Pages

Thursday 17 December 2015

طالبان کان داعش تائين عالمي طاقتن جا مفاد...!!!

صاحب خان ڀٽي
دنيا ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي جنهن جو ڪارڻ معدني وسيلن تي قبضي سان گڏ پاڻ کي وڌيڪ طاقتور ثابت ڪرڻ به آهي. آمريڪا سميت عالمي طاقتون چاهين ٿيون ته اسلامي ملڪن ۾ سندن اشارن تي ڪم ٿئي، جنهن سبب اهي مختلف سبب ڄاڻائي اسلامي ملڪن ۾ پنهنجيون فوجيون داخل ڪري رهيا آهن. جنهن جو مثال افغانستان، عراق، شام ۽ ٻيا اسلامي ملڪ  آهن. پيرس ۾ ٿيل دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، پيرس حملو اسلام کي بدنام ڪرڻ جي شازش به هئي پيرس حملي بعد پوپ فرانسس پاران بيان جاري ڪيو ويو ته پيرس حملن کي هو ٽئين عالمي جنگ تصور ڪن ٿا ۽ ملوث ماڻهن کي هو ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪندا. پيرس حملي بعد سڄي دنيا ۾ تعزيتي ميڙاڪن جو به سلسلو جاري آهي، پاڪستان، انڊيا ۽ ٻين ملڪن ميڻ بتيون ٻاري مارجي ويلن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي ۽ ريليون به ڪڍيون پيو وڃن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته فرانس، ڪينيڊا، برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ٿيل مظاهرن احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ مسلمانن خلاف نفرت ڀريل بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جنهن مان لڳي پيو ته مسلمانن جو اتي رهڻ تمام ڏکيو ٿي ويندو ڇاڪاڻ جو آمريڪا، ڪينيڊا، فرانس، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ اسلام مخالف ايس ايم ايس ۽ اي ميلز موڪلڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي. آمريڪا جي 19 رياستن الاباما، ٽيڪسز، مشيگن، ڪينسيا، انڊيانا، مس سيپي ۽ لوزيانا ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون به ملڻ شروع  ٿي ويون آهن.  ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا ۾مسجدن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي. صدارتي اميدوار  ڪانگريس کي اهو به مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور شامي پناهگيرن کي فوري طور بي دخل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته هاڻ شامي پناهگيرن کي ترسائڻ انهتائي خطرناڪ آهي. ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار چيو ته شامي پناهگيرن کي آمريڪا ۾ ترسائڻ واري پروگرام جا فنڊ به بند ڪيا وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن شامي مهاجرن کي آمريڪا ۾ ترسائڻو آهي ته کين نظرياتي ٽيسٽ ڏيڻو پوندو. جنهن مان لڳي پيو ته جئين جئين ڏينهن گذرندا تئين تئين ٻاهرن ملڪن ۾ مسلمانن جي سخت نگراني ڪئي ويندي ۽ کين مختلف حربن سان پريشان ڪيو ويندو ۽ سندن رستا تنگ ڪيا ويندا.
طالبان ۽ داعش کان ته سڀ واقف ٿي چڪا هوندا ڇو ته اڄڪلهه اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ طالبان جا چرچا روز پڙهڻ لاءِ ملن ٿا پر هاڻ طالبان کان به وڌيڪ طاقتور ڌر داعش به منظرعام تي اچي چڪي آهي. طالبان ۽ داعش جو منشور ڇا به هجي ان سان اسان جو ڪو به مقصد يا تعلق نه آهي. اهي ڪنهن جي اشاري تي ٿا هلن اهو ڪم سيڪيورٽي ادارن جو آهي ۽ گڏيل قومن جي به ذميواري آهي ته دهشتگردن کي چٿڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي. جيڪڏهن اسان طالبان جي ڳالهه ڪنداسين ته طالبان ڪنهن جي پيدا وار آهن ته ان پٺيان به آمريڪا ۽ عالمي طاقتن جو هٿ نظر ايندو. آمريڪا ۽ عالمي طاقتون طالبان جو جواز ڄاڻائي افعانستان تي حملو ڪيو ۽  پنهنجي فوج داخل ڪري اڄ به اتي موجود آهن. آمريڪا نائن اليون جو جواز ڄاڻايو ۽ چيو ته طالبان ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي نشانو بڻايو آهي، طالبان آمريڪا سميت سڄي دنيا لاءِ خطرو آهن. آخرڪار آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ مجبورن پاڪستان کي به ان جو ساٿاري بڻڻو پيو. جنهن جو اڄ به اسان جو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ سبب اڄ پاڪستان دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي. بم ڌماڪا، ايئرپورٽن تي حملا  ۽ اقليتي ماڻهن جي عبادتگاهن تي حملا معمول بڻيل آهن.  هتان جون حالتون به صرف عالمي طاقتن جي ڪري ئي ٿيون آهن. آمريڪا چيو هو ته اسامه کي مارڻ بعد ئي هو سڪون جو ساهه کڻندا ۽ پنهنجي فوج افغانستان ۾ ڪڍندا. آمريڪا وڏي دعويٰ سان چيو هو ته هنن اساما بن لادن کي 2 مارچ 2011 ۾ پاڪستان جي علائقي ايبٽ آباد آپريشن ۾ ماري ڇڏيو آهي پر طالبان اڃان به هنن لاءِ خطرو آهن. آمريڪا روز بيان ته ڏيندو آهي ته اتحادي فوج جلد افغانستان مان ڪڍنداسين پر اهو بيان صرف بيان رهجي چڪوآهي. افعانستان ۾ جنهن نموني بمباري ڪئي وئي ان کي ته انٽرنيشنل ميڊيا به ڏيکاريو ته ڪيترن شهرين کي پنهنجيون حياتيون وڃائڻيون پيون. مدرسن ۽ اسپتالن تي بمباري سبب ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن جون جانيون ضايع ٿيون، جنهن خلاف ڪنهن به آواز نه اٿاريو. هاڻ ته طالبان القاعده ۽ تحريڪ طالبان کان پوءِ داعش به ٿورڙي وقت ۾ پنهنجي ظالماڻي ڪاررواين ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. داعش اسلامي شدت پسندن جي اهڙي تنظيم آهي جنهن جي قهري ڪاررواين انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. داعش کي انگريزي ۾ اسلامڪ اسٽيٽس آف عراق  اينڊ سِيريا جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. داعش تنظيم جو دائرو خاص طور تي عراق ۽ شام تائين ڦهليل  آهي. هاڻ صرف انتظار اهو ڪرڻو آهي ته اها شدت پسند تنظم پنهنجا پير ڪنهن ڪنهن ملڪ ۾ ڄمائي ٿي ۽ کيس هلائڻ وارن جا ارادا ڪهڙا آهن؟. ڪجهه عرصو اڳ داعش جي چاڪنگ سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ نظر آئي پر وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ترديد ڪندي چيو ته داعش نالي ڪا به تنظيم پاڪستان اندر نه آهي. بهر حال اهو هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو...!

جيڪڏهن چيو وڃي ته طالبان ۽ داعش هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ته اهو غلط نه ٿيندو. طالبان ۽ داعش جو مقصد هڪ ئي  آهي. جڏهن پيرس ۾ دهشتگردن جو حملو ٿيو ته ڪجهه وقت بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ هن مذمت ڪندي چيو ته هو پيرس حملي کي دنيا تي حملو تصور ڪن ٿا. سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته اوباما کي پيرس حملو جي ايترو جلدي ڳڻتي ڇو آئي؟ سعودي عرب، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هزارين ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا. هاڻ سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما ان وقت ڇو نه پريس ڪانفرنس ڪئي يا پنهنجو بيان جاري نه ڪيو؟ ۽ انهن حملن کي دنيا تي حملو ڇو نه چيو ويو؟ صرف پئرس ۾ مارجي ويلن کي ايڏي اهميت ڇو پئي ڏني وڃي. اهڙا ڪيترائي سوال جيڪي اٿي رهيا آهن آخر پيرس حملي کي ايترو ڇو پيو اٿاريو وڃي. دهشتگردن جو ڪو به دين يا مذهب ناهي هوندو. دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي. عالمي طاقتون آخر مسلم رياستن کان ڇا ٿيون چاهين؟ جنهن بابت هاڻ مسلم ملڪن کي سوچڻو پوندو ته اڳ آمريڪا ورلڊ ٽريڊ سينٽر تباهه جو بهانو بڻائي طالبان خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ افغانستان تي حملو ڪنهن ۾ جنهن هزارين معصوم شهري به مارجي ويا. جنهن جو احتساب ڪرڻ لاءِ ڪو به اسلامي ملڪ اڳتي نه آيو. هاڻ به لڳي پيو ته آمريڪا ۽ عالمي طاقتون پئرس حملي کي جواز ڄاڻائي ڪنهن نه ڪنهن اسلامي ملڪ تي حملو ضرور ڪندا. هاڻ صرف ڪجهه اهڙا اسلامي ملڪ بچيا آهن جتي امن نالي ماتر آهي، آمريڪا ۽ عالمي طاقتن جي هاڻ ڪهڙي ملڪ تي نظر آهي اهو ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي. ڇو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادين پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڪهڙن اسلامي ملڪن تي حملو ڪرڻو آهي. هاڻ وقت متحده ٿيڻ جو آهي جيڪڏهن اسلامي ملڪن جا سربراهه متحد نه ٿيا ته هٿ ٺوڪيون اسلامي  شدت پسند تنظيمون ٺاهي انهن کي اسلام مخالف ڪم وٺي مسلمان ملڪن تي حملا ڪيا ويندا. اسلامي ملڪن جي سربراهن کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جيڪڏهن اسلامي ملڪن جا سربراهه هڪ نه ٿيا ته پوءِ هن خطي جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون. 

No comments:

Post a Comment