Pages

Thursday 17 December 2015

ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ مودي کي شڪست

صاحب خان ڀٽي
ڀارت ۾ انتهاپسندي ڏينهون وڌندي پئي وڃي. شيوسينا  ۽  بي جي پي جا  حامي مسلمانن خلاف پروپيگينڊا ۾ مصروف ٿي ويا آهن جنهن سبب ڀارت ۾ مسلمانن ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت ۾ ناليواري پاڪستاني گلوڪار استاد غلام علي کي شيوسينا جي غنڊن ڪنرسٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو ۽ انهن طرفان اها ڌمڪي ڏني وئي ته هو ڪنهن به پاڪستاني کي ڀارت ۾ پروگرام ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. ڀارت ۾ انتهاپسندن  پاڪستاني گلوڪارن جو جئيڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين مجبورن ملڪ ڇڏڻو پئجي رهيو آهي. استاد غلام علي ڀارت نه وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو تيستائين ڀارت نه ويندو جيستائين حالتون بهتر ٿي نه وڃن. ان کان اڳ به شيوسينا ۽ بي جي پي جي غنڊن ڪيترن ئي پاڪستاني گلوڪارن مٿان حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالساط کي به دعوت ڏني وئي بعد انتهاپسندن جي ڌمڪين سبب کيس شرڪت کان به روڪيو ويو ۽ کيس واپس وڃڻ لاءِ چيو  ويو. اها  انتهاپسندي اتي دنگ نه ٿي ٿئي. جنهن بعد خورشيد قصوري جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ڀارتي صحافي جومنهن مس سان ڪارو ڪيو ويو تنهن  باوجود هن بهادري جو مظاهرو ڪندي مهورتي تقريب کي ملتوي ڪرڻ بدران جاري رکيو ۽ چيو ته هو ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو نه آهي. شيو سينا ۽ بي جي پي جي غنڊن جي انتهاپسندي کي هٿي ڏيرائڻ واري عمل جي ڪيترن ئي فنڪارن توڙي ڀارت جي پڙهيل لکيل طبقي به مذمت ڪئي آهي. ڀارت جي ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مودي سرڪار انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي. هنن جو اهو به خيال آهي ته صرف مسلمانن نه پر ڀارت ۾ نيچ ذات سمجهيو ويندڙ ماڻهن کي به تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي.  ڪجهه عرصو اڳ ڀارت ۾ سکن جي ڪتاب جي بي حرمتي ڪئي وئي هئي جنهن سبب ڀارت جي پنجاب ۾ سکن اندر تاءُ پکڙيل آهي. ڀارتي نجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته شيوسينا ۽  بي جي پي ماڻهن کي بنا جواز مڇرائي رهيا آهن جنهن سان ملڪ جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. هوڏانهن شيوسينا ۽ بي جي پي جي غنڊن  طرفان ناليواري اداڪار شاهه رخ خان، عامر خان ۽ ٻين فنڪارن کي پڻ پاڪستان جو ايجنٽ  قرار ڏنو ويو ۽ کين ملڪ ڇڏڻ جي به ڌمڪي ڏني وئي. بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان بيان ڏنو هو ته هن کي ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. هن اهو به چيو هو ته سندس گهر واري موجوده حالتون ڏسي ملڪ ڇڏڻ جو چيو آهي. جنهن تي مزاحيه اداڪار ۽ بي جي پي جي ڪارڪن انپم کير شاهه رخ خان کي چيو هو ته کيس جيڪي اڄ شهرت ملي آهي اها ڀارتي عوام سبب ملي آهي. انپم کير اهو به  چيو ته شاهه رخ  پنهنجي گهر واري کان پڇي ته هو ڪهڙي ملڪ ۾ رهڻ چاهي ٿي. جڏهن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسنديءَ خلاف آواز  اٿاريو تڏهن شيوسينا ۽ بي جي پي جي حامين شاهه رخ خلاف مهم هلائي  جنهن سبب کيس تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪنگ خان چيو ته ڪجهه به ٿي پئي پر هو ايوارڊ ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ڪندو.  جنهن بعد فلم انڊسٽري جي وڏن فنڪارن کانپوءِ هندستان جي مشهور صحافڻ برکا دت به شاهه رخ جي حمايت ڪئي. هن چيو ته شيوسينا ۽ بي جي پي وارا شاهه رخ خان جي لائق ئي ناهن. ناليواري ڀارتي صحافڻ ۽ اينڪر پرسن برکا دت، شاهه رخ خان جي نالي هڪ کليل خط ويب سائيٽ تي جاري ڪيو. برکا دت پنهنجي خط ۾چيو ته ٻيو يا ٽيون ڀيرو شاهه رخ خان جي انٽرويو سبب ملڪ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي. هن، شاهه رخ خان جي ساراهه ڪندي چيو ته هو جهڙي ريت کل ڀوڳ ڪندو آهي ۽ ٻين سان ڀائيچاري سان پيش ايندو آهي،اهڙو رويو سندس شعبي ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ اهي ئي ڳالهيون واکاڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته 2 سال اڳ وانکنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شاهه رخ خان جي داخلا تي پابندي مڙهي وئي ته هڪ سياستدان کيس تعصباڻي تنقيد جو نشانو بڻايو هو جنهن ريت اڄ کيس مذهب جي حوالي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. هوڏانهن ڀارتي انتهاپسند تنظيم شيو شينا انتهاپسندي جو رڪارڊ ٽوڙيندي ناليواري اداڪار عامر خان کي ٿف هڻڻ لاءِ هڪ لک روپين جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي ڪيترن ئي فنڪرن ۾ بي چيني پکڙجي وئي آهي. ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ۽ اروند ڪيجريوال به عامر خان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته  بي جي پي اڳواڻن چيو آهي ته هو عامر خان جي بيان کي رد ڪن ٿا ۽ عامر خان ڊڄي نه ٿو پر هو ماڻهن کي ڊيڄاري رهيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ۽ دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال عامر خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي بابت اهڙو بيان ڇرڪائيندڙ نه پر حقيقت پسنداڻو آهي ڀارت ۾ اهڙي صورتحال سبب مودي کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. دنيا جي هاڻ نظر ڀارت تي اچي ٽڪي آهي.ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته مودي سرڪار حڪومت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ، جنهن سبب اهڙا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن.
ڀارتي رياست گجرات جي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي پارٽي بي جي پي کي سخت ڌچڪو رسيو آهي ۽ پارٽي اڪثر سيٽون هارائي ويٺي آهي. جڏهن ته ڪانگريس کي ڪاميابي حاصل آهي. نريندر مودي سرڪار جي انتهاپسنديءَ تي ٻڌل ڪاررواين سبب ڀارتي رياست گجرات جي مڪاني چونڊن ۾ سندس پارٽي کي شڪست کي منهن ڏسڻو پيو آهي. نريندر مودي کي اها اميد هئي ته هو ڪامياب ٿي ويندو ۽ سندس شروع ڪيل انتهاپسندي واري  مهم سبب  سندس اميدوارن کي ڪاميابي ملندي، پر اهو  ان جي ابتڙ ٿيو. رياست جي مڪاني چونڊن جي جاري ٿيل نتيجن موجب ٻهراڙيءَ  وارن علائقن م ڪانگريس ڪاميابي حاصل ڪئي  آهي. جنهن مان لڳي پيو ته مودي جي سرڪار کي مستقبل ۾ تمام گهڻي شڪست ملندي. جاري ڪيل چونڊ نتيجن موجب ڪانگريس رياست جي 31 ضلعي پئنچائتن مان 22 تي ڪاميابي  حاصل ڪري ورتي آهي. 2010ع ۾ ٿيل اليڪشن کانپوءِ ڪانگريس جي هي وڏي ڪاميابي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس گجرات رياست جي 231 تعلقن ۽ بلاڪ سطح جي پئنچائتن مان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاميابي ماڻي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪاني ادارن جي اها چونڊ وزيراعليٰ آنند بين پٽيل لاءِ هڪ امتحان هئي. جنهن ۾ هوءَ مڪمل پاس نه ٿي سگهي.  مڪاني ادارن جي جاري ڪيل نتيجن موجب حڪمران بي جي پي احمد آباد سميت ڇهن ئي ميوسنپڪ ڪارپوريشنز جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته راج ڪوٽ ۾ ڪانگريس کي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي 56 مان 40 کان وڌيڪ ميونسپاليٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر ٻهراڙيءَ ۾ پارٽي کي شڪست ملي. وزيراعليٰ آنند بين موجب نتيجا بهتر آهن ۽ هوءَ خوش آهي ته پارٽي اڳواڻن جي محنت جو کين ڦل مليو. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ کين ايتري موٽ ناهي ملي جنهن هو پنهنجي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.مڪاني ادارن واري چونڊ ۾ ته عوام بي جي پي  کي مات ڏئي ڇڏي آهي پر لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ مودي ۽ سندس حامي جهڙي ريت انتهاپسندي کي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان سان ڀارت جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون. اڳ ۾ ته صرف مسلمان طالبان مشهور هئا پر هاڻ ته دنيا ۾ هندو طالبان به سامهون اچي ويا آهن جيڪي بندوق جي زور تي طالبان جهڙو رويو اختيار ڪري رهيا آهن. جيڪي چاهين ٿا سندن اشارن تي ڪم هلي. جيڪڏهن ڀارت ۾ انتهاپسندي کي نه روڪيو ويو ته  تمام گهڻو جاني نقصان ٿيندو. مودي سرڪار اقتدار جي لالچ ۾ جهڙي نموني سان مذهبي جهڳڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ اهڙي باهه ٻرندي جيڪا ڀارت لاءِ وسائڻ تمام گهڻو مشڪل هوندي.


No comments:

Post a Comment