Pages

Thursday 17 December 2015

سياست جي ور چڙهيل ڪرڪيٽ

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي.  جنهن سبب شوقينن ۾ تاءُ پکڙيل آهي. ٽيم جي بهتر ڪارڪردگي نه هجڻ سبب عالمي سطح تي به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو معيار گهٽجي ويو آهي. پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ سبب ڪو به ملڪ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ نٿو چاهي جنهن سبب گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر راندن جا ميدان خالي پيل آهن. عوام بس ان انتظار ۾ آهي ته شايد هڪ ڏينهن امن امان  بحال ٿيندو ۽ پرڏيهي ملڪن جون ٽيمون پاڪستان اچي کيڏنديون ۽ هتان جا گرائونڊ به سينگاريجي ويندا. پر لڳي ٿو ته اهو خواب، خواب ئي رهجي ويندو...!!. جڏهن کان سياسي شخصيتن  جو لاڙو ڪرڪيٽ ڏانهن وڌيو آهي تنهن ڏينهن کان ڪرڪيٽ سياست جي ور چڙهي وئي آهي. ڪڏهن پاڙيسري ملڪن سان دوستي جي نالي تي رانديگرن کي هارائڻو پوندو آهي ته ڪڏهن وري ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري شڪست کي منهن ڏسڻو پوندو آهي. باقي رهي صحي ڪسر جوارين ۽ سٽي بازن پوري ڪري ڇڏي آهي. عالمي سطح جي سٽي بازن جو به رانديگرن کي خريد ڪرڻ جو خبرون به اخبارن جون زينت بڻجنديون رهيون آهن. پاڪستا، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جا رانديگرن انهن سٽي بازن کان بچي ناهن سگهيا. پيسن جي لالچ ۾ ٽيمن کي هارائڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي قومي ٽيم جا رانديگر سزا به ڀوڳي چڪا آهن. هاڻ جوارين، سٽي بازن سان گڏ ڪرڪيٽ کي سياست کان به پاڪ ڪرڻو پوندو ته جئين عالمي سطح تي ٽيم جي معيار بهتر ٿي سگهي. گذريل ڏينهن پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ جهڙي طريقي سان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو اهو انتهائي خراب ۽ مايوس ڪندڙ هو. جنهن طريقي سان پاڪستاني رانديگر کيڏيا ان کان ته بهتر نئين ديري، ڪڍڻ، شهدادڪوٽ، پپري،  ڀٽائي آباد ۽ مٽياري جا ننڍڙا ٻار گهٽين ۾کيڏندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ تي آن لائن ويٺو هيس ته پاڪستان جي قيام کان اڳ سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ويڊيو ڏٺي جنهن ۾ سنڌي نوجوان تمام سٺو کيڏي رهيا هئا، ان وڊيو کي ڏسڻ بعد سوچيم ته اڄ جڏهن سنڌ پاڪستان جو حصو ٿيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ به سنڌي رانديگر ڇو نه آهي، ان جي پٺيان ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن پر ان جو جواب نه ملي سگهيو. ماضي کي ڏسي ائين پئي لڳو ته پاڪستان جي قيام سبب سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم به ختم ٿي وئي  آهي. سوچيم ته ڇا ڪڏهن ڪو سنڌي رانديگر پاڪستاني ٽيم ۾ شامل ٿيندو به جي الائي نه؟ سنڌ جي مختلف ڪاليجن، اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيترائي اهڙا سٺا ڪرڪيٽ جا رانديگر آهن جيڪي ننڍڙن ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺي پنهنجي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن پر انهن کي هن وقت تائين قومي ٽيم ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي. نه ئي انهن سنڌي رانديگرن کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ تعصب پرست ماڻهو ويٺل آهن جيڪي نٿا چاهين ته سنڌي نوجوان اڳتي اچن جنهن سبب انهن کي موقعو نه پيو ڏني . افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ نوجوان ته آهن پر ڪنهن به هڪ سنڌي رانديگر کي هن وقت تائين شامل ناهي ڪيو ويو. پاڪستان جي قيام کي 63 سال گذرڻ باوجود به هڪ به سنڌي جي قومي ٽيم ۾ شموليت نه هجن به هڪ وڏو سوال آهي ؟ ان جو جواب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏيڻو پوندو. هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي اهو تعصباڻو رويو به ختم ڪرڻو پوندو ۽ سنڌي نوجوانن کي به موقعو ڏيڻو پوندو  ته جئين سنڌي نوجوانن ۾ پيدا ٿيل مرحومي ختم ٿي سگهي.
قومي ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کان 14 رنسن سان شڪست کاڌي هئي. عمر اڪمل جهڙي طريقي سان کيڏيو، اهو به سڀني ڏٺو پر ڪپتان شاهد آفريدي به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو.  جنهن سبب پاڪستاني ٽيم کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. جنهن سبب پاڪستاني ٽيم انگلينڊ جي ڏنل 161 رنسن واري حدف  کي پورو نه ڪري سگهي ۽ 146 رنسن تي ڍير ٿي و ئي.  انگلينڊ 160 رنسون صرف 5 وڪيٽن جي نقصان تي ٺاهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستاني ٽيم جا سمورا رانديگر تمام سٺا هئا  پر ان هوندي به سٺو نه کيڏيا. انگلينڊ جي ٽيم ۾ سمورا نوان رانديگر هئا پوءِ به انهن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. ڪپتان شاهد آفريدي پاڻ به اعتراف ڪيو ته انگلينڊ جي ٽيم تمام سٺو کيڏي ۽ سندن بيٽنگ تمام خراب هئي. ٽي ٽوئينٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾  ٽاپلي ۽ پلنڪٽ 3، 3 وڪيوٽون حاصل ڪيون 7 پيري 2 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. سهيل تنوير 25، صهيب مقصود 24 ۽ عمر اڪمل 19 رنسون ٺاهيون هيون. پهرين ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ انگلينڊ جو رانديگر سيم بلنگز شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري مين آف دي ميچ رهيو. جڏهن ته ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ڪپتاني به نه ڏيکاري سگهيون ۽ هڪ به رنس نه ٺاهي ۽ آئوٽ ٿي ويو هو. انگلينڊ جي رانديگر بلنگز 53، مورگن 45 ۽ ونس 41 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا هئا. وقار يونس ميڊيا سان ڳالهائيدي پاڪستاني ٽيم تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته ٽيم تمام گهڻيون غلطيون ڪيون جنهن سبب شڪست ملي. هن چيو انگلينڊ خلاف سيريز ۾ رن آئوٽ جو وڏو مسئلو رهيون. قومي ٽومي جي ڪوچ وقار يونس اهو به چيو هو ته ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، کين تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. جڏهن ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ شروع ٿي ته شوقينن سمجهيو ته اڄ پاڪستاني رانديگر مخالف ٽيم کي ڌوئي ڇڏيندا پر ائين به نه ٿيو. پر اهو ضرور ٿيو جو آخر ۾ مقابلو تمام گهڻو دلچسپ ٿي ويو هو. ٽي ٽوئينٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ انگلينڊ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان کي 171 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. قومي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي.انگلينڊ طرفان جيمس ونسي 38 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪور رهيو جڏهن ته جوس بٽلر 33، جيسن روءِ 29، جوءِ روٽ 20 ۽ ڪرس ووڪس 15 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستاني بالر بالرز طرفان ڪپتان شاهد آفريدي 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته انور علي، 2، سهيل تنوير، وهاب رياض ۽ شعيب ملڪ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا. انگلش ٽيم طرفان ڏنل 173 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد ۽ رفعت الله جارحاني انداز ۾ شروعات ڪئي پر گهڻي دير ڪريز تي ٽڪي نه سگهيو. احمد شهزاد 28 ۽ رفعت الله 23 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته محمد حفيظ 25، شعيب ملڪ 26 ۽ ڪپتان شاهد آفريدي 24 رنسون ٺاهيون. سرفراز احمد ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو به گهڻي دير ميدان تي ٽڪي نه سگهيو ۽ 19 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. انور علي ۽ سهيل تنوير ميچ کي دلچسپ مرحلي ۾ داخل ته ڪيو پر ڪاميابي نه ڏياري سگهيا ۽ قومي ٽيم کي 3 رنسن تان شڪست کي منهن ڏسڻو پئجي ويو. انگلش بالر ليام پلنڪٽ ٽي شڪار ڪيا، جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽ عادل راشد 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. انگلٽ بالر ليام پلنڪٽ کي ٽي وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ  قرار ڏنو ويو.  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بولنگ ڪوچ مشتاق احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شڪست جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ۽ هو شڪست جو ڪو به بهانو نه ڄاڻائيندو، مينيجمينٽ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته انور علي ۽ وهاب رياض سٺو کيڏي رهيا آهن کين اڃان وڌي محنت ڪرڻ پوندي. مشتاق احمد چيو ته عمر اڪمل جي ڪارڪردگي جو جواب سليڪٽر ڏيندا، هو ان جو جواب نه ٿو ڏئي سگهي.
ٽي ٽوئينٽي سريز جي ٻن ميچن ۾ شڪست بعد پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز جي رينڪنگ ۾ ٻي نمبر کان ڇوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. جيڪا ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ٽيم جي شڪست جو بنيادي سبب ٽيم مينيجمنٽ آهي. تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن جن کي ڪرڪيٽ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي پوءِ به اهي انهن عهدن تي ويٺا جن جي غلط پاليسين سبب اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو حشر خراب ٿي رهيو آهي..هاڻ حڪومت کي گهرجي ته بورڊ ۾ ويٺل ميمبرن کي تبديل ڪري  سٺن ۽ نوجوان رانديگرن کي اڳتي آندو وڃي ته جئين ٽيم جو عالمي سطح تي معيار ٻيهر بهتر ٿي سگهي.


No comments:

Post a Comment