتي چونڊ دوران سڀني ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو،
صدارتي اميدوارن مان اعتزاز احسن ۽ مولانا فضل الرحمان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ ته ووٽ ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ميمبر  يا سينيٽ ميمبر هئڻ ضروري هوندو آهي، پر اهي ٻئي ڄڻا اسيمبلي يا سينيٽ جو ميمبر نه هئا، جنهن سبب ووٽ نه ڏئي سگهيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار عارف علوي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد اعلان ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف جي اميدوار عارف علوي 212، گڏيل اپوزيشن اميدوار مولانا فضل الرحمان 131 ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوار اعتزاز احسن 81 ووٽ حاصل ڪيا.سنڌ اسيمبلي ۾ 163 مان 158 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي ۾ 61 مان 60 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا ۽ هڪ ميمبر نواب ثناءُ الله زهري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، پنجاب اسيمبلي ۾ 354 مان 351 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 112 مان 111 ميمبرن ووٽ ڏنو، اسمبلي جي آزاد ميمبر امجد آفريدي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، امجد آفريدي ٻڌڻ ۾ آيو ته پنهنجو فون نمبر به بند ڪري ڇڏيو هو ۽ ساڻس ڪو به رابطو نه پيو ٿئي، جنهن  اسيمبلي ۾ ووٽ نه ڏيڻ جا ڪي  به سبب نه ٻڌايا.
 سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي 100 ووٽ ۽ عارف  علوي کي 56 ووٽ مليا ۽ مولانا فضل الرحمان کي هڪ ووٽ مليو.بلوچستان اسيمبلي ۾ عارف علوي 46 ۽ مولانا فضل الرحمان 15 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته اعتزازا حسن کي ڪو به ووٽ نه مليو. صدارتي چونڊ جي فارمولي تحت پي ٽي آءِ اميدوار عارف علوي کي 41، مولانا فضل الرحمان کي 13 ۽ اعتزاز احسن کي 2 ووٽ مليا، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ عارف علوي 78، مولانا فضل الرحمان 26 ۽ اعتزاز احسن 5 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن پولنگ جو عمل ختم ٿيو ته اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته صدارتي چونڊ ۾ غلط نشان لڳائڻ جي ڪري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جا 6 ووٽ رد  ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ سينيٽر ۽ هڪ قومي اسيمبلي جو ميمبر  ووٽ نه وڌا آهن، پنجاب اسيمبلي جي ميمبر راڻا مشهود به پنهنجو اسيمبلي ڪارڊ گهر وساري آيو هو، جنهن سبب کيس ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو هو.  بهرحال  صدارتي چونڊون به ختم ٿي ويون آهن ۽ صدر ممنون حسين  جو عهدو به پورو ٿي رهيو آهي ۽ عارف علوي تمام جلد پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو.
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله پاڪستان پيپلز پارٽي کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، راڻا ثناءُ الله پيپلزپارٽي کي حڪومت جو سهولتڪار قرار ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي مستقبل ۾ پي ٽي آءِ جا سهولت وارا ڪم ڪندي نظر آئي آهي. اعتزاز احسن جمهوري قوتن جو اميدوار نه هو، سندس نامزدگي بدنيتي تي ٻڌل هئي.
هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار کانپوءِ  تحريڪ انصاف کي ميدان صاف مليو ۽  صدارتي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف سولائي سان ڪامياب ٿي وئي. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، آخر ڇو پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، اهي ٻئي ئي واضح طور ٻڌائي سگهن ٿيون.  خبر نه آهي ته آخر ڇو پيپلزپارٽي گڏيل اپوزيشن جي اميدوار مولانا فضل الرحمان جي حمايت نه ڪئي ۽ نه ئي وري  مسلم ليگ ن پنهنجي ضد تان لٿي، مطلب ته ٻئي پارٽيون الائي ڪنهن جي وانگار پيون وهن، خبر ئي نه پئي، جيڪڏهن  مسلم ليگ ن پيپلزپارٽي عارف علوي جي ڪامياب جو تاج پيپلزپارٽي کي پارائن ٿيون ته ان جو  اوترو ئي ذميوار مسلم ليگ نه به آهي، آخر ڇو  مسلم ليگ ن  اعتزاز احسن جي حمايت نه ڪئي، آخر  ڇو مسلم ليگ ن پنهنجي ضد تان نه لٿي، آخر ڪير ڪنهن جي وانگار پيو وهي، مطلب ته ٻنهي پارٽين ضد ڪري عارف علوي کي ڪامياب ڪرايو آهي.

No comments:

Post a Comment