Pages

Thursday 17 December 2015

ڪرپشن جو راڳ ۽ رينجرز جا اجازت سان مشروط اختيار

صاحب خان ڀٽي
سنڌ جي راجڌاني شهر ڪراچي کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي. جتي ڏينهون ڏينهن ڌارين جي لوڌ وڌندندي پئي وڃي، جنهن سبب شهر جون حالتون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن. ڪراچي ۾جنهن ريت سنڌ جي تاريخي ماڳن کي مسمار ڪيو ويو ان جو به تاريخ ۾ مثال نه ملندو.  وڏي وزير سيد قائم علي  شاهه ڪجهه عرصو اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هو ڌارين کي سنڌ ۾ اندر روڪڻ جي حڪم جاري ڪن ٿا ته طاقتور ڌريون سندن حڪم کي ٿڏي ڇڏين ٿيون ۽ ڌارين کي ترسائڻ جا آرڊر جاري ڪن ٿيون.  وڏي وزير جي اهڙي بيان مان لڳي پيو ته سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ آڻڻ ۾ به اهي ڌريون ملوث آهن جيڪي نٿيون چاهين ته ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ اڪثريت سان ٿين. ڌرتي ڌڻين کي ان ڳالهه جو خيال نه هو ته هو جن کي ووٽ ڏئي رهيا آهن اهي ئي انهن ڌارين جي لوڌ جي آمد جو سبب بڻبا. ووٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ بعد اقتدار جي حوس ۾ اهو سڀ ڪجهه ويساري ڇڏيندا آهن جيڪي انهن عوام سان وچن ڪيا هئا. 1973ع کان جنهن ريت سنڌ کي خودمختيار صوبو چيو ويندو رهيو آهي ان جو اندازو هاڻوڪي رينجرز جي اختيارن مان به لڳائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن رينجرز جا پوليس وارا اختيار ختم ٿي ويا هئا تنهن وقت به رينجرز پنهنجيون ڪارروايون جاري رکيون هيون. رينجرز سنيپ چيڪن ڪري ڪيترن ئي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي به دعويٰ به ڪئي هئي پر ان وقت به ڪو به پيپلزپارٽي جو وزير  ان بابت ڳالهائڻ تيار نه هو. صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته رينجرز جيڪي ڪارروايون ڪري رهي  آهي اهي قانوني آهن،  هن اهو به چيو هو ته ڪرپشن جي ڪيسن کي اي ٽي سي عدالت کڻي مناسب ناهي. سندس موقف هو ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ و ڏو فرق آهي جنهن سبب ڪرپشن جا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نه هلايا وڃن. هن چيو ته رينجرز جي اختيارن واري مدي ۾ واڌ وارو مامرو هو اسيمبلي مان پاس ڪرائيندا. رينجرز اختيارن جي مدي ۾ واڌ وارو مامرو اڃان رولڙي جو شڪار هو ته رينجرز اهلڪارن رات جي اونداهي ۾ شهيد بشير خان قريشي جي گلشن حديد واري گهر تي چڙهائي ڪري سندس ڀاڻيجي سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.  ان مان صاف ظاهر آهي ته اختيار هجن يا نه هجن هو پنهنجيون ڪارروايون جاري رکيو پيا اچن.
رينگٽ کان پوءِ رينجرز جو رولڙي جو شڪار مامرو آخرڪار پنهنجي منزل تائين پهتو ۽ سنڌ اسميبلي رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ واري ٺهراءُ جي منظوري ڏني. فنڪشنل ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ٺهراءُ جي منظوري بعد احتجاج ڪري ٺهراءُ جون ڪاپيون به ڦاڙيون ۽ واڪ به آئوٽ ڪيو . مخالف ڌر جي احتجاج باوجود بل منظور ٿي ويو.  ٺهراءُ ۾ چيو  ويو آهي ته رينجرز ڪنهن به شڪي شخص کي حڪومت جي اجازت کانسواءِ گرفتار نه ڪري سگهندي ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي کان اڳ رينجرز وڏي وزير کان منظوري وٺندي. ٺهراءُ تحت رينجرزکي ڪنهن به سياسي شخصيت کي وڏي وزير جي اجازت کانسواءِ گرفتار ڪري نه سگهندي، دهشتگرد ۽ ڪنهن ڏوهاري جي گرفتاري تي اها شق لاڳو نه ٿيندي. ٺهراءُ جي متن موجب رينجرز چيف سيڪريٽري جي اجاز کانسواءِ ڪنهن سرڪاري آفيس تي ڇاپو نه هڻي سگهندي. ٺهراءُ ۾ رينجرز کي صرف ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني وئي ۽ فرقيواراڻي قتل عام کي روڪڻ پڻ رينجرز جي ذميواري هوندي.  ٺهراءُ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته رينجرز سنڌ ۾ هڪ سال رهندي. اهڙو ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم آخر ڪار ڪئين صبر سان ويهي ٿي سگهي انهن به واڪ آئوٽ کڻي ڪيو. مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته هو اهڙي ٺهراءُ کي نٿا مڃن. اڳوڻي وڏي وزير ارباب علام رحيم چيو  ته ڪرپشن لڪائڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو، رينجرز ڪنهن به قانون جي لتاڙ ناهي ڪئي. لياقت جتوئي چيو ته پاس ڪيل ٺهراءُ نيشنل ايڪشن پلان جي روح جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت ڪرپشن جو گهر بڻجي چڪي آهي. پاس ڪيل ٺهراءُ عوام جي به خلاف آهي.  سنڌ اسيمبلي  ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اظهار الحسن چيو ته ٺهراءُ نيشنل ايڪشن پلان خلاف آهي، رينجرز بابت ٺهراءُ ڪنهن به بحث کانسواءِ پيش ڪيو ويو. هن چيو ته ڪراچي جي امن لاءِ ضروري آهي ته رينجرز کي جيڪي اختيار ڏنل هئا اهيئ ڏيڻ گهرجن هئا. مخالف ڌر جي اڳواڻ  اظهار الحسن  چيو ته حڪومت جي اهڙي رويي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. متحده اڳواڻ سردار احمد به بل کي رد ڪندي چيو ته ٺهراءُ جون ڪاپيون کين اڳ نه ڏنيون ويون هيون. هن چيو ته پ پ هميشه مخالف ڌر تي فيصلا مڙهيا آهن. ٺهرا جو مفهوم اهو آهي ته  پ پ کي ڪجهه به نه چيو وڃي. سردار احمد چيو ته جمهوري اڄ مخالف ڌر کي گهٽو ڏنو  آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ ثابت ڪري ڇڏيو ته سندس حڪومت عوامي ناهي. پ پ ڪرپشن ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا ڪرڻ نه ڏني ويندي. فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ٺهراءُ چورن جيان پيش ڪيو ويو، جنهن ريت ٺهراءُ کي پيش ڪيو ويو اهو غيرآئيني ۽ غير قانوني هو. شهريار مهر چيو ته هو ٺهراءُ خلاف هر پليٽ فارم تي آواز اٿاريندا. هڪ طرف پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي ته ٻئي طرف ڪرپشن خلاف رينجرز جي ڪاررواين کان خوفزده به آهي. اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي هن ڀيري رينجرز جي اختيارن جي مدي ۾ واڌ وارو مامرو اسيمبلي ذريعي پاس ڪرايو.
ماضي جو جائزو وٺنداسين ته جڏهن ڪراچي آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان وقت رينجرز کي پوليس جا اختيار ڏيڻ جو وقت آيو ته ان وقت ڪنهن به پارٽي مخالفت نه ڪئي هئي ۽ هر پارٽي  طرفان اهڙي عمل جي ساراهه ڪئي وئي. جڏهن ايم ڪيو ايم جي نائن زيرو تي آپريشن ٿيو ته متحده پاران واويلا ڪئي وئي لڳي ائين پيو ته ڪا وڏي تبديلي ايندي. ان وقت جيڪو به ماڻهو گرفتار ڪيو پيو وڃي رينجرز جي اها ئي دعويٰ هوندي هئي ته ان جو تعلق راءِ سان آهي. ڪيتريون ئي جي آءِ ٽيون به ٺاهيون ويون پر انهن کي ڪهڙيون سزائون مليون ان بابت عوام هن وقت لاعلم آهي. بحرحال رينجرز جي اهڙين ڪاررواين بعد جيڪو لساني تنظيم جو جيڪو دٻ دٻوءَ هيو اهو ختم ٿيو ۽ شهرين  مان خوف ختم ٿيو اها ٽي وي چينل جيڪي ان لساني تنظيم جي چمچاگيري ۾ لڳل هوندا هئا انهن ۾ به سندن خلاف ڳالهائڻ جي همت ٿي. عدالتن جي سٺن فيصلن ۽ رينجرز جي  ڪاررواين بعد ڪراچي جي شهرين جو اعتماد بحال ٿيو. شهر ۾ امن امان جي صورتحال اڃان ايتري بحال نه ٿي هئي ته رينجرز دهشتگردن  خلاف ڪارروائي جو رخ تبديل ڪري ڪرپشن ڪندڙن خلاف موڙيو. ڪجهه ذريعن وٽان اها به ڄاڻ ملي ته شرجيل ميمڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو پر اهڙيون خبرون ميڊيا ته نه اچي سگهيون.  جنهن سبب اهو به معاملو دٻجي ويو. سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو ته رينجرز جو ڪو اختيار نه گهٽايو ويو آهي، ڪارروائي کان اڳ وڏي وزير کان پڇڻ  ۾ ڪهڙو عيب آهي؟. مولابخش چانڊيي چيو ته رينجرز وٽ جيڪي به اڳ ۾ اختيار هئا اهي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته رينجرز تي کين ڪالهه به اعتماد هو ۽ اڄ به اعتماد آهي. اختيارن جو ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس تي ڪو به اثر نه پوندو. سندس اهو به چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن دوران سياست چمڪائي وئي ۽ ادارن کي پاڻ ۾ وڙهائي جي ڪوشش ڪئي وئي.مولابخش وفاق کي معيار ڏيندي چيو ته آخر صرف سنڌ ۾ ئي ڇو ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ٻين صوبن ۾ ڇو نه پئي ڪئي وڃي.
سنڌ حڪومت جي وزيرن جي بيانن مان صاف ظاهر پيو لڳي ته هنن ڪرپشن جي حامي ڀري ورتي آهي. انهن جي بيانن مان ڪرپشن جو اعتراف به ظاهر آهي. آخر اهڙو ڪهڙو سبب آهي جو هن ڀيري پيپلزپارٽي  سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو. ڇا هن ڀيري پيپلزپارٽي کان ڪهڙي غلطي ٿي جو سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئڻ باوجود به ڪارروايون به سندن خلاف ڪيون پيون وڃن. هاڻ جڏهن رينجرز جا هٿ ڪرپشن ڪندڙن جي ڳچين ۾ پيا آهن پيپلزپارٽي جي وزيرن مان ٻيڪاٽ نڪري ويا آهن ڪجهه ته بيماري جو بهانو ڪري دبئي ۾ وڃي ويهي رهيا آهن ته ڪجهه وري ملڪ ۾ اچڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.  هاڻ ته رينجرز کي اختيار ملي ويا آهن پر ڏسڻو اهو آهي ته ڇا رينجرز ۽ طاقتور ڌريون سنڌ اسيمبلي جي ان ٺهراءُ کي قبول ڪنديون يا وري اهي ساڳيون ڪارروايون پيپلزپارٽي خلاف ڪيون وينديون.


No comments:

Post a Comment