Pages

Wednesday 12 September 2018

ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو ۽ شريف ڪٽنب لاءِ وڌندڙ ڏکيائون


صاحب خان ڀٽي
هونئن ته مختلف سياسي پارٽين ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ جو سلسلو  هلندو رهندو آهي پر انهن پارٽين  وچ ۾ ڳالهيون به ٿينديون رهنديون آهن پر هن ڀيري اسان جي ملڪ ۾ سياسي اڳواڻن  هڪ نئون لاڙو  پيدا ٿيو آهي، اهو لاڙو رڳو تنقيد  ۽ رڳو تنقيد ئي آهي، مطلب ته اڄڪلهه ڪو به سياستدان  هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ کان نه ٿو مڙي ۽ نه ئي وري  ڪو اهڙو عمل ڪري ٿو، جنهن سان  سياسي اڳواڻن ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون ختم ٿي سگهن، جيئن ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون هيون پر هاڻ انهن جي اها حيثيت نه رهي آهي، ان پٺيان ڪهڙا سبب آهن،  ان بابت  ته اهي  پارٽيون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون. پر  اڄ ڪلهه ملڪ ۾  اهي تبديلي وارا لفظ ۽ بيان ٻڌڻ ۾ نه پيا اچن، رڳو ٻڌون پيا ته ٽيڪس ڪيئن لڳائجي ۽ ڪيترو لڳائڻ گهرجي؟
اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو ته تحريڪ انصاف  فيصلا ڪرڻ جي ڪيتري سگهه رکي ٿي، عوام کي فائدو ملندو يا عوام کي وڌيڪ ٽيڪسز جو بار وجهي انهن کي وڌيڪ پريشان ڪيو ويندو؟ جيئن ته  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي پاناما ڪيس ۾ سزا ملي چڪي آهي ۽ کيس ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نااهل  به ڪيو ويو آهي،تنهن ڏينهن کان ڪيترن ئي اڳواڻن نواز ليگ کان دوري اختيار ڪري ورتي آهي. جڏهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف لنڊن هليو ويو هو ته ان وقت چيو ويو هو ته  نوازشريف هاڻ ڏيهه واپس نه ايندو  پر هن همت نه هاري هئي ۽ پنهنجي نياڻيءَ سميت ڏيهه واپس اچي ويو هو ۽ عدالتن ۾ مختلف ڪيسن کي منهن ڏنو ۽  کيس جيل به وڃڻو پيو.  
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو ڪنهن سياستدان کي عدالتن پاران سزا ڏني وئي هجي، عدالتن ته ذوالفقار علي ڀٽي کي به ڦاهي ڏني هئي.  نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ کي رڳو   ڪجهه سالن لاءِ سزا ملي آهي، جيڪي ختم به ٿي وينديون پر نوازشريف تي نااهلي جو لڳل ٺپو ڪڏهن به مٽجي نه سگهجندو. هاڻ جڏهن  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز شريف لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، تڏهن مختلف سياسي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ کيس بهادر عورت جو به لقب به ڏنو پيو وڃي، جڏهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي گهرواري جي خراب طبيعت سبب لنڊن جي هارلي اسٽريٽ  اسپتال ويندو هو ته  ڪجهه ماڻهو چوندا هئا ته بيگم ڪلثوم ٺيڪ آهي، ڪجهه چوندا هئا ته  ڪلثوم نواز فوت ٿي وئي، نوازشريف رڳو لنڊن ڪيسز کان بچڻ لاءِ وڃي رهيو آهي پر ان  باوجود نوازشريف ڏيهه واپس اچي ويندو هو،
بيگم ڪلثوم نواز جو ڪيتري ئي عرصي کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج هلي رهيو کيس وينٽيليٽر تي به رکيو ويو هو، بيگم ڪلثوم نواز شريف جي ڦڦڙن جو مسئلو سنگين ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو پر هوءَ فوت ٿي وئي.. بيگم ڪلثوم نواز هڪ سال 25 ڏينهن اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي. صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف جسٽس ثاقب نثار، پ پ سربراهه بلاول، اسد قيصر، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، چوڌري نثار ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار به ڪيو.
ڪلثوم نواز هڪ ڪشميري گهراڻي ۾ 1950 ۾ جنم ورتو هو جڏهن ته هن 1970 ۾ اسلاميه ڪاليج لاهور مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽  هوءَ 1999ع کان 2002 تائين مسلم ليگ جي صدر به رهي، ڪلثوم نواز شاعري به ڪندي هئي. جڏهن نوازشريف کي جلا وطن ڪيو ويو ته هن هڪ بهادر عورت جيان پارٽي کي سنڀاليو ، ڪلثوم نواز  پنهنجي مڙس جي جلاوطني کانپوءِ هڪ آمر جي حڪومت دوران نواز ليگ  جي قيادت کي سنڀاليو. ڪلثوم نواز ٽي ڀيرا  خاتون اول به رهي، جڏهن نوازشريف جي حڪومت قائم ٿي ته هن پارٽي  جون تمام گهڻيون ذميواريون به سنڀاليون، ڪلثوم نواز 1990 کان 1993، 1997 کان 1999 ۽ 2013 کان 2017 تائين خاتون اول به رهي.کيس شاعري جو به تمام گهڻو چاهه به هوندو. جڏهن  نوازشريف کي نااهل ڪيو ويو ته ان وقت نوازشريف جي لاهور واري تڪ تان چونڊ ۾ حصو به ورتو ۽ ڪامياب  به ٿي وئي، هن 1992ع ۾ فارمين ڪرسچين ڪاليج مان اردو ادب ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڪلثوم نواز  پنهنجي گهر سان گڏ نواز ليگ قيادت جون واڳيون به سنڀاليون. اهو ئي سبب آهي جو سڄو ملڪ کيس بهادر عورت  جو لقب به ڏئي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلثوم نواز  هڪ سال  کان وڌيڪ عرصي تائين  پنهنجي بيماري سان جنگ به ڪئي. ايتري قدر جو سندس مڙس نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن  رٽائرڊ صفدر  کي سزا ملي ۽ کين جيلو موڪليو ويو. ان وقت به هوءَ   پنهنجي بيماري سان وڙهندي رهي، جنهن وقت ڪلثوم نواز کي سندس مڙس ۽ ڌيءُ جي ضرورت هئي، ان وقت نوازشريف ۽ مريم نواز عدالتن  ۾ پيش ٿي رهيا هئا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪو  سياسي اڳواڻ ايترا ڀيرا عدالتن پيشيون ڀوڳي چڪو هجي، مطلب ته نوازشريف  اهو واحد سياسي اڳواڻ آهي، جنهن سڀ کان وڌيڪ  عدالتن ۾ چڪر ڪاٽيا آهن. ايتري  قدر جو سندس ڌيءُ کي به عدالت ۾ وڃڻو پئجي ويو هو.
هن وقت به  شريف ڪٽنب خلاف  العزيزيه اسٽيل ملز ۽  فليگ شپ انويسٽمنٽ  ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، مطلب ته انهن ٻنهي ريفرنسز ۾ اڃا فيصلو اچڻو باقي آهي، جيئن ته نوازشريف جي گهرواري فوت ٿي وئي آهي، نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي پيرول تي 12 ڪلاڪن لاءِ آزاد ڪيو ويو، ايتري قدر جو پنجاب جي گهرو کاتي نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي پيرول ۾ ٽن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جيڪو ايندڙ ڇنڇر جي رات 12 وڳي تائين جاري رهندو.
گهرو کاتي جي ترجمان اهو به چيو  آهي ته جيڪڏهن ڪلثوم نواز جي تدفين ۽  آخري رسمن ۾ دير ٿي ته پيرول ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي.جيئن ته  ڪلثوم نواز جو مڙهه لنڊن کان ڏيهه واپس  آندو پيو وڃي ۽ تدفين  به هتي ڪئي ويندي، پر ڳالهه اها آهي ته هن ڏکي گهڙي ۾  ڪنهن وڏي اڳواڻ نوازشريف کي ڪا خاص خاطري نه ڪرائي آهي ، جنهن کان پوءِ لڳي ٿو ته  ڪا به پارٽي نوازشريف  همت ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪري رهي آهي، جيئن ته ڪلثوم نواز جي وڇوڙي کانپوءِ نوازشريف جا حوصلا به ڪمزور  ٿي ويا  هوندا پر  اهي  حوصلا اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن ٿا، جڏهن اپوزيشن طرفان کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وڃي.



No comments:

Post a Comment