Pages

Thursday 17 December 2015

مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ خونريزي جو خطرو

صاحب خان ڀٽي

31 آڪٽوبر تي ٿيل مڪاني ادارن واري چونڊ ڏهاڙي درازا ۾ جيڪو واقعو پيش آيو  اهو اليڪشن ڪميشن سميت سنڌ حڪومت جي وڏي نااهلي جو چٽو ثبوت هو. جيڪڏهن چونڊ ڏهاڙي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن ها ته شايد ايتريون جانيون ضايع نه ٿين ها. مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 12 جانيون ضايع ٿيون هاڻ ٻيو مرحلو به ويجهو اچي چڪو  آهي،  جيڪڏهن سيڪيورٽي جا انتظام سخت نه ڪيا ويا ته شايد هڪ دفعو ٻيهر سچل جي ڌرتي کي رت سان وهنجاريو ويندو. درازا سانحي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، درازا واقعي تي سنڌ حڪومت جو رويو به افسوس جوڳو آهي ، قاتلن جي گرفتار ڪرڻ بدران انهن کي گناهگار چيو پيو وڃي جيڪي هٿياربندن جو کاڄ بڻيا. درازا  واقعي بعد  صوبائي وزير نثار کهڙي طرفان چيو ويو هو ته درازا ۾ مارجي ويل سندن ڪارڪن آهن پر جلد هو ان بيان تان به ڦري ويو ۽  هن چيو ته سانگهڙ جا ماڻهو راڻيپور ڇا ڪرڻ آيا هئا؟ پر نثار کهڙي صاحب کي شايد اها خبر ناهي ته قاتل، قاتل ئي ٿيندو آهي، پر افسوس جو نثار کهڙي درازا سانحي پٺيان ملوث ذميوارن کي سزا ڏيارڻ بدران مارجي ويلن کي ڏوهي قرار ڏنو. نثار کهڙي جي اهڙي بيان پير پاڳاري چيو ته اک جي بدلي اک هوندي آهي ۽ هو سنڌ حڪومت جي ٿيل اڳڀرائي مان مطمئن نه آهن. جنهن بعد پيپلزپارٽي ۾ هڪ دم وڏي تبديلي آئي  ۽ وڏي وزير سيد قائم علي  شاهه پير پاڳاري سان رابطو ڪري قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي. هاڻ جڏهن ٻئي مرحلي جون سرگرميون جاري آهن ان وقت به ڪيترن ئي شهرن ۾ آزاد اميدوارن جي سرگرمين کي محدود ڪرڻ لاءِ انهن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. تازو واقعو بدين ۾ پيش آيو آهي جتي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پئي وئي ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي. جنهن  بعد رينجرز ڪارروائي ڪري حڪومتي ڌر جي چئن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ۽ بعد انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهيمده مرزا ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنءَ ۽ سندس گهر ڀاتين جي حياتين کي خطرو آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو خاطر پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجهندڙن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. فهميده مرزا چيو ته کيس ڪجهه به ٿيو ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي. اڳوڻي اسپيڪر مرزا ميڊيا کي اهو به ٻڌايو ته کين سنڌ ۾ مڪاني چونڊ بابت خدشا آهن پر هو امن واري ماحول ۾ چونڊون چاهين ٿا. فهيده مرزا چيو ته بينظير ڀٽو جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت آئي پر ان باوجود اڄ هر ادارو تباهه ٿي چڪو آهي. هو اڄ بدترين دور مان گذري رهيا آهن ۽ عوام ڪرپٽ ماڻهن کي رد ڪري ڇڏيندو. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اليڪشن ڪميشن کان به مطالبو ڪيو ته پ پ مخالف اميدوارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. بدين سميت ٻين ضلعن ۾ اهو حال آهي بس فرق ايترو آهي بدين ۾ اميدوارن کي حراسان ڪرڻ واريون خبرون رپورٽ ٿي اخبارن جون زينت بڻجي رهيون آهن. باقي ٻين ضلعن ۾ ته اميدوارن جي دانهن به ٻڌڻ وارو ڪو نه آهي اهڙيو واقعو مڪاني چونڊن جي پهرين ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن آزاد اميدوار سردار جروار تي ڪيس داخل کيس محافظن سميت گرفتار ڪيو ويو ۽  مٿس اهو دٻاءُ به وڌو ويو ته اليڪشن هٿ کڻي وڃي. سردار جروار کي عدالت ۾ به پيش ڪيو ويو جهن کي رمانڊ لاءِ پوليس حوالي به ڪيو ويو پر  سردار جروار جي راضي ٿيڻ بعد عدالتي حڪم به مٽي ۾ ملي  ويو ۽ کيس آزاد ڪيو ويو. آزاد ٿيڻ بعد سردار جروار چونڊن تان هٿ کڻي منظر عام تان گم ٿي ويو.  ان وقت به اليڪشن ڪميشن  جو نوٽيس نه وٺڻ هڪ سواليا نشان آهي. شايد ان جو جواب ڪڏهن به نه ملي. اليڪشن ڪميشن کي هاڻ عملي قدم کڻي حراسان ڪندڙ اميدوارن خلاف نوٽيس وٺڻو پوندو نه ته هڪ دفعو ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻ راڻيپور نه پر بدين آهي. جيڪڏهن سيڪيورٽي جا انتظام سخت نه ڪيا ويا ته حڪومتي ڌر جا اميدوار ۽ مرزا جي اميدوارن ۾ وڏو جهيڙو ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جي ذميوار به اليڪشن ڪميشن کي سمجهيو ويندو. 

No comments:

Post a Comment