Pages

Thursday 17 December 2015

لياقت علي خان کان ويندي موجوده دور جي ڪرپشن...!!!

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ جهڙي ريت ڦرلٽ ٿي رهي آهي ان جو ڪاٿو لڳائڻ ناممڪن آهي. سنڌ ۾ ڪوئلو، گئس ۽ ٻين معدنيات مان وفاق جيڪو سنڌ کي موٽ ۾ ڏئي رهيو آهي اهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي پهتل آهي. رهيل ڪسر سنڌ جي وزيرن ۽ مشيرن پوري ڪري ڇڏي آهي. پ پ جي گذريل 5 پنجن سالن واري دور ۾ نوجوانن کان جهڙي ريت پئسا وٺي نوڪرين جو ڏٽو ڏنو  ويو اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي. استادن کان پئسا وٺي نوڪريون ته ڏنيون ويون پر انهن کي پگهارون نه ملي سگهيو. ٻن ٽن سالن بعد انهن کي اهو چيو و يو ته هنن جي ڀرتي غير قانوني آهي. مجبورن استادن احتجاج جو دڳ اختيار ڪيو پر ان مان به کين ڪجهه نه وريو. صرف تعليم جي کاتي نه پر اهو ڪو به کاتو نه بچيل هو جتي ماڻهن کي ڏٽا ڏئي پئسا نه ورتا ويا هجن. استادن احتجاج دوران ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو هو ته هنن هڪ حڪومت ڌر جي اڳواڻ کي پئسا ڏنا پر کين نوڪريون نه ڏنيون ويون. جڏهن 2013ع ۾ چونڊون ٿيون ته نواز ليگ اڪثريت سان کٽي اقتدار ۾ آئي. ڪجهه عرصي بعد جنهن طريقي سان نيب ڪرپٽ ڪامورن جي ڳچين ۾ هٿ وڌا ته حڪومت ۾ ويٺل وزيرن جون ڪيهون نڪرڻ شروع ٿيون ۽ ميڊيا تي به اهي ٻيڪاٽ هئا ته سندن خلاف ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. نيب جي کنيل قدمن کي ساڃاهه وندن ۽ شهرين تمام گهڻو ساراهيو.۽ سنڌ جي استادن کي به اها اميد ٿي ته شايد اڳوڻي تعليم واري وزير خلاف ڪارروائي ٿيندي جنهن کائن پئسا ورتا هئا. جئين نيب  جون ڪارروايون شروع ٿيون ته حڪومت ڌر جا اهم اڳواڻ ملڪ مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اڪثر ڪاموررن ته بيماري جو بهانو بڻائي ٻاهرين ملڪن جو رخ ڪيو ته وري ڪجهه ڪامورن مختلف بهانا ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪي هن وقت تائين ڏيهه ناهن اچي سگهيا. رينجرز کي جڏهن اختيار مليا ته ان به نيب کان متاثر ٿي ڪرپشن ڪندڙن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ۽ ڪجهه حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن کي گرفتار به ڪيو.  جنهن تي وڏو شور  به مچايو ويو. جڏهن رينجرز جي اختيارن جو مدو پورو ٿيو ته وڏي وزير مدي جي واڌ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته رينجرز کي اختيار ڏيڻ بابت اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي جڏهن هدايت ملي ته هن به طوطي وانگر ڳالهائڻ شروع ڪيو . وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيڪو خاموش طبيعت جو ماڻهو آهي هن پنهنجي نرم لهجي ۾ چيو ته رينجرز کي اختيار ڀتاخورن، دهشتگردن  خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏنو پر هنن ڪرپشن ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي جيڪا درست نه آهي ڇو ته سنڌ ۾ پنج ادارا اڳ ئي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. سيد قائم علي شاهه اها به معيار ڏني ته وفاقي ايجنسيون  سنڌ تي حملا ڪري رهي آهي سائين کي ته هاڻ اهي حملا نظر اچي رهيا آهن . هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته هنن رينجرز کي دهشت گردي جي خاتمي وارا اختيار ڏنا پر رينجرز حدون اورانگهيندي ۽ ڪرپشن جي خاتمي واري عمل ۾ به پنهنجي ڄنگهه اٽڪائي آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي ادارو هوندي ايف آءِ اي کي صوبائي حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت جو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن وفاق سميت ٻين صوبن مان ڪرپشن ختم ڪئي وئي  آهي ته پوءِ وفاقي ادارا ڀلي سنڌ ۾ اچي ڪارروايون ڪن. وڏي وزير سيد قائم  علي شاهه ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۽ انڪوائريز پاران عالمي ڏهاڙي تي وزير اعليٰ هائوس ۾ رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته هي ڪرپشن پراڻي ناهي. لياقت علي خان جي دورن کان ڪرپشن هلندي پئي اچي جيڪا گهٽ ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته رينجرز کي ڀتي خوري، ٽارگيٽ ۽ دهشتگردي سميت چار سبجيڪٽ ڏنا پر هنن اختيارن جون حدون اورانگهيندي صوبي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪئي ۽ ظلم جي حد اها آهي جو ايف آءِ اي جنهن جو نالو ئي وفاق سان شروع ٿئي ٿو پنهنجو مينڊيٽ ڇڏي سنڌ صوبي جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ايف آءِ اي کي مداخلت جو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، هو به چاهين ٿا ته ڪرپشن ختم ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته  هنن جي حڪومت عوام ۽ صوبي آڏو جوابده آهي. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن زندگي جا چاليهه سال سياست کي ڏنا پر اڄ ڪلهه سياست ۾ اچڻ لاءِ هر ڪو شارٽ ڪٽ ڳولي ٿو ۽ جيڪي ڪلهه آيا اهي اڄ مالدار بڻجي ويٺا آهن. قائم علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته غربت جي واڌ جو سبب ملڪ ۾ آمريت جو اچڻ آهي ۽ ماڻهو مفادن خاطر  گهر ڇڏي بنگلا ٺاهڻ لاءِ سياست ۾ اچي ويا. سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته آمر جنرل ضياءُ الحق ڪرپشن جو ڳڙهه ۽ ايوب خان جي مارشل لا ڪرپشن جي شروعات هئي. سمجهه کان ٻاهر آهي ته سيد قائم علي شاهه کي لياقت علي خان جو دور اڄ ڪئين ياد آيو، هاڻ ته منهنجي به دل چيو ته بزرگن کان معلوم ڪيا ته واقعي لياقت علي خان جي دور ڪا ڪرپشن ٿئي هئي يا نه ؟. بهرحال ماضي کي ويساري حال ۾ هلڻ گهرجي. قائم علي شاهه جي ان بيان ته هڪ بحث شروع ڪري ڇڏيو ايم ڪيو ايم اڳواڻ  نديم نصرت چيو ته  وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ جواز پيش ڪري رهيو  آهي، لياقت علي خان جي دور ۾ ڪا به ڪرپشن نه ٿئي  هئي. هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ته  لياقت علي خان جي دور جي ڪرپشن واري بيان جي مذمت ڪندي چيو ته وڏي وزير جو بيان نفرت جي عڪاسي ڪري ٿو. لياقت علي خان پنهنجي دور ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري جا رڪارڊ قائم ڪيا  هئا. هاڻ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ متحده اڳواڻ نديم نصرت جو فيصلو ڪير ڪندو ته ڪير صحيح ڪير غلط آهي اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن ان ۾ رينجرز کي اختيار ملندا يا  وري حڪومت اختيارن ۾ ترميم ڪري اهڙا اختيار ڏي جنهن سان ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو به مقصد اهو ئي آهي ته رينجرز ڪرپشن خلاف ڪارروائي نه ڪري. ٻئي ڳالهه ته ايم ڪيو ايم هن بيان ڏئي رهي آهي ته رينجرز کي فوري طور اختيار ڏنا وڃن. ماضي ۾ اها ئي متحده هئي جيڪا رينجرز خلاف بيان ڏيندي هئي ۽ چوندي ته سندن ڪارڪنن کي رينجرز وارا بنا جواز  گرفتار ڪري رهيا آهن. هاڻ اهائي ايم ڪيو ايم آهي جيڪا چئي رهي آهي ته رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن پر سنڌ حڪومت هن وقت تائين فيصلو نه ڪري سگهي آهي. جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا هاڻ اهي وري پنهنجن ٻرن مان نڪري آيا آهن، هاڻ وري لڳي ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر ڪرپشن جو جن بوتل مان نڪري ايندو ۽ وري شهري ڪرپشن جهڙي لعنت جي ور چڙهي ويندا. نيب جي ڪاررواين سبب جيڪي ڪرپٽ ڪامورن ۾ خوف پيدا ٿيو هو لڳي ٿو ته اهو به ختم ٿي ويندو.

No comments:

Post a Comment