Pages

Thursday 17 December 2015

16ڊسمبر تاريخ جو ڪارو ڏينهن...!!!!

صاحب خان ڀٽي
16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن هو جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نٿو سگهجي. دهشتگردن 16 ڊسمبر 2014 تي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائي جو ثبوت ڏنو.  16 ڊسمبر تي دهشتگردن معصوم ٻارڙن تي حملو ڪري يزيديت جي تاريخ ورجائي. دهشتگردن جي حملي ۾ 141 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا ۽ 436 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا. سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن ۾ اسڪول جو پرنسيپل به شامل هو. دهشتگردن معصوم ٻاررن جي سامهون جنهن طريقي سان رت جي راند کيڏي جنهن سبب سندن مرڪون ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ويون. اهي قيامت صغريٰ جهڙا منظر ڪهڙي ريت ويساري سگهجن ٿا؟.  16 ڊسمبر جو جڏهن مائرون پنهنجن معصوم ٻچن کي اسڪول ڏانهن موڪليو هو شايد ان وقت انهن مائرن کي اها خبر نه هئي ته سندن جهوليون دهشتگرد خالي ڪري ڇڏيندا. انهن کي ته ان ڳالهه جو به احساس نه هوندو ته اهڙو وڏو سانحو پيش ايندو. 16 ڊسمبر تي دهشتگرد سيڪيورٽي ادارن جون ورديون پهري اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ معصوم گلڙن تي ائين ڪڙڪي پيا جئين ڪو بکايل ڪتو. دهشتگردن کي اهو به رحم نه آيو ته هو معصوم گلڙن تي گوليون هلائي رهيا آهن. دهشتگردن کي معصوم ٻارڙن جي چهرن کي ڏسي به روح سٽ نه کاڌي ۽ پنهنجا ٻچا به ياد نه آيا. هنن گولين هلائڻ کان اڳ ايترو به نه سوچيو ته هو ڪنهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. دهشتگردن انسانيت جون حدون پار ڪري معصوم ٻارڙن کي به پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻايو. اهڙن دهشتگردن کي انسان چئي سگهجي ٿو؟ شايد نه، ڇو ته مائرن جون جهوليون خالي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ٿو ڪري سگهجي. 16 ڊسمبر جو اهو اڀاڳو ڏينهن141 ڄڻن جون جانيون ڳڙڪائي ويو جنهن سبب سڄي قوم هن وقت به سوڳ ۾ ورتل آهي. سانحي ۾ شهيد ٿي ويل اهي معصوم ٻارڙا به هئا جن کي الف ب مشڪل سان پڙهڻ ايندي ۽ ڳالهائڻ به ايندو هو. جن جو ٻاتڙو ڳالهائڻ من کي موهي وهجندو آهي، جن جو ٻاتڙي ٻولي ٻڌي دل کي سڪون ۽ چهري تي مسڪراهٽ اچي ويندي  آهي ۽ دل چوندي آهي ته سڄو انهن جي ٻاتڙي ٻولي ٻڌجي، دهشتگردن انهن کي به پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻايو.  حملي وقت آرمي پبلڪ اسڪول ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار شاگرد، استاد ۽ ٻيو اسٽاف موجود هو.  صبح جو جڏهن اسڪول تي حملو ٿيو ۽ ميڊيا تي خبرون نشر ٿيون ته مائرن  جا هانءُ ڏري پيا ۽ هنن اسڪول جو رخ ڪيو پر اهي ويچاريون به اتي نه پهچي سگهيون. انهن مائرن کي اها خبر نه هئي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن سندن لاءِ تاريخ جو ڪارو ڏينهن ثابت ٿيندو. انهن مائرن کي ته اها به خبر نه هئي ته جن هٿن سان معصوم ٻارڙن کي ناشتو ڪرايو،  اهو سندن لاءِ آخري هوندو. انهن کي ته ان ڳالهه جو به احساس نه هيو ته دهشتگرد سندن معصوم ٻچڙن جون مرڪون ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائي ڇڏيندا.
لونءَ ڪانڊاريندڙ پشاور سانحي  سبب اڄ به سڄي ملڪ جي عوام سوڳ ۾ ورتل آهي. اهو عزم به ڪيو پيو وڃي ته دهشتگردي کي مات ڏني ويندي. ميڊيا تي خبرون نشر ٿيون ته پاڪستاني طالبان جي مرڪزي ترجمان مولانا محمد عمر خراساني حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ضرب عضب آپريشن جي رد عمل ۾ ڪيو  ويو آهي. انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ پشاور سانحيو سڄي قوم کي متحده ڪري ڇڏيو ۽ فوجي توڙي عسڪري قيادت ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، جنهن بعد آپريشن کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو.  پشاور سانحي نه  پر شڪارپور ۽ جيڪب آباد سانحي به عوام ٻيڻي سوڳ ۾ ورتل آهي. ملڪ هن وقت دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي. نه ڪا مسجد محفوظ آهي ۽ نه ئي ڪا امام بارگاهه هر طرف دهشتگردن جو راڄ آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ سول توڙي عسڪري قيادت کي گڏجي هڪ پليٽ فارم تي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا ته جئين دهشتگردن کي ڪو فائدو نه رسي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  فيصلائتي جنگ ڪئي وڃي ته جئين ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿئي. 16 ڊسمبر جي سانحي کي اسان کي دهشتگردي جي خاتمي جي پيڙهه جو پٿر سمجهڻ گهرجي .  پاڪستان ۾ مسلمان اڪثريت سان رهن ٿا ۽ پاڪستان جي بنياد به مذهب آهي ۽ هن ملڪ ۾ اڪثريت به مسلمانن جي آهي ته پوءِ آخر اهڙا ڪهڙا سبب آهن ته مسجدن، امام بارگاهن ، مزارن ۾ اڄ مسلمان محفوظ ڇو نه آهي؟ ڇا بم ڌماڪا ۽ گوليون هلائڻ مسلمانن جي سڃاڻپ بجڻ وارو آهي؟ اهي سوال هر هنڌ اٿي رهيا آهن. آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي جو اڄ مسلمان تي حملا جيڪا ٿي رهيا آهن انهن جي ذميواري به اهي ڌريون قبول ڪري رهيون آهن جيڪي پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سمجهن ٿيون. ڇا لاءِ اڄ مسلمانن مٿان مسلمان حملا ڪري رهيا آهن.آخر ڇو دهشتگرد آپريشن جو بنياد بڻائي عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسي رهيا آهن. پاڪستان جي عوام هاڻ ٻيهر  پشاور سانحي جهڙي سٽ سهي نه سگهندو.  
وزيراعظم نوازشريف پشاور آرمي پبلڪ سانحي جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پيغام ڏيندي چيو ته  دهشتگردن کي ٻڌايو وڃي ته دهشتگردي اسلامي تعليم جي خلاف آهي.بي ڏوهين جي حياتين کي کسڻ جي سزا دنيا ۽ آخر ٻنهي ۾ ملندي آهي. وزيراعظم نوازشريف پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. 16 ڊسمبر جي حوالي سان مختلف اڳواڻن پاران به ڏک وارا بيان جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ جي و ڏي وزير سيد قائم علي شاهه  پشاور سانحي جي متاثرن لاءِ 5 ڪروڙ امداد جو به اعلان ڪيو آهي.  سڄي ملڪ ۾ صوبائي حڪومت طرفان پڻ پشاور سانحي جي سوڳ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. صرف پاڪستان جي راجڌاني شهر اسلام آباد ۾ اسڪول کليل رهيا. هوڏانهن برطانوي شهر برمنگهم ۾ به پشاور سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي و ئي جنهن ۾ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي، سندس والد ضياءَ الدين يوسف زئي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملالا يوسف زئي چيو ته تعليم حاصل ڪري دهشتگردي جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعليم کي هٿي وٺرائي ڏني وڃي. ملالا يوسف زئي چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت کي متحده تي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن اهو به چيو ته آڱرن تي ڳڻڻ جيترا  دهشتگرد دنيا کي يرغمال بڻائي نٿا سگهن.
16 ڊسمبر جي سانحي  کي  شهيدن جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويو. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مک تقريب پشاور ۾ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم نوازشريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.


No comments:

Post a Comment