Pages

Thursday 17 December 2015

وفاق ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون ...!!!

صاحب خان ڀٽي
رينجرز گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي ۾ موجود آهي پر امن امان جي صورتحال بهتر ان وقت ٿي جڏهن کين پوليس جا اختيار ڏنا ويا. رينجرز  پوليس جا اختيار ملڻ بعد ئي شهر ۾ ڪارروايون ڪيون ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن سان گڏ سياسي جماعتن جي دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو. اهي ڌريون جيڪي ڪراچي ۾ مينڊيٽ جي ڳالهه ڪنديون هيون انهن جا به رينجرز ڪيترائي دهشتگرد گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيا. رينجرز نائن زيرو تي به آپريشن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ۽ چيو ته انهن جو تعلق سياسي جماعت سان آهي. رينجرز دعويٰ ڪئي هئي ته نائن زيرو مان نيٽو جا هٿيار هٿ آيا آهن پر  ايم ڪيو ايم طرفان اهڙي دعويٰ کي رد ڪيو ويو هو. رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترين ئي پارٽين جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته انهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان آهي ۽ اهي راءِ جي لاءِ ڪم ڪندا آهن مطلب ته راءِ جا ايجنٽ آهن. جيڪڏهن رينجرز وٽ ايترا ثبوت آهن ته پوءِ انهن جي سرپرست، سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ڪئي وڃي. بهرحال رينجر جيڪي به هن  وقت ڪارروايون ڪيون آهن ان سان شهر ۾ امن امان جي فضا قائم ٿي آهي۽ شهرين سک جو ساهه کنيو آهي. امن امان جي صورتحال بهتر هئڻ سبب ڪراچي ۾ ڪاروباري ماڻهن کي به فائدو پهتو  آهي جنهن سبب واپاري جي اها خواهش آهي ته رينجرز شهر ۾ رهي ته جئين اهي ڀتا خور ۽ دهشتگرد وري شهر جون حالتون خراب نه ڪن. هاڻ جڏهن رينجرز جي اختيارن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي ته رينجرز به ڪارروايون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب هڪ دفعو ٻيهر شهرين ۾ بي چيني پيدا ٿي وئي آهي.جڏهن شهر ۾ رينجرز امن قائم ڪرايو ته عوام جو اعتماد سيڪيورٽي ادارن وڌيو ۽ هاڻ انهن کي اهو ئي خدشو آهي ته جيڪڏهن شهر مان رينجرز هلي ويندي ته ٻيهر حالتون خراب ٿي وينديون.  
رينجرز جي اختيارن واري معاملي سبب وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختلاف وڌي ويا، جنهن سبب وفاق ۽ سنڌ جي نمائندن پاران بيان ڏنا ويا. چوڌري نثار طرفان سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي وئي. چوڌري نثار پاران سنڌ حڪومت کي اها به ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت طرفان الزام بند نه ٿيا ته هو ڊاڪٽر عاصم جو وڊيو بيان  عوام آڏو آڻيندو.  وفاقي گهرو  وزير چيو ته هاڻ گهڻو ٿي چڪو، سنڌ حڪومت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، وفاق وٽ آئيني ۽ قانوني آپشنز موجود آهن. چوڌري نثار چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ ۽ وفاقي حڪومت جي قانون هيٺ آهي. هن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ناڪاري يلغار سامهون رينجرز کي بي يارو مددگار نه ڇڏيندو . چوڌري نثار چيو ته رينجرز کي اختيار نه ڏيڻ دهشتگردن جو حوصلو وڌائڻ جي برابر آهي، رينجرز کي اختيار نه ڏئي ڪنهن کي پيغام ڏنو پيو وڃي. سندس اهو به چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن کي هڪ شخص جي مفاد جي ور نه چاڙهيو وڃي، رينجرز وارا ڳالهائڻ تي آيا ته سڄي قوم ساڻن گڏ هوندي. هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر خوف وارو ماحول پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويندو، رينجرز جا ڪي به سياسي ارادا ناهن، اها ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم پئي ڪري. چوڌري نثار چيو ته ڪجهه ڌريون ڪراچي آپريشن کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن صوبائي حڪومت کي آپريشن ناهي هلائڻو ته اسان کي ان تي ڪو اعتراض ناهي. صوبائي حڪومت ٻڌائي حالتون درست ڪندي ته رينجرز کي بيرڪ ۾ اماڻي ڇڏيون. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي مڪمل سهڪار فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته جنهن جي ڪارڪردگي ناهي هوندي، اهي بيان بازي ڪندا آهن، جيڪڏهن صوبي کي اعتراض آهي ته گڏجاڻين ۾ اظهار ڪري بيان بازي نه ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪراچي آپريشن ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي شروع ڪيو ويو، رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن تي سڀ متفق هئا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار 28 آگسٽ تي بيان ڏنو ته حالتون خراب آهن، ڪراچي کي فوج حوالي ڪيو وڃي. چوڌري نثار چيو ته پاڪ فوج جي جوانن کي ڪراچي جي گهٽين ۾ نٿو بيهاري سگهجي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، ڪراچي آپريشن دهشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن خلاف شروع ڪيو ويو.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان بعد مولا بخش چانڊيو به ميدان لهي و يو ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهن. رينجرز جي اختيارن وارو معاملو آئيني آهي، ان ڪري اسيمبلي کڻي ويا. مولا بخش چيو ته اميد آهي ته رينجرز جي اختيارن وارو معاملو سومر تائين حل ٿي ويندو ۽ هو ڪراچي آپريشن جي رستي ۾ رنڊڪ نٿا وجهڻ چاهين،  آپريشن جاري رهندو. هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته رينجرز کي آپريشن لاءِ اختيار سنڌ سرڪار ڏنا هئا، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪاررواين جا نتيجا هاڪاري نڪتا . هن چيو ته چوڌري نثار رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي احتياط کان ڪم وٺي. چوڌري نثار علي پنهنجي پارٽي جا مفاد ڏسندو . رينجرز کي سنڌ سرڪار ئي گهرايو  آهي. مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪراچي ۾ امن امان ضروري آهي، رينجرز آئيني طور آئي آهي، پوليس سان آئيني طور ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته سنڌ جون سياسي پارٽيون آپريشن جي حق ۾ آهن، جن ادارن کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت جي حدون ناهن، اهي ان کي ڪيئن ٿا ڏسي سگهن. اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته پ پ جي حڪومت مدو پورو ڪندي، چوڌري نثار جي ڌمڪي کان ڪنهن به صورت ۾ نه ڊڄندا. چوڌري نثار ۽ مولا بخش چوڌري جي بيان بعد تجزيه نگارن ۽ سياستدانن جا مختلف موقف سامهون آيا. حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي حق ۾ آهن. هن چيو ته فوج ۽ وفاق جيڪو به فيصلو ڪندا، اکيون بند ڪري ان فيصلي جي حمايت ڪئي ويندي. پير پاڳاري چيو ته رينجرز کي هٽائي سنڌ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ ڪرپشن انتها تي پهچي چڪي آهي. هن چيو ته ڪرپشن جو پيسو دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي * حرن جي روحاني  پيشوا پير پاڳاري چيو ته رينجرز پاران ڪرپشن خلاف ڪارروائي تي عام ماڻهو خوش آهي. پرويز رشيد به ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي آپريشن کي سڀني جي حمايت حاصل آهي.  ڪراچي ۾ امن جي ڪوششن ۾ ڪو به رنڊڪ نه وجهندو . هن چيو ته نيب پنهنجي ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهي، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيند. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته رينجرز بابت معاملي کي سنڌ نه پر وفاقي حڪومت تڪراري بڻايو آهي، کين ڊيڄاريو نه وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن چوڌري نثار وٽ ڪي ثبوت آهن ته ڀلي سامهون آڻي. چوڌري نثار جي ان ڌمڪي بعد سنڌ حڪومت کي الائي ڇا ٿي ويو جو هنن سومر جو آسرو ته ڏئي ڇڏيو شايد هاڻ سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏئي ڇڏي. پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته ڪراچي جي شهرين جي اها ئي خواهش آهي ته رينجرز شهر ۾ موجود هجي ۽ ڪرپٽ ڪامورن ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائي.


No comments:

Post a Comment