Pages

Thursday 17 December 2015

جنرل راحيل شريف استادن تي تشدد جو نوٽيس وٺي...!

صاحب خان ڀٽي
استاد کي معاشري ۾ وڏي احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. اهوئي استاد آهي جيڪو ننڍڙن هٿڙن ۾ قلم کي پڪڙڻ سيکاريندو آهي. دنيا ۾ هلڻ، ڳالهائڻ، گهمڻ، ڦرڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندو آهي ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جو درس ڏيندو آهي. جيڪو ننڍڙي ڪچڙي ذهن کي ٻين جو احترام ڪرڻ سيکاريندو  آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته والدين کان به وڌيڪ احترام جي لائق استاد آهي . اڄ جڏهن استاد پنهنجا مطالبا کڻي ڪراچي پهتا ۽ سي ايم هائوس طرف مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪار وحشي جانورن وانگر استادن مٿان ڪڙڪي پيا ۽ مٿن واٽر ڪينن جو استعمال توڙي شيلنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪارن ڪيترن ئي استادن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گرفتار به ڪيو. سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ سوين استاد  راجڌاني ڪراچي  اها اميد ڪري پهتا ته شايد سندن مطالبا مڃيا ويندا پر شايد انهن کي خبر نه هئي ته هي جمهوريت زرداري جي آهي. اڄ استادن تي ٿيل تشدد ڏسي اهو لڳو ته استاد پيشي جي جنهن طريقي سان بي حرمتي ڪئي وئي ان کي تاريخ ۾ ڪنهن به صورت ۾ وساري نه سگهبو. هي اها ئي سنڌ حڪومت آهي جڏهن سنڌ کي ڌار ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ته انهن احتجاج ڪندڙن کي جوس ۽ بوتليون پياريون ويون هيون. هي اها ئي سنڌ حڪومت آهي جنهن هميشه سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن  خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي  آهي. ته پوءِ ان حڪومت مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي؟. هي اهائي سنڌ حڪومت آهي جيڪا ڌارين جي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن سان ته ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندي آهي پر جڏهن سنڌ جون عورتون ۽ توڙي مرد احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي لٺبازي ۽ تشدد ڪرائيندي آهي. جڏهن نرسن احتجاج ڪيو هو ته ان وقت به انهن تي تشدد ڪرايو ويو هو، هاڻ جڏهن استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو ته انهن تي به سنڌ حڪومت کي رحم نه آيو ۽ استاد جي پيشي جو تقدس پائمال ڪري انهن مٿان لٺبازي ڪرائي وئي. جڏهن استاد مطالبن جي مڃتا لاءِ سي ايم هائوس طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ريڊ زون پهتا تڏهن رينجرز جا وڏا اٽالا به پهچي ويا هئا. جن استادن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو. پوليس استادن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ مٿن لٺازي به ڪئي جنهن سبب ڪيترائي استاد بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا.ان سان گڏوگڏ استادن مٿان واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال به ڪيو ويو جنهن سبب هو ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. پوليس جي لٺبازي ۽ تشدد سبب سندن ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي استادن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. استاد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو حق وٺڻ لاءِ پر امن نموني اڳتي وڌي رهيا هئا ته مٿن تشدد ڪيو ويو. هنن اهو به ٻڌايو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جيڪا حق گهرڻ تان مٿن وحشياڻو تشدد ڪري آمريت جا به رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي.  جس آهي استادن کي جو هنن پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو. آمريت جي دور ۾ به استادن تي ڪڏهن به لٺبازي ناهي ٿي.پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙو رويو جيڪو آمريت ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي اهو اڄ سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن ڪيو آهي. جن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم ڪيو ته استادن تي لٺبازي ڪئي وڃي. هنن کي اهو به رحم نه آيو ته جيڪي استاد انسانيت جو درس ڏيندا آهن، جيڪي ننڍڙن هٿڙن ۾ قلم کڻڻ سيکاريندا آهن. هو انهن مٿان ئي ظلم ڪري رهيا آهن. اڄ جڏهن انهن استادن تي وحشياڻو تشدد ڪرايو ويو ته تاريخ به روئي ڏنو هوندو. پيپلزپارٽي اڄ پنهنجي تاريخ لکي آهي. اڄ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن استادن تي لٺبازي ڪرائي اهو ثابت ڪيو ته هنن جي اڳيان هڪ استاد جي ڪهڙي حيثيت آهي ۽ اهو هڪ استاد جو ڪيترو احترام ڪن ٿا. لڳي ٿو ته حڪومت ۾ ويٺل ڪامورا يا ته اسڪولن ۾ ناهن پڙهيا يا وري انهن کي استاد جي احترام بابت ڪا خبر ناهي. سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته جيڪو استاد جو احترام نه ڪندو ته پوءِ اهو ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ڪندو. استادن مٿان ٿيل تشدد کي تاريخ جو ڪارو دور چئجي ته اهو به گهٽ آهي. استادن  تي ٿيل تشدد جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
جڏهن جمهوريت ۾ حق ناهن ملندا ۽ انصاف جا سمورا دروازا بند ٿي ويندا آهن ته پوءِ عوام جون نگاهون صرف هڪ ئي طاقتور ڌر ڏانهن هونديون آهن. اڄ لڳي  ٿو ته تمام جلد حالتون تبديل ٿي وينديون. ڇو جو هر طرف ناانصافيون آهن. ڪرپشن جي بازار گرم ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن عوام هن جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون ته اهي ضايع ٿي چڪيون آهن. ڇو جو شهيد متحرمه بينظير ڀٽو زنده هجي ته اڄ استادن تي اهڙو ظلم نه ٿئي ها ۽ هي جمهوريت آمريت جهڙي نه هجي ها. جنهن جمهوريت ۾ استادن مٿان تشدد ٿيندو هجي ته پوءِ آمريت سٺي آهي جنهن جمهوريت ۾ استاد جو احترام نه ڪيو وڃي ته پوءِ اهڙي جمهوريت کان ڀينگ ڀلي. اڄ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي استادن تي ٿيل تشدد جو نوٽيس وٺڻو پوندو. ڇو ته هي تشدد عام ماڻهو ته نه پر هڪ وڏي احترام جي لائق پيشي سان تعلق رکندڙن تي ٿيو آهي. جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي استادن تي ٿيل تشدد ۽ لٺبازي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. انهن وزيرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جن استادن تي لٺبازي ۽ تشدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڄ جيڪڏهن جنرل راحيل شريف استادن تي ٿيل تشدد جو نوٽيس نه ورتو ته پوءِ ائين لڳندو ته هاڻ عوام کي انصاف ملڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو. هي وقت آهي ته استادن تي ٿيل تشدد جو جنرل راحيل شريف نوٽيس وٺي ۽ سنڌ جي عوام جون به دليون کٽي وٺي. سنڌ جي عوام به هاڻ انصاف گهري رهي آهي . صرف هڪ ڀيرو جنرل راحيل شريف ۽ سپريم ڪورٽ جوچيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي استادن جا مسئلا ٻڌي ۽ انهن کي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ته جئين استادن ۾ پيدا ٿيل مايوسي ختم ٿي سگهي. تشدد ۽ گرفتارين بعد استادن جا حوصلا  ڪمزور ٿي ويا هئا ۽ کين مختلف قسمن جون ڌمڪيون به ملن پيون جنهن سبب هنن مجبورن هار مڃي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. استادن کي اها پڪ ان وقت ٿي جڏهن انهن مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪارن ڪڙڪي پيا  هئا ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو هو. انهن کي اها پڪ ٿي چڪي هئي ته هن جمهوريت ۾ سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. هنن کي اها به پڪ ٿي چڪي هئي ته ٽي وي چينلن تي سندن احتجاج ته عام شهري ۽ حڪومت نمائيندا ڏسندا هوندا پر وٽن ڪير به لڙي نه ايندو. تنهن ڪري رات جي اونداهي ۾ جڏهن ايڊيشنل سيڪريٽري استاد اڳواڻن کي گهرايو ته هو جي جي ڪندا هن وٽ وڃي پهتا. ايڊيشنل جي رڳو خاطري تي هو ويچارا تشدد جا ماريل استاد احتجاجي ڌرڻي کي ختم ڪري واپس هليا ويا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته مطالبا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي جنهن سبب هنن احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو آهي ۽ استاد اڳواڻن اهو به چيو ته مطالبا پورا ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.
جڏهن جمهوريت ۾ انصاف جا سمورا دروازا بند ٿي ويندا آهن ۽ عوام کي انصاف جي جمهوري حڪومت مان ڪا به اميد ناهي رهندي ته پوءِ مجبورن عوام روڊن تي نڪري ايندو آهي. اڃان به وقت آهي ته عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته طاقتور ڌريون به ميدان ۾ لهي اينديون جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروايون شروع ٿي وينديون ۽ عام ماڻهو کي انصاف انهن طاقتور ڌرين کان ئي ملڻ شروع ٿي ويندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ اهي عوام جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ عوام پاڻ ئي انهن کي اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏيندو پوءِ نه رهندي بانس نه وڄندي بانسري. هاڻ به جڏهن سنڌ حڪومت جي ڪامورن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ لڳي ٿو ته سنڌ جو عوام پاڻ ئي فوج جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري ايندو ۽ اهو جمهوريت لاءِ وڏو ڌچڪو هوندو.


No comments:

Post a Comment