Pages

Thursday 17 December 2015

سربراهه تي ڪيس داخل، ڪارڪنن جون خوشي ۾ جهمريون

صاحب خان ڀٽي
مڪاني چونڊن جي ٽئين ۽  آخري مرحلي ۾ سنڌ جي راجڌاني ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ چونڊون ڪرايو ويون جنهن ۾ ميئر لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار وسيم اختر ڪاميابي ماڻي. مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ جي اميدوارن کي اڪثريت ۾ڪاميابي ملي. مڪاني چونڊن جو پولنگ عمل صبح ساڍي 7 وڳي کان شروع ٿيو جيڪو بنا وقفي شام ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهيو.چونڊ عمل دوران ڪيترن ئي پولنگن تي مختلف پارٽين ۾ ڏند چڪ به ٿيا. اڪثر هنڌن تي ته جهيڙا ڏٺا ويا. جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. اليڪشن ڪميشن طرفان شڪايتن لاءِ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو هو، جنهن کي صبح سوير ئي پهرين شڪايت ملير جي يوسي 6 مان ملي ، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا. جئين جئين چونڊن جو وقت گذري رهيو هو ته مختلف پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن چونڊن جي ڪمن ۾ تمام گهڻو رڌل هئا. ان وقت خانگي ٽي وي چنلن تي هڪ بريڪنگ نيوز هلي ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف پاڪستان ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بعد  لڳي پيو  ته شهر جون حالتون خراب ٿي وينديون ۽ چونڊ عمل به متاثر ٿي ويندو پر ائين نه ٿيو تنهن باوجود شهرين ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل نظر آيو. ڪجهه دير لاءِ ته ڪراچي جا روڊ رستا به ويران ٿي ويا هئا. لڳي ائين رهيو هو ته شايد شام ڪجهه ٿي ويندو . ڇو ته ماضي ۾ جنهن ريت ڪراچي جون حالتون خراب ٿينديون رهيون  آهن انهن کي وساري نٿو سگهجي. بحرحال هڪ طرف ايم ڪيو ايم سربراهه تي ڪيس داخل ڪيو ويو ته ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي رهيا  هئا جن جي ڪاميابي تي ڪارڪنن پاران جناح گرائونڊ تي جشن به ڪيو  ويو ۽ ڪاميابي جي خوشي ۾ مٺايون به ورهايو  ويون. جنهن مهل ايم ڪيو ايم جا اميدوار ۽ ڪارڪن چونڊن ۾ مصروف هئا ته ان وقت ايف آءِ اي عمران فاروق قتل ڪيس ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين  خلاف داخل ڪرايو ، ڪيس ۾ محمد انور، افتخار حسين، معظم علي ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف عمران فاروق قتل ڪيس داخل ڪيو. ڪيس ۾ متحده جي اهم اڳواڻ محمد انور، افختار حسين، معظم علي، ڪاشف خان، محسن سيد ۽ خالد شميم کي به نامزد ڪيو ويو. ايف آءِ اي طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ قتل جي سازش سميت سنگين الزام هنيا ويا. ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، محمد انور، افختار حسين ۽ معظم علي تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن لاءِ برطانوي حڪومت کي باضابطه طور درخواست پڻ ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين سميت نامزد ٿيل جوابدارن کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ڏني وڃي. درخواست ۾ برطانيا کان جاچ مواد جي فراهمي ۽ عمران فاروق جي بيوهه کان پڇا ڳاڇا جي اجازت جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب برطانيا پاڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ايندڙ هفتي پاڪستاني جاچ ٽيم اسڪاٽ ليڊ يارڊ جو دورو  ڪري سگهي ٿي. ذريعن وٽان اها به ڄاڻ آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه پاڪستاني شهريت نه ڇڏي آهي تنهن ڪري سندس حوالگي لاءِ انٽرپول کان مدد ورتي ويندي. اسڪاٽ لينڊ يارڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت کين عمران فاروق قتل ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪافي وقت اڳ آگاهه ڪري ڇڏيو هو. برطانوي پوليس جي ترجمان  موجب عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدارن  کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اسڪاٽ لينڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پر عزم آهن. جلد اصل جوابدارن جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو. هوڏانهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران  فاروق جي گهر واري  شمائلا عمران سان به رابطو ڪيو آهي ۽ ايندڙ هفتي سندس بيان قلمبند ٿيڻ جو امڪان آهي. برطانوي پوليس 5 سال گذرڻ  باوجود  هڪ ڪيس کي اڪلائي نه سگهي آهي ته ڇا پاڪستان ان عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدرن جي قاتلن کي سزا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. هي ته ان شخص جو قتل ڪيس آهي جيڪو برطانيا ۾ قتل ٿيو آهي ته ان جا قاتل پاڪستان ڪئين گرفتار ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي هن وقت تائين سزا ناهي ملي سگهي ته پوءِ عمران فاروق جيڪو برطانيا ۾ قتل ٿيو ته ان جي جوابدارن کي سزا ڪٿان ملندي.  سڀني کي خبر آهي ته برطانيا 5 سال گذرڻ باوجود عمران فاروق قتل ڪيس جي جوابدارن کي سزا ناهي ڏياري سگهيو نه ئي مني لانڊرنگ ڪيس هن وقت تائين حل ٿي سگهيو آهي. جنهن رفتاري سان جاچ هلي رهي آهي ته ان مان لڳي ٿو ڪجهه سياسي مصلحيتن سبب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪارڪنن سوڳ ڪرڻ بدران ڪاميابي تي جشن به ملهايو. بحرحال ايم ڪيو ايم هن ڀيري ٻيهر ڪراچي جي اڪثر سيٽن کي ٻهاري ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، شايد هن ڀيري به ميئر به ايم ڪيو ايم جو هوندو.  
مڪاني چونڊن ۾ ملير ضلعي ڪائونسل جي 32 يونين ڪائونسلن مان 14 تي پ پ ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته عوامي اتحاد کي صرف 7 يوسيز تي سوڀ حاصل ٿي. يوسي 22 گلشن حديد تي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي مير عباس ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار نثار شر کي صرف هڪ هزار ووٽ مليا. يوسي چيئرمين لاءِ رائو صفدر ڪامياب ٿيو. يونين ڪائونسل ريڙهي تي ضلعي ڪائونسل لاءِ پ پ اميدوار رفيق دائود جت ڪاميابي ماڻي جڏهن ته يوسي چشما تي پ پ اميدوار نظير ڀٽو ڪاميابي حاصل ڪئي. ملير ڊسٽرڪٽ ميونسيپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي 13 ڀٽائي آباد مان پ پ جي چيئرمين لاءِ اميدوار اي ڊي سومري 3280 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. ايم ڪيو ايم 209 سيٽن  تي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. کوڙ سارا چونڊ نتيجا روڪيا  به ويا. لياري ۾ پيلزپارٽي کي عبرتناڪ شڪست نصيب ٿي آهي. سڀ کان وڏي اهم ڳالهه اها ته جئين سوچيو ويو هو ته ڪراچي ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون پر هن ڀيري اهو نه ٿيو. سيڪيورٽي جا انتظام سخت هئڻ سبب امن امان جي صورتحال بهتر رهي ۽ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد رينجرز، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌايون به ڏنيون ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ امن امان جي صورتحال کي ساراهيو آهي. هاڻ صرف ڏسڻو آهي ته هڪ ٻين ڏينهن اندر ايم ڪيو ايم جي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي ۽ شهر جون حالتون ڪهڙي طرف وينديون.

No comments:

Post a Comment