Pages

Thursday 17 December 2015

خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي جون تباهيون

صاحب خان ڀٽي

خيبرپختونخوا ۾ ملڪي تاريخ جي خطرناڪ زلزلي قديم ۽ تاريخي ماڳن سان گڏو گڏ عجائب گهرن کي به نقصان پهچايو. زلزلي سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائيندڙ ٽيم موجب، تخت ڀائي واري علائقي جي قديم آثارن ۾ ڏار پئجي ويا آهن. تازو آيل زلزلي سبب قرار قرم هاءِ وي کي 47 هنڌن تان نقصان پهتو ۽  گليشئر به ڦاٽي پيا. پشاور ۾ جتي هڪ طرف 17هين صديءَ جي باالحصار قلعي جي هڪ ڀت کي نقصان پهتو آهي اتي تاريخي مسجد مهابت خان جي مينار جو هڪ حصو پڻ متاثر ٿيو آهي  صوبائي راڄڌاني جي تاريخي هنڌ گوڙ گٺهڙي ۾ اوڀر ۽ اولهه طرف وڏن دروزان کي به نقصان  پهتو آهي ۽ ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن. ڪي پي ڪي جي  آثار قديم جي ڊائريڪٽر عبدالصمد جو چوڻ آهي ته تخت ڀائي واري هنڌ عالمي سطح جي قديم آثارن کي نقصان پهتو آهي. قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته مردان جي جمال ڳڙهي واري علائقي ۾ اهڙا قديم آثار آهن جيڪي قديم آثارن واري عالمي فهرست ۾ شامل ڪيا ويندا اتي پڻ وڏو نقصان رسيو آهي. ڪي پي ڪي ۾ هڪ درجن جي لڳ ڀڳ عجائب گهر آهن، پشاور جي عجائب گهر ۾ اسلام گيلري  جي سيڪشن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته چترال ۽ ڀمڀوريت جي عجائب گهر ۾ ڀتين کي نقصان پهتو آهي ۽ اتي رکيل نوادرات جا شوڪيس به ٽــُـــٽي پيا آهن.  ڊاڪٽر عبدالصمد موجب، کين خدشو آهي ته سوات جي تاريخي هنڌ ۽ قديم آثارن کي وڌيڪ نقصان پهتو هوندو جتي هڪ ته زلزلي جي شدت گهڻي هئي ۽ ٻيو اتي وڏي انگ ۾ تاريخي هنڌ به آهن. سوات ۾ عجائب گهر جي عمارت کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته قديم آثارن کي پهتل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ توڙي مالڪي لاءِ ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن. سوات جي جهان آباد واري علائقي ۾ هڪ قديم مذهبي عبادت گاهه کي ڪجهه عرصو اڳ هڪ ڌماڪي ۾ نقصان پهتو هو جنهن جي مرمت جو ڪم اٽلي جي ماهرن جي مدد سان ڪيو پيو وڃي پر تازو آيل زلزلي سبب ان کي نقصان پهتو يا نه ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. آثار قديمه جي ڊائريڪٽر موجب، خيبرپختونخوا ۾ 6 هزار جي لڳ ڀڳ تاريخي هنڌ آهن جن مان ڪجهه هنڌن کي عالمي سطح تي به سڃاتو وڃي ٿو. اين ڊي ايم اي جي سربراهه اصغر نواز جو چوڻ آهي ته 1900 کان وٺي هن وقت تائين هن خطي ۾  12 هزار 8 سئو 80 زلزلا اچي چڪا آهن جن مان ست يا ان کان وڌيڪ شدتسان ايندڙ زلزلن جو انگ 41 آهي پر ان فهرست ۾  سومر واري ڏهاڙي آيل زلزلي کي شامل نه ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي جي سربراهه موجب، زلزلي سبب قرارقرم هاءِ وي 47 هنڌن تان متاثر ٿيو آهي جنهن کان پوءِ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن متاثر حصن جي مرمت ڪري ورتي آهي. اصغر نواز موجب، زلزلي سبب قرار قرم جي پهاڙي سلسلي ۾ واقع ٻه گليشيئر ڦاٽي پيا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ۾ ڏار پڻ پيا آهن. هنزه ماٿريءَ ۾ التر گليشيئر ڦاٽڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي پر اتي ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. گلگت بلتستان جي ڊزاسٽر مينيجنٽ اٿارٽي جي اختيارين ٻڌايو ته زلزلي کان پوءِ ايندڙ آفٽر شاڪس جي نتيجي ۾  گليشيئيرز ۾ پيل ڏار خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اهي ڪري به سگهن ٿا. گڏيل قومن جي ترقي بابت  اداري جي هڪ اهلڪار موجب، گليشيئرز ۾ ڏار پوڻ جو مطلب اهو آهي ته اتي وڌيڪ ڍنڍون وجود ۾اينديون. اختيارين جو چوڻ آهي ته چترال ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ موجود ان گليشيئرز جي حالت بابت اڃا ڪجهه به واضح ناهي. سائنسدانن تنبيهه ڪئي آهي ته زلزلن کان پوءِ گليشيئر مان ٺهيل 30 کان وڌيڪ ڍنڍون خطرناڪ آهن. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام موجب، هڪ صديءَ دوران نيپال، پاڪستان، ڀوٽان ۽ چين گليشيئر مان ٺهيل ڍنڍون 40 کان وڌيڪ ڀيرا ڦاٽي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ واقع هماليا جي پهاڙي سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ گليشيئر آهن، ان پهاڙي سلسلي ۾  گليشيئرز جي پگهرجڻ، معمول کان وڌيڪ برساتن ۽ موسمياتي تبديلن جي نتيجي ۾ گليشيئرز ڍنڍن جي ڦاٽڻ جي خطرن ۾ واڌ جو امڪان آهي. هن وقت تائين لڳايل ڪاٿي موجب، 6 لک گهر، 35 لکن جي آبادي ۽ 30 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل ايراضي متاثر ٿي آهي. آمريڪي ارضياتي سروي موجب، تازو آيل زلزلي جو مرڪز چترال کان 67 ڪلو ميٽر پري هو جنهن سبب پاڪستان جا اتر ۽ اولهه وارا علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا ملڪ ۾ آيل زلزلي سبب فوتين جو انگ 260 کان وڌي ويو آهي، هزارين ماڻهو بيگهر ٿيڻ بعد کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. ڪي پي ڪي، پنجاب، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ 8 ڏهائي هڪ جي شدت سان آيل زلزلي وڏي تباهي مچائي.  زلزلي سبب هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جنهن سبب جاني نقصان ٿيو.  هن وقت تائين 260 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي پر غير سرڪاري انگن اکرن موجب فوت ٿيلن جو انگ 300 کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي.  زلزلي سبب زخمي ٿيل اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن سبب خدشو آهي ته فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment