Pages

Thursday 17 December 2015

وزيراعظم جو دورو ۽ ڪراچي جي صورتحال....!!!

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي آپريشن سبب شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي هئي پر جڏهن رينجرز کي ڏنل پوليس جي اختيارن  جو مدو پورو ٿيو ته شهر جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون، ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ سبب خوف ۽ حراس پڻ پکڙجي ويو. سنڌ حڪومت به رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو جنهن سبب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي بيان جاري ڪرڻو پيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار نه ڏنا ته ان کي واپس گهرايو ويندو. وزيراعظم نوازشريف به دوري تي ڪراچي پهتو ۽ گورنر هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران وفاقي ادارن جي ڇاپن تي احتجاج ڪيو ويو. وڏي وزير نوازشريف کي چيو ته رينجرز حڪومت يا احتساب ڪندڙ ادارو ناهي. رينجرز کي اختيار رڳو امن لاءِ قدم کڻڻ ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ سول ۽ فوجي قيادت ٽارگيٽيڊ آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکڻ ۽ ان ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪرڻ تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ پراسيڪيوشن نظام ۾ بهتريءَ تي به اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، عوام آپريشن مان مطئمن آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن کي جاري رکيو ويندو. هاڻ اها ته صاف ڳالهه ظاهر آهي ته وڏي وزير رينجرز کي پوليس جا اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هوندو ۽ ان جو اعلان به شايد ڪنهن نه ڪنهن وقت ٿي سگهي ٿو پر اها ڪهڙي پڪ آهي ته هاڻ دهشتگردن خلاف آپريشن ٿي سگهندو.  سمجهه کان اها ڳالهه ٻاهر آهي ته دهشتگردن جي خاتمي جي ڳالهه ته ڪئي  پئي وڃي پر انهن جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ۽ انهن جو سربراهه ڪير آهي؟ ان بابت ڪو به قدم نه پيو  کنيو وڃي. آپريشن کي ڪيترو ئي عرصو گذري چڪو آهي، ڪنهن نه ڪنهن سياستدان کان اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته آپريشن سبب دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن چيلهه چٻي ٿيڻ باوجود به اهي اهڙيون ڪهري ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته پوءِ جيڪڏهن انهن جي چيلهه سڌي ٿي وڃي ته اهي ڇا ڪندا؟ ڇا ان جو جواب اهي سياستدان ڏئي سگهندا.  ڪراچي آپريشن شروع ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر ٿي وئي هئي. شهر ۾ ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ گهٽتائي اچي وئي هئي. رينجرز آپريشن دوران ڪيترن ئي ڏوهارين کي ماريو ۽ سوين دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، جيڪي قتل، ڦرن ۽ اغوا سميت ٻين ڪيترين ئي وارداتن ۾ به ملوث هئا. ڪراچي آپريشن تي ڪيترن ئي سياسي پارٽين پاران مخالفت به ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته  آپريشن سياسي پارٽين خلاف نه هجي پر رينجرز ترجمان بيان جاري ڪيو هو ته هو ڪنهن به دهشتگرد کي ڇڏيندا . رينجرز ترجمان اهو به چيو هو ته ڪراچي آپريشن ڪنهن به سياسي پارٽي خلاف نه آهي، واويلا هرو ڀرو ڪئي پئي وڃي. ڊي جي رينجرز پاران عزم ڪيو ويو هو ته شهري سهڪار ڪن ته دهشتگردي جو خاتمو اچي سگهي ٿو. رينجرز جي ڪاررواين بعد ڪراچي جي شهرين جو اعتماد بحال ٿيو ۽ هنن به ڀتاخورن بابت رينجرزکي اطلاع ڏنو. آپريشن سبب شهر ۾ امن واري فضا قائم ٿي ۽ شهرين سک جو ساهه کنيو پر جئين سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن  جو  اعلان ٿيو تنهن وقت هڪ سياسي جماعت جا اڳواڻ وڃي طاقتور ڌرين سان مليا پوءِ اتي ڪهڙا فيصلا ٿيا هوندا ان بابت ميڊيا ۾ ڪا به خبر نه  آئي ۽  نه ئي ڪا ملاقات جي تصديق ٿي سگهي پر افواهون ضرور هيون. بحرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ان ۾ ڪيتري صداقت هئي. جڏهن  سنڌ ۾ چونڊ سرگرميون شروع ٿيون ته اچانڪ ڪراچي ۾ شهرين ۽ واپارين کي اهي ساڳيون ئي ڀتي جون پرچيون ۽ ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون ۽ شهرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوف واري فضا قائم ٿي وئي. دهشتگردن دڪاندارن ۽ واپارين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو اليڪشن جي نالي تي ڪيترن ئي ماڻهن کان ڀتو گهريو ويو جيڪي خبرون پڻ ميڊيا جون زينت بڻيون. پر انهن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي. هاڻ ته واپاري طبقو پڻ ڳڻتي ۾ اچي ويو آهي جن رينجرز جي آسري تي دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ سمجهيو هو ته هاڻ رينجرز ڪراچي مان ڀتاخوري ختم ڪرائي ڇڏيندي پر ائين نه ٿيو. هاڻ ته شهري رينجرز کي شڪايتون ڪرڻ کان به لنوائڻ لڳا آهن ڇو ته جن به ماڻهن خلاف شڪايت ڪئي وئي اهي مفاهمت جي نالي تي آزاد گهمي رهيا آهن. هاڻ شهرين کي پڪ ٿي چڪي آهي ته انهن جو ڪو به والي وارث نه آهي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان صحافين، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. جن جا قاتل اڄ به وائکا نه ڪيا ويا آهن ۽ نه انهن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي وئي.آصف علي زرداري جي مفاهمتي چورن واري پاليسي هاڻ ته طاقتور ڌرن به اپنائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب قاتل بنا ڪنهن خوف جي شهر ۾ سيڪيورٽي فورسز توڙي عام شهرين کي قتل ڪري رهيا آهن. چونڊن جي آمد بعد ڪراچي ۾ رينجرز کي نشانو بڻائي 4 اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو ۽ بعد دهشتگردن ملٽري جي اهلڪارن کي به نه ڇڏيو انهن جا به 2 اهلڪار شهيد ڪري ڇڏيا. چونڊن کان اڳ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڇا لاءِ ڪيا و يا ۽ اهلڪارن کي قتل ڪرڻ پٺياڻ ڪهڙا مقصد هئا. انهن بابت به هن وقت تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي ۽ نه ئي وري انهن اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن ۽ انهن جي ماسٽر مائينڊ  خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي وئي آهي. چونڊن بعد حملا ته بند ٿي ويا پر شهرين کي ڀتي جون پرچون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مفاهمت جو راڳ ٻڌي ٻڌي چريا ٿي ويا آهيون. هاڻ هڪ دفعو ٻيهر مفاهمت جي نالي تي ڪيترا شهري قتل ڪيا ويندا ان جو حساب لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو. ڇو ته چونڊن بعد ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي ڳچي مان پٽو نڪري ويو آهي ۽ اهي ساڳيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن. 
رينجرز کي ڏنل پوليس جي  اختيارن جو مدو ختم ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر شهر جون حالتون تمام گهڻو خراب ٿي ويون. ڪراچي جي مختلف علائقن نيوڪراچي، ڪورنگي، اتحاد ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. دهشتگردن گهرن ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ماڻهن کي زخمي به ڪيو. پراڻي سبزي منڊي واري علائقي ۾ به ووٽ نه ڏيڻ تان هٿياربندن مخالف ووٽرن جي گهرن تي حملا ڪري ڀڃ ڊاهه به ڪئي ۽ رهواسين کي سنگين ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد رهواسي مجبور ٿي يونيورسٽي روڊ تي ڌرڻو هڻي  ويهي رهيا ۽ حڪومت کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس دهشتگردن سان ٻٽ بڻيل آهي شڪايت باوجود انهن دهشتگردن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي  ڪري. جڏهن ته پوليس جو چوڻ هو ته هنن رهواسين جي احتجاج بعد علائقي ۾آپريشن ڪيو پر ڪو به ڏوهارين کين ڏسڻ ۾ نه آيو.  مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٽوڙڻ جو نعرو هڻي ڪراچي ۾ اڪثريت سان ته ڪامياب ٿي وئي پر  پيپلزپارٽي ڪهڙو نعرو هنيو جوڪامياب ٿي. هن ڀيري ته پيپلزپارٽي به سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏيندڙن کي ڪو به جواب ناهي ڏنو۽ نه ئي ڪنهن قومپرست جماعت کان ايم ڪيو ايم جي سنڌ ٽوڙڻ واري بيان تي ڪو رد عمل سامهون آيو آهي. هڪ اڌ قومپرست صرف اهو بيان جاري ڪيو آهي ته سنڌ ڌرتي کي ڪو به ٽوڙي نٿو سگهي. هاڻ جڏهن ڳالهه وڃي  سنڌ کي ٽوڙڻ تي پهتي آهي ته پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت کي سوچڻو پوندو ڇاڪاڻ ته بلوچستان جون حالتون سڀني جي سامهون آهن . جهڙي ريت بلوچستان جو معاملو پرڏيهي ميڊيا کڻي رهي آهي اهو پاڪستان تمام گهڻو ڳڻتي جوڳو آهي. بلوچستان جون حالتون پنهنجي هنڌ پر جڏهن هاڻ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ سول توڙي عسڪري قيادت جي خاموشي به سواليه نشان بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن اهڙا بيان بند نه ٿيا ته خدشو آهي ته شايد سنڌ ۾ حالتون خراب ٿي وڃن ۽ گهرو ويڙهه شروع ٿي وڃي. ڪراچي ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب پرڏيهي سيڙپڪاري گهٽجي وئي آهي،  پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان اچڻ کان لنوائي رهيا آهن. جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڏيارڻي  آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ موجود سمورن پناهگيرن کي بي دخل ڪرڻو پوندو نه ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بحال نه ٿي سگهندي.  ڏينهون ڏينهن ڪراچي جون حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. هاڻ عسڪري قيادت جو فرض بڻجي ٿو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ته جئين شهري سک جو ساهه کڻي سگهن.


No comments:

Post a Comment