Pages

Thursday 17 December 2015

ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ هڪ فعو ٻيهر قائم..!!

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان امن امان جي صورتحال سيڪيورٽي ادارن لاءِ هڪ وڏو چئلنج بڻيل آهي. ڪراچي تي قبضو ڪرڻ سان گڏو گڏ ان کي ڌار ڪرڻ جون سازشون ته ضياءَ الحق جي دور کان شروع ٿيون هيون جيڪي اڄ به جاري ساري آهن. ڪراچي تي قبضي جي جنگ هاڻ ڪٿي دنگ ٿيندي ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو . شايد انهن ڌرين کي اها خبر ناهي ته سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي يا خبر هوندي به اهي اڻ ڄاڻ ٿي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن.  عربن کان ويندي برطانيا جي به اها ئي خواهش رهي آهي ته سنڌ تي قبضو ڪيو وڃي ۽ انهن جو ئي حڪم هلي. جيڪڏهن ان ڊوڙ ۾ آمريڪا کي به شامل ڪجي ته پوءِ  ان ۾ به ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي گذريل 5 سالن واري دور ۾ جيتري ٽارگيٽ ڪلنگ ڪراچي ۾ ٿي شايد ايتري دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ نه ٿي هجي. مشرف جي دور ۾ به 12 مئي تي دهشتگردن پنهنجي طاقت جو مڪمل مظاهرو ڪيو هو، جنهن ڪيترن ئي پارٽين جا ڪارڪن ۽ عام شهري مارجي ويا هئا. جن خلاف اڄ تائين به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي. سيڪيورٽي ادارن جون رپورٽون آهن ته بلديا فيڪٽري کي باهه ڏني وئي ان جو سبب ڀتو ٻڌايو ويو. روز ڪراچي مان گرفتاريون ٿي رهيون آهن پر امن جي صورتحال ۾ ڪا به بهتري نه  آئي آهي. طاقتور ڌرين جي اها دعويٰ رهي آهي ته ملڪ ۾ 90 سيڪڙو امن قائم ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ملڪ اندر 90 سيڪڙو امن قائم ٿي چڪو آهي ته شايد جيڪو 10 سيڪڙو امن ناهي ٿيو اهو ڪراچي ئي آهي.وزيراعظم نوازشريف چيو ته ڪراچي آپريشن هر صورت ۾ جاري رکيو ويندو، هي آپريشن ڪنهن به هڪ پارٽي خلاف نه پر ڏوهارين خلاف آهي. هڪ سياسي ڌر هميشه اهي دانهون ڪندي رهي آهي ته آپريشن انهن خلاف ٿي رهيو آهي. وزيراعظم نوازشريف ڪراچي جي دوري دوران چيو هو ته هاڻ ڪراچي جو عوام سک جو ساهه کڻندو ڇو ته ڪافي حد تائين امن قائم ٿي چڪو آهي. ان وقت ئي رينجرز ترجمان چيو هو ڏوهارين جو ڪنهن به جماعت سان تعلق هجي انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. رينجرز جي ڪاررواين بعد شهر ۾ امن ته قائم ٿيو پر  خوف جي فزا اڃان به برقرار آهي. ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري نيٽو جا هٿيار هٿ ڪرڻ جي بعد دعويٰ ڪئي هئي ۽ اهي هٿيار ميڊيا آڏو به ڏيکاريا ويا هئا.رينجرز جي ڪاررواين ۾ گرفتار ڏوهارين مان اڪثر جو تعلق راءِ سان به ٻڌايو ويو هو پر انهن  خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي اها ميڊيا تي هن وقت تائين اچي نه سگهي آهي. رينجرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ۾ فطري ۽ کلن رقم دهشتگردي خلاف استعمال ڪئي ويندي آهي جنهن سبب سياسي تنظيمن تي فطري ۽ زڪوات وٺڻ تي پابندي لڳائي وڃي پر ان تي عمل جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي.
ڪجهه ڏينهن امن قائم رهڻ بعد هاڻ شهرين هڪ دفعو ٻيهر اهو ئي گولين جو آواز  ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جون خبرون پڙهڻ ملي رهيون آهن هن ڀيري ٿوري تبديلي به آئي آهي اڳ ۾ عام شهري مارجي رهيا هاڻ ته دهشتگردن جي نشاني تي سيڪيورٽي اهلڪار به آهن.  گذريل هڪ ٻه ڏينهن اڳ  ڪراچي ۾  رينجرز جي 4 اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ دهشتگردن صحافين ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي به نشانو بڻايو هو. دهشتگردي پٺيان ڪهڙي جماعت يا گروهه ملوث آهي ان بابت هن وقت تائين ڪو به ڳجهو ادارو درست ڪارروائي نه ڪري سگهيو آهي. هڪ ته شهرين کي مهنگائي چيلهه چٻِي ڪري ڇڏي  آهي ته ٻي پاسي بدامني سبب ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي.  گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي جا شهري امن لاءِ ترسي رهيا آهن هاڻ هو امن چاهين ٿا. هن شهر تي قبضي ڪرڻ جي لالچ ۾ دهشتگرد ڪڏهن مذهبي ۽ فرقيواراڻا جهڳڙا ڪرائن ٿا ته ڪڏهن وري انهن کي قوميت تي وڙهايو وڃي ٿو جنهن سبب پرڏيهي سيڙپڪار هتي ڪاروبار ڪرڻ بدران لاهور يا اسلام آباد  هليا وڃن ٿا.
مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو ويجهو ايندي ڪراچي ۾ هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن کي کليل ڇڏيو ويو آهي جو ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ٻين وارداتن ۾ اضافو ٿي چڪو آهي. دهشتگردن سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائي الائي جو ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. وزيراعظم نوازشريف ۽ جنرل راحيل شريف چونڊن کان اڳ ڪراچي جي امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه آندو ته پوءِ ڪراچي ۾ چونڊن ڏهاڙي رت جي هولي کيڏي ويندي ۽ اهي دهشتگرد جيڪي  هاڻ ڇڪا هڻي رهيا آهن ان ڏهاڙي سينچريون هڻندا. انهن دهشتگردن هٿان ڪيترائي معصوم شهري پنهنجيون جانيون وڃائي ويهندا. چونڊون شفاف هجن يا نه ان سان ڪو به فرق نه پوندو ڇو ته مفهامت جي نالي فيصلا اڳ ٿي چڪا هوندا. جنهن پارٽي جو ميڊيٽ جيترو هوندو اهو ان کي ملي ويندو پر جيڪڏهن ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون ته وڏي خونريزي ٿيندي. شايد اهو ئي سبب آهي جو دهشتگرد ڪراچي عام شهرين سان گڏ سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪري اهو پيغام ڏيارڻ چاهين ٿا ته کين نه روڪيو وڃي. هاڻ جڏهن ڪراچي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به شهيد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ته سول حڪومت ۽ عسڪري قيادت کي گهرجي ته ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ڇٿڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ڇو ته هاڻ دهشتگردن  سيڪيورٽي ادارن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. جيڪڏهن انهن کي هن وقت جواب نه ڏنو ويو ته هو ويتر مضبوط ٿي ويندا. سيڪيورٽي ادارن جي به ذميواري آهي ته بغير ڪنهن سياسي دٻاءُ جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جئين شهر ۾ امن قائم ٿئي ۽ شهري سک جو ساهه کڻي سگهن. شهرين شروعات کان ئي صرف امن جا خواهشمند رهيا پر امن شايد انهن جي قسمت ۾ به لکيل آهي يا نه ؟ ان بابت صرف جواب سول حڪومت عسڪري قيادت ئي ڏئي سگهي ٿي. ڪراچي کي معاشي حب چيو ويندو آهي پر اتي به امن قائم نه آهي ته پوءِ آخر ملڪ ڪئين ترقي ڪندو؟  ڪراچي ۾ ضرب عضب جهڙو آپريشن شروع ڪرڻ گهرجي ۽ دهشتگردن کي ڀڄڻ جا سمورا رستا بند ڪيا وڃن ته جئين کين لڪڻ جي جڳهه به نه ملي. عسڪري قيادت کي دهشتگردن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جن جي اشارن تي دهشتگرد ڀتاخوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري رهيا آهن پوءِ شهر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رهي سگهي ٿي. ماضي ۾ جهڙو ڪراچي سان حشر ٿيو اهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا.


No comments:

Post a Comment