Pages

Thursday 17 December 2015

پيرس ۾ دهشتگردي، ايشيا لاءِ خطري جي گهنٽي…!!!

صاحب خان ڀٽي

دهشتگرد جو ڪنهن به مذهب سان تعلق ناهي هوندو، دهشتگردي جي ڪنهن به مذهب اجازت ناهي ۽ نه ئي ڪو مذهب ڪنهن به انسان کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. پاڪستان افغانستان ۽ ڀارت سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن. نائن اليون بعد دنيا ڏٺو ته ڪئين ايشيا ۾ تباهي مچائي وئي اساما بن لادن جي مارجڻ باوجود به هن وقت تائين امن قائم ناهي ٿي سگهيو هاڻ جڏهن پيرس ۾ حملو ٿيو آهي تڏهن به لڳي پيو ته ان پٺيان به عالمي طاقتن جا ڪجهه مقصد آهن جنهن کي عام ماڻهو نٿو سمجهي سگهي . هاڻ صرف ايشيا جي ملڪن کي انتظار ڪرڻ گهرجي تي پيرس حملي جو رخ ڪڏانهن ٿو وڃي ۽ ڪنهن ملڪ کي ذميوار قرار ڏئي ان تي حملو ڪيو وڃي. 1944 کان پوءِ پيرس ۾ ڪرفيو لڳايو ويو ڇاڪاڻ جو تاريخ ۾ پهريون فرانس اندر دهشتگردن جي حملي ۾ 160 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون. فرانسييسي صدر صدر اولاند هنگامي اجلاس طلب ڪري پيرس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ۽ سرحد کي به سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فرانسيسي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو دهشتگردن جو مقابلو ڪندا، ڊڄڻ وارن مان ناهن. هن چيو ته دهشتگرد کين ڊيڄارڻ چاهين ٿا پر هو همت نه هاريندا.  پيرس ۾ دهشتگردن جي حملي 160 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا. هٿياربندن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي قتل ڪيو. دهشتگردن بٽاڪلن ڪنسرٽ هال ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي يرغمال بڻايو، جنهن ۾ آمريڪا جو مشهور راڪ بينڊ به شامل هو، جيڪو ان ڪنسرٽ هال ۾ پرفارم ڪري رهيو هو، هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز کي ڪنسرٽ هال جو گهيرو ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ يرغمال ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني پر فرانس جي فوج جي سندن هڪ به نه ٻڌي جڏهن ڪنسرٽ هال ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته دهشتگردن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري 100 ڄڻن کي گوليون جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪجهه حملي آور به مارجي ويا ۽ ڪنسرٽ هال ٻاهران هڪ شڪي شخص کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن اعتراف ڪيو ته سندس تعلق داعش سان آهي. اسٽيٽ ڊي آف فٽبال اسٽيڊيم ويجهو به 3 ڌماڪا ٿيا جنهن کي فرانسيسي ميڊيا آپگهاتي قرار ڏنو، فرانسيسي ميڊيا ۾ چيو و يو ته انهن ٽن ڌمڪان مان هڪ آپگهاتي به هو. ڌماڪن بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو هو ۽ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن به ڪيو ۽ گهر گهر تلاشي به ورتي. دهشتگردن فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون. هٿياربندن  هڪ هوٽل اندر داخل انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري 18 ڄڻن کي پڻ قتل ڪيو. ڌماڪن وقت جرمني ۽ فرانس جي ٽيمن وچ ۾ فٽبال ميچ هلندڙ هو، فرانسيسي صدر اولانڊ ڪابينا سان گڏ فٽبال ميچ ڏسي رهيو هو، جنهن کي کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. فٽبال گرائونڊ ۾ 80 هزار ماڻهو ميچ ڏسي رهيا هئا، جنهن وقت ڌماڪو ٿيو ته رانديگرن هڪ هنڌ بيهي ويا ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ مچي ويو پر سيڪيورٽي عملدارن پاران ماڻهن کي اسٽيڊيم مان  ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اسٽيڊيم ۾ ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر سيڪيورٽي فورسز جي نااهلي سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون دهشتگردن کسي ورتيون جنهن تي آمريڪا سميت دنيا جي اڪثرن ملڪن طرفان مذمت ڪئي وئي. دهشتگردن جي حملي بعد پيرس ۾ بس ۽ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي. دهشتگردي جي واقعي بعد فرانسيسي صدر اولانڊ پيرس ۾  ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي. دهشگردن جي حملي بعد سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ ڪرفيو لڳايو ويو. سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو، جنهن اعتراف ڪيو ته سندس تعلق داعش سان آهي. برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمر ون پاران به فرانس ۾ فائرنگ واقعن جي مذمت ڪئي وئي. ڊيوڊ ڪيمرون چيو ته  فرانس ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا ۽ فرانس جي هر ممڪن مدد ڪندا. هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ فرانس جي  عوام سان گڏ آهن، هو هن وقت فرانس جي عوام کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهن.  هوم لينڊ سيڪيورٽي به آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي فرانس ۾ ٿيل دهشتگردي بابت بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران آمريڪي صدر بارڪ اوباما کي فرانس ۾ ٿيل فائرنگ واقعن کان به آگاهه ڪيو ويو. وائيٽ هائوس ترجمان پاران پڻ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته يرغمال بڻايل ماڻهن ۾ آمريڪا جو مشهور راڪ بينڊ به شامل آهي.  پيرس حملي بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو هن مشڪل گهڙي ۾ فرانس جي عوام سان گڏ آهيون آهن. هن اهو به عزم جو اظهار ڪيو ته هو دهشتگردي جي ڪنهن به واقعي خلاف مڪمل تيار آهن. آمريڪا چيو ته فرانس سان گڏجي دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا. اوباما چيو ته سندن فرانسيسي عملدارن سان مسلسل رابطو آهي. ڌماڪا صرف پيرس نه پر پوري دنيا ۾ ٿيا آهن. جئين جئين حملي کي وقت گذرندو ويو تئين تئين مختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران بيان جاري ڪيا ويا پر پيرس واقعو ڪهڙي طرف ويندو ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. 

No comments:

Post a Comment